۴.۳.۲: سنڌي پهاڪا ۽ النڪار (صنايع بدايع):
’النڪار‘ جو مطلب آهي؛ ڳهڻو، زيور، زيب زينت، شاعريءَ جي علم ۾ النڪار يا صنايع بدايع اُن کي چئجي ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائن ٿا. يعني ٻوليءَ ذريعي ڪيل اظهار کي سهڻو ۽ دلڪش بڻائين ٿا. صَنايعُ بدائع کي سنڌيءَ ۾ ”رنگين زبان“ (Figures of speech) به چوند آهن.
صنايع بدايع يا سينگار ٻن قسمن جا آهن:
- شبد النڪار (لفظي صنعتون)
- ارٿ النڪار (معنوي صنعتون)
سنڌي پهاڪن ۾ اسان کي ٻنهي قسمن جون صنعتون يا صنايع ملن ٿا. هتي اُنهن جا ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
(الف) شبد النڪار (لفظي صنعتون):
اِنهن ۾ لفظن ۽ آواز جي ذريعي اظهار جي خوبصورتي تي پيدا ڪئي ويندي آهي. لفظي خوبصورتيءَ جا مکيه قسم هيٺيئنءَ ريت آهن:
(1) تجنيس حرفي: جيڪڏهن جملي جي لفظن ۾ هڪ يا گهڻيئي وينجن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هڪ ئي ترتيب سان اچن، تڏهن تجنيس حرفي پيدا ٿيندي آهي. هن صنعت استعمال گهڻو ڪري سڀني ٻولين جي پهاڪن ۾ ججهي تعداد ۾ ملي ٿو. اِن جو سبب اِهو آهي ته تجنيس حرفي جي ڪري پهاڪا جلدي ياد ٿي وڃن ٿا. سنڌي پهاڪن ۾ تجنيس حرفي گهڻو ڪتب آيو آهي، ڪجھ مثال ڏسو:
- اڪن کان ٿو انب گُهري ۽ ٻٻرن کان ٻير.
(جنهن وٽان ڪجھ ملڻ جو آسرو نه آهي، اُن ۾ ڪو آس رکي، تڏهن چئبو. هتي ’ٻ‘ وينجن لفط جي شروع ۾ ٻه ڀيرا آيو آهي.)
- اٽو ٻاٽُ! چي؛ گهوٻاٽُ.
(مان ڪريان اَٽي ۽ ٻاٽ جي ڳالھ، ته تُون سمجهين گهوٻاٽو يعني مُدگرُ يا ڏنڊو. هتي لفظن جي آخر ۾ ’ٽ‘ وينجن جو دهراءُ ٿيو آهي.)
- ٻه ته ٻارنهن.
(ٻڌي ۾ طاقت آهي. هتي ’ٻه‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)
- سڳا سيئي سيڻ، پکا، جِني اوڏڙا.
(جيڪي ويجهو ٿا رهن ۽ سُک دُک ۾ ڪتب ٿا اچن، سي ئي سڳا مائٽ آهن. هتي ’س‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)
(2) گهڻ معنائون سينگار: جڏهن هڪ ئي لفظ رڳو هڪ دفعو ڪتب اچي، پر اُن جا اصل ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مطلب نڪرن، تڏهن گهڻين معنائن وارو لفظ چئبو آهي.
جيئن ته:
- رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايمُ جَتَ سين. (شاھ)
(رتيءَ جي رهاڻ لاءِ مُون پنهنجو جيءُ جت سان اڙائي ڇڏيو.)
هتي ’رتي‘ لفظ جون ٻه معنائون آهن: (۱) پريم، ڪام (۲) ٿورو وقت.
گرو چيلي جي سوال وارا ٻول پرولين وانگر مشهور آهن. اُنهن مان ڪي پهاڪن وانگر به استعمال ٿيندا آهن. اهڙن ٻولن ۾ گهڻين معنائن وارن لفطن جي صنعت ئي دوهي جو بنياد هوندي آهي. جيئن ته:
- ڪرڙ وڻ نه وڻي، اوڏُ مِٽي نه چاءِ، بيمار سُتي نه پِيئي، ڪهو چيلا ڪِس ڀاءَ؟ گروُ جي! پسي نهين.
(هتي پُسي لفظ جدا جدا معنيٰ ۾ کڻبو، تڏهن سوال جواب جو مطلب نڪرندو. ڪِرِڙ جو وڻ نه ٿو وڻي جو اُن ۾ پُسي (ڦل) ناهي. اوڏ مٽي نه ٿو کڻي، ڇاڪاڻ جو مٽي پُسي (آلي، ڀِنَل) نه آهي. بيمار سُتي نه ٿو پئي ڇاڪاڻ ته اُها پُسي (پاڻيءَ ۾ پُسيل) نه آهي.)
(3) تجنيس تام: جيڪڏهن هڪ ئي لفط يا لفظن جو ميڙ جدا جدا معنائن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪتب اچي، تڏهن تجنيس تام چئبو آهي. جيئن ته:
- وَر ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ور وڏو ڪيو. (شاھ).
(منهنجي پريتم پُنهونءَ ۾ ته ڪو به دوکو نه آهي، پر ڏيرن مُون سان دولابُ يا دوکو ڪيو آهي.)
(4) لفظي ورجاءُ: ڪنهن ويچار يا ڀاونا کي وڌيڪ دِلڪش ۽ پُرُ اثر بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن لفظ يا لفظي ميڙ جو ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا دُهراءُ ڪجي ته اُهو ’پُنرُ ڪت النڪار‘ هوندو آهي.
- گُگرُ گُگرُ پنڊا اَڙيا.
(پِنڊيءَ ۾ گُگرُ رکيو هو ته جتي ڪٿي اُهو پنڊيءَ کي چنڀڙي پيو. ويچاري پنڊي ڄڻ ڦاسي پيئي.)
- مَرسان مَرسان، پر ڊڀ نه چرسان.
(مرندي مري ويندس، پر ڊڀ نه چرندس.)
- ڌيري ڌيري ري مَنا، ڌيري سڀ ڪُڇ هو.
(هرڪو ڪم آهستي آهستي پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي.)
- داڻي داڻي تي لکيل آهي کائڻ واري جو نانءُ.
(هر هڪ داڻي تي ڌڻي سائين لکي ڇڏيو آهي ته اُهو ڪير کائيندو.)
(ب) معنوي صنعتون:
انهن ۾ لفظن وسيلي جيڪي مفهوم يا معنيٰ جو اظهار ڪجي ٿو، اُن معنيٰ ۾ سونهن سمايل هوندي آهي. ارٿا النڪار جا گهڻي ئي قسم آهن. اُنهن جا ڪجھ مثال هتي ڏجن ٿا.
(1) مماثلت يا هڪجهڙائي: مماثلت ۽ تشبيھ ٻن شين جي وچ ۾ فرق هئڻ تي به اُنهن جي هڪجهڙي معنيٰ جي ڪري ڀيٽ ڪرڻ کي مماثلت چئبو آهي.
- انڌو ۽ اڻسونهون، ٻئي هڪجهڙا.
- تلوار جي گهاءُ کان زبان جو گهاءُ وڌيڪ تيز آهي.
(ڪؤڙا لفظ ڳالهائڻ سان دل تي جيڪو زخم ٿئي ٿو، اُهو تلوار جي زخم کان به تکو آهي.)
- مرض اچي گهوڙي وانگي تيزيءَ سان ايندي آهي، پر جُونءَ وانگر آهستي آهستي ويندي آهي.)
(2) تشبيھ ۽ استعارو: استعاري ۽ تشبيھ جي وچ ۾ مشابه جو بيان ڪرڻ (يعني ڳُجهي ڀيٽ ڪرڻ) کي استعارو چئبو آهي.
- پَتِ نَهن تي پاڻي آهي.
- برهمڻ جو وچن سورج جي ساک.
- غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
- گهر جو پير، چُلھ جو مارنگ.
(گهر جو پير چُلھ تي رکيل پٿرُ آهي.)
- سنسارُ مها ڄارُ
(سنسارُ وڏي مايا چارُ آهي.)
(3) تمثيل: فقرن ۾ فرق ڄاڻندي به جڏهن اُن ۾ ڀيٽ کي ممڪن ڪجي، تڏهن تمثيل آهي. جيئن ته:
- انڌي اڳيان آرسي، ڪر تئو ٽنگيو آهي.
(انڌي اڳيان آرسي ٽنگڻ ائين آهي ڄڻ ته هُن جي اڳيان تئو ٽنگيو پيو آهي.)
(ٻ) مبالغو: جڏهن ڪنهن ڳالھ جو حد کان وڌيڪ واڌاءُ ڪري بيان ڪجي، تڏهن ان کي مبالغو چئبو آهي.
(4) ٻٽا فقرا: جڏهن هڪ ئي سادي مقصد کي ٻن جدا شين لاءِ الڳ جملن ۾ بيان ڪجي، تڏهن آهي، جيئن ته:
- سسُ ري نه ساهُرا، ساليءَ نه نِينهن، چنڊ ري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.
(جهڙيءَ طرح چنڊ کان سواءِ رات ۽ سج کان سواءِ ڏينهن نه ٿو سونهي، تهڙيءَ طرح سَسُ کان سواءِ ساهُرا سهڻا نه ٿا لڳن.)
- گهڻي زالين گهرُ نه هلي، گهڻي مردين هَرُ نه هلي.
- هَسڻو جوڳي، پڏِڻي نار، گدُو چوي هَرُ نه هلي.
(چرچو گهٻو ڪندڙ جوڳي ۽ پاڻ کي پڏائيندڙ عورت، اهي ٻئي ٺيڪ نه آهن.)
- گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿو ڪؤڙي، ناچوُ ناچ نه ڄاڻي آکي ڀُون سوڙهي.
(مطلب ته پاڻ ڪم نه ڪري سگهن ۽ پوءِ ڏوھُ ٻين کي ڏين.)
- ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪُ نه هڻڻو، هڻي ته جهوري.
(سنڌ ۾ ڏکڻ طرفان برسات نه هوندي آهي. پر جي آئي ته تمام گهڻو نقصان ڪندي آهي. ساڳيءَ طرح ڪانئر ڌڪُ نه هڻندو آهي. پر جي هنيائين ته تمام زور سان هڻندو آهي.)
(5) لڪل مختلف معنيٰ واري خوبي: جتي عام يا خاص جي هُن کان الڳ ڳالھ وسيلي حمايت ڪجي. جيئن ته:
- عادت نه مِٽي عادتي، عِلت مورُ نه جاءِ، اُٺ پوي ته جي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چُڻ چوڻ کاءِ.
ڪتو بالغ ٿيڻ کان پوءِ ٽنگ کڻي مٽندو آهي.
(عادت ڪڏهن به نه ويندي آهي. جيئن اُٺ جي عادت ڪنڊن وارا ٻوٽا کائڻ جي آهي ته هُو ڪڻڪ جي ٻني ۾ چرندي به اُتي چُوندي چُوندي پيو کائيندو.)
(6) اڻ برابر ڀيٽ: جڏهن اهڙين ٻن ڳالهين کي گڏ بيان ڪجي جن جي وچ ۾ تعلق بي دليو، بي جوڙ آهي، اهڙو مفهوم جيڪو برابر نه هجي. اُن جا ڪجھ مثال ڏسو:
- ڪٿي راجا ڀوڄُ، ڪٿي گنگو تيلي.
(راجا ڀوجُ وڏو سخي ۽ سورهيه هو ته گنگو تيلي هڪ عام ماڻهو. ٻنهي جي برابري ڪيئن ڪبي؟)
- ويئي، سِڱِنِ کي، ڪَن به ڪپائي آئي.
(ڳئون، مينهن وغيره ويئي پنهنجا سِڱ گهڙائي سهڻا ڪرائڻ لاءِ، پر ماورڳو پنهنجا ڪن به ڪپائي آهي.)
(7) صنعت تضاد: ڪنهن ڳالھ جو اهڙو بيان ڪجي جو اُهو تڪراري لڳي، پر حقيقت ۾ اُن ۾ تضاد نه هوندو آهي.
- اُهائي زبان اُس ۾ وِهاري، اُهائي زبان ڇانوءَ ۾ وِهاري.
(ماڻهو جيڪڏهن ڪوڙُ ڳالهائيندو ته دُک ڀوڳنيو، پر جيڪڏهن مٺو ٻوليندو ته مانُ پائيندو.)
(8) طنز ملامت: ڪنهن جي خلاف چوڻ يا ٽوڪڻ کي اهڙي طريقي سان چئجي جو اُهو اُن کي خراب نه لڳي.
چئي وڏو ته اُهو آهي، پر نانگن جي ديوتا کي سچي ڳالھ چئي ڪير رُسائي؟
(9) ٽوڪبازي: جڏهن غير موجود جو اهڙي ڍنگ سان بيان ڪجي، جو اُن سن موجود جي ڄاڻ پئجي وڃي، تڏهن هيءَ صنعت آهي. هي صنعت گهڻن ئي پهاڪن ۾ ملي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهاڪو اڪثر نه گهُربل ڳالھ جو بيان ڪري اُن ذريعي گهُربل مطلب کي ظاهر ڪندا آهن. جيئن ته:
- مينهن پنهنجي ڪارنهِن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي هلُ ڙي پُڇ ڪاري.
(برو ماڻهو پنهنجون برائيون ڏِسي ڪو نه ۽ ٻين ۾ ٿوري وڏ يا اُوڻائي ڏِسي به پيو کين ٽوڪي.)
- ٻري تيلُ کامي وٽ، واھ ڙي ڏيئا واھ!
(جلي ٿو تيل ۽ سڙي ٿي وٽ، پر هرڪو چوي ته واھ ڏيئو ته سٺو ٿو ٻڙي. گهُربل معنيٰ آهي ته وڙهن يا مرن هڪڙا، پر نالو ٿئي ٻين جو.)
- سُڪن گڏُ آلا ڀرن.
(لچُن سان گڏ هوندي، شريف به بدنام ٿي وڃن ٿا.)
- هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارُون نه ماپن.
(ٻه طاقتور ماڻهو هڪ هنڌ نه رهي سگهندا.)
(10) متبادل ٻول: جڏهن سبب هڪ هنڌ هجي ۽ اُن جو ڪم اُتي نه ٿي ٻئي هنڌ ٿئي، اِن طرح ٻنهي جي گڏ هئڻ ۾ اختلاف محسوس ٿئي، پر اُهو سچ پچ نه هجي، تڏهن اُهو اسگنت الناڪر (بي جوڙ سينگار) آهي.
- کائي وات، لڄائن اکيون.
(کاڌو ته وات کائي ٿو، پر لڄ اچي ٿي اکين کي ته جنهن جو کاڌو اٿم، اُن سان وفادار رهان.)
- سورُ پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھُ.
(جنهن کي سُور ٿئي ٿو، اُن کي ڏنڀ ڏجن ته هُن جو سُور لهي. پر هتي سوُر ٿئي ٿو ساٽيءَ کي ته هو ڏنڀ وري پنهنجي گڏھُ کي ٿو ڏياري.)
- اٽو کاڌو ڪُوئي، مار پيئي گابي تي.
(جيڪو ڏوھُ ڪري ته سزا اُن کي ملي، پر هتي اُبتي ڳالھ آهي. اٽو ڪُوئي کاڌو ته مار گابي کي ملي.)
- وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.
(شينهن جي لڙائيءَ ۾ ميدان تي گاھُ لتاڙجي ٿو.)
(11) اڳ وٺڻ: جڏهن سبب نه هوندي به اُن جو ڪم ٿئي ٿو ته اُتي جهڙوڪر اڳ وٺڻ آهي. جيئن ته:
(مسجد ٺهڻ کان اڳُ ئي فقير اچي اتي ڪٺا ٿيا آهن.)
- پُٽُ پرڻايو ئي ناهي ته؟ پُڇي کٽ ڪٿي وجهان.
(مائيءَ جي پُٽُ جي اڃا تائين شادي نه ٿي آهي، پر هوءَ پيئي ٻين کان پُڇي ته گهوٽ ڪنوار لاءِ بسترو ڪٿي وڇايا؟)
- مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇھ پهر.
(12) جيوت- روپ: بيجان شين جو جڏهن اِن ريت بيان ڪجي، ڄڻ اُهي ساھ واريون آهن، تڏهن جيوت- روپ آهي.
- مرڻ مُهورتُ نه پڇي ڀڇي تٿ نه وارُ.
(هتي موت جو ماڻهوءَ وانگر ذڪر ڪيل آهي. موت تاريخ يا ڏينهن پُڇي نه ايندو آهي.)
- عشق انڌو آهي.
(عشق انڌي انسان وانگر آهي، جيڪو پنهنجو ڀلو بُرو نه ٿو ڏسي سگهي.)
- جاءِ چوي جوڙائي ڏسُ، شادي چوي ڪري ڏس.
(مطلب ته جڳھ اڏائڻ ۽ شادي ڪرڻ ۾ پنهنجي اندازي کان وڌيڪ خرچ ٿي ويندو آهي.)
- ڀِتيُن کي به ڪَنَ آهن.
(نازڪ ڳالهيون زور سان نه ڪجن.)
- هاسي ڪرهن جي ماسي.
(کل ڀوڳ ڪرڻ، جهيڙي جي ڀيڻ آهي.)
صنايع بدائع جي استعمال سان پهاڪن ۾ سونهن ۽ اثر پيدا ٿئي ٿو. انهن جو استعمال سهج سُڀاوَ پهاڪن ۾ نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي انوکي اظهار يا معجزي جا گهڻي ئي نمونا آهن. اِن ڪري ’النڪار شاستر‘ ۾ مختلف اُستادن ۽ ماهرن جيڪي النڪار يا صنعتون ڄاڻايون آهن، اُنهن جو تعداد هڪ جيترو نه آهي. هتي فقط پهاڪن ۾ انهن جي استعمال جا ڪجھ مثال ڏنا ويا آهن. هتي سڀني انهن جو بيان ڪري انهن جي آڌار تي پهاڪن جي ورهاست ڪرڻ اسان جو مقصد نه آهي.