لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس، پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو آهي. هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي.
هن ڪتاب کي عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم ڦلومل ميگهواڙ ڪيو آهي جڏهن ته نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي.
Title Cover of book سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

۴.۲.۲ پدلوپ (لفظن جو حذف ڪرڻ):

ٿور-اکرائي پهاڪن جي مکيه خاصيت آهي. ان جو مطلب آهي ته ٿورن لفظن جي استعمال سان گهڻو مطلب ظاهر ڪرڻ سان به بيان جي حوالي مان پورو مطلب ظاهر ٿي ويندو آهي. جيئن ته، اچُ، کاءُ، ۾ اسين ڳالهائڻ ۾ فاعل جو استعمال نه ڪندا آهيو. ”ممبئي ڪڏهن ويندا“؟ ”مان سڀاڻي ممبئيءَ ويندس.“ اِن سڄي جملي چوڻ جي ضرورت نه آهي. فقط هڪ لفظ ’سڀاڻي‘ چوڻ سان ئي مڪالمي جي ذريعي سمورو مطلب ظاهر ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته روزاني ڳالھ ٻولھ جي ٻوليءَ ۾ اِن ريت ڳالهائڻ پاڻ وڌيڪ سُڀاويڪ آهي. ان ريت پهاڪا به گهٽ ۾ گهٽ لفظن جو استعمال ڪرڻ سان گهڻي ۾ گهڻي معنيٰ جو اظهار ڪن ٿا.
پهاڪن ۾ جدا جدا لفظن جي حذف ڪرڻ جا ڪجھ مثال هن ريت آهن.
(الف) فاعل کي حذف ڪرڻ:
- چونڊيدي چور، وڃي پيا ککڙين.
(هوُ ٻير چونڊڻ لڳا، ٻير ته ڪين ملين، پر فقط ککرا هٿ لڳن).
- اُٺ نه پُڄي، ٻورن هڻي لتون.
(جت اُٺ تي مال جا ڀريل ٻورا رکي اُنهن تي پاڻ چڙهي ويٺو. اُٺ کي کي هڪلڻ يا تڪڙو هلائڻ لاءِ هُن کي لتون هڻڻ لڳو، پر سندس پير ته اُٺ تائين ڪين پهتا، هوُ ٻورن کي ئي لتون هڻندو رهيو. جڏهن ڪو هڪ جا ساڙ ٻئي مان ڪڍي، تڏهن ائين چئبو آهي).
- اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رَڇ.
(مينهون اڃا جهنگ ۾ ئي آهن، ته ميهارن ٿانوَ صاف ڪري کير ڏُهڻ لاءِ تيار ڪري رکيا آهن. مطلب ته اڳي ئي پيا تيارون ڪن. هتي ’ميهارن‘ يا ’هُنن‘ فاعل لفظ کي جملي ۾ حذف ڪيو آهي).
- ويئي سِڱن کي، ڪن به ڪپا آئي.
(ڳئون يا مينهن ويئي، سڱن کي ٺيڪ ڪرائڻ، اُلٽو پنهنجا ڪن به ڪپائي آئي).
(ب) مفعول جو حذف ڪرڻ:
- انڌن آندو، ڪُتن کاڌو، ٻلن چٽيو.
(هتي ”انڌن کاڌو آندو، ڪتن اُهو کاڌو يا ٻلن اُن کي چٽيو.“ هڪ پورو جملو آهي، پر پهاڪي ۾ مفعول (’کاڌو‘، اُهو ۽ ’ان کي‘) ڪتب نه آندو آهي.
- هڪڙي لٽي، سهسين پَٽي..
(ڌڻي سائين ڪنهن جي روزگار جي هڪڙي واٽ بند ڪري ته سهسين ٻيون واٽون کولي ٿو. هن پهاڪي ۾ ”روزگار جي واٽ“ مفعول ڪتب نه آيل آهي. نه ڪو فاعل جو استعمال ڪيو ويو آهي).
- جن ڄَڻين، سي نپائين.
(جيڪي ٻارَ ڄڻين ٿيون، سي ئي اُنهن کي نپائين ٿيون. هتي ’ٻار‘ فاعل جو حذف ٿيل آهي).
- هڻ ڌيءَ کي ته، سکي نُونهن..
(ڌڪ يا طعنو هڻُ ڌيءَ کي ته سکي نُونهن).
- جو هٿُ ڪري، سو هٿُ پائي.
(جو هٿ ڪم ڪري، سو هٿ نيتيجو پائي. هِتي ’ڪم‘ ۽ ’نتيجو‘ ڳجها مفعول آهن).
- ڏي ته ڏيَئي، سَلو سائو ٿيئي.
(تون ڌنُ يا ڌان مدد ڏي، ته اڳلو شخص به توکي ضرورت وقت مدد ڪندو. هتي ’ڏي‘ فعل جو مفعول ڪتب نه آندو ويو آهي).
(ج) فعل حذف ڪرڻ:
- پنهنجي سهنجي.
(پنهنجي شيءِ سهنج واري آهي).
- سنسارُ مهاڄارُ.
(سنسار مهاڄار آهي).
- اڳينِ پاڻي، پوين چِڪ.
(اڳين کي پاڻي ملندو، پوين کي چِڪ ملندي).
- انسان خطا جو گهر
(انسان خطا جو گهر آهي.).
- ٻه ته ٻارنهن.
(ٻه ته ٻارنهن).
- جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چِڪون.
(جڏهن مينهن پوندو، تڏهن چِڪون ٿينديون).
- وڏن ۾ وڏا ڪلا.
(وڏن ۾ وڏو هُنر هوندو آهي).
- انڌي پيهي، ڪُتي چٽي.
(انڌي پيهي ٿي، ڪتي چٽي ٿي).
- ترت دان مها پُڃ.
(ترت خيرات ڪرڻ سان وڏو ثواب ٿيندو آهي).
- دل کوٽي آهي ته، بهانا گهڻا آهن.
(د) پهاڪن ۾ ٻين لفظن جو حذف:
پهاڪن ۾ تعداد ضمير، صفت، حرف جر، حرف جملو وغيره جو به حذف ٿي ويندو آهي. انهن جا ڪجھ مثال هتي ڏجن ٿا. حذف ٿيل لفظن کي پهاڪن جي معنيٰ سمجهاڻيءَ ۾ هيٺان ليک ڏيئي ڏيکاريون ويو آهي.
- پُڇڻا نه منجهڻا.
(جي پُڇڻا، سي نه منجهڻا، صفت جو حذف ).
- چُلھِ تي، سو دل تي.
(جيڪو چُلھ تي هوندو، سو دل تي ٿيندو. صفت ’جو‘ ۽ فعل ’هوندو‘ جو حذف).
- هُنرِ واري جو هُنرِ، بي هنرِ جي جندُ.
(هُنرِ واري جو هنر کپندو، ۽ بي هنر جي جند کپندي ويندي. فعل جملي ”۽“ جو حذف.
- ڪک چور، سو لک چور.
(جو اڄ ڪک جو چور آهي، سو سڀاڻي لکن جو مال چورائيندو صفت ۽ فعل صفتي جو حدف ڪيل).
- ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀُي اُٺِ.
(هتي ’سڀڪا‘ صفت جا موصوف يعني ڳئون، رڍ، مينهن وغيره ڪتب نه آندا ويا آهن. ڌڻار ٻين سڀني ننڍن جانورن کي ويهي ڏُهندو آهي، پر اُٺڻيءَ کي ڏُهڻ لاءِ کيس اُٿي بيهڻو پوندو آهي.).
- جهڙي نيت، تهڙي مُراد.
(جيڪو جهڙي نيت رکندو، تنهن کي تهڙي مراد ملندي يا اُجورو ملندو).
- ڀريءَ ڇِني کان، ڀيري ڇنو چڱو.
(ڀريءَ جي ڪري ڇِني کان، ڀيري جي ڪري ڇِنو چڱو. گهڻو وزن کڻي ماڻهو بيمار ٿئي، اِن کان چڱو آهي ته گهڻا ڀيرا ڪري ٿورو ٿورو سامان کڻي پهچائي. اِن سان جيڪو ٿَڪ ٿيندو اُهو ٿوريءَ دير کان پوءِ آرام ڪرڻ سان لهي ويندو).
- ڀُڳڙن کاڌي هٿ ڌوتائي پيا آهن.
(ڀُڳڙن جي کاڌي سان هٿ ڌوتائي پيا آهن. سٺا ڪم ڪبا ته اُن سان گلا ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو).
- ڀُلي ڀاڻ آئِي، سا به نه ڀُلي.
(ڀُلي، ڳئون، مينهن، وڇَ تي هلي آئي، ته اُن کي ڀُليل نه چئبو. هِتي ”ڀُلي“ صفت آهي، اُنهيءَ جو موصوف ڪتب آندو نه آهي).
- ٿورو کٽئي، گهڻي برڪت.
(ٿوري کٽئي سان، گهڻي برڪت ٿئي ٿي.)
- ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
(ٺونٺ لڳي ۽ ساهڙي ڀڳي. ٿوري يا رواجي ڳالھ تي جيڪي دوستي ٽوڙي ڇڏين، تن لاءِ چئجي).
- پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ؟
(پاڻ مرندي کان پوءِ ڪهڙا سيڻ؟ جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي جان جو خطرو آهي، يا جڏهن پنهنجا سيڻ سڄڻ ئي ڪنهن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ته پوءِ اُنهن جو ڪهڙو لحاظ رکبو؟)
- پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤ؟
(جنهن پنهنجي پڳ يا عزت لاهي هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي آبُرو وٺندي دير نه لڳندي. هتي ’عزت‘ يا ’پڳ‘ لفظ ڳجهو آهي).
- ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
(ڦڙي ڦڙي سان تلاءُ ٺهي ٿو.)
- جنين ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سورن ڀائي.
(جن لاءِ مون لائي چائي ڪئي يعني جهيڙو جڳهڙو يا ٻيا کوٽا ڪم ڪيا، اُهي پڻ سورن ۾ يعني تڪليف وقت منهنجا ساٿي نه ٿيا).
- جوَ ڍيري، گڏھُ رکپال
(جَوَن جي ڍيري رکي آهي، ته گڏھُ ان جو رکوالو ٿيو آهي).
- جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لهندا ڪن.
(جيڪا ٻڪري ڌاريان ٿو، تنهن جا ڪن پيا لمن، يعني جيڪو ماڻهو پاڻ وٽ نوڪريءَ تي رکان ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ٻيو عيب نظر اچي ٿو).
- مانَ-بکيو سڀ ڪو، نانَ-بکيو ڪو ڪم نه.
(نان جو بُکيو سڀ ڪو، مانَ جو بُکيو ڪو ڪو نه).