۱.۶ سنڌي لوڪ سنسڪرتي/ ثقافت:
”هي اهڙو پورو مُرڪب آهي، جنهن ۾ گيان (ڄاڻ) وشواس (يقين)، ڪلا (فن)، نيتي (رسم)، قانون، ريتيون، رسمون ۽ ٻيون اُهي لياقتون ۽ عادتون سمايل آهن، جيڪي انسان سماج جي هڪ فرد هئڻ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيون آهن.“
“Culture and Civilization is that complex hole, which includes knowledge, belief, art, morals, law, customs and any other capabilities and habits, acquired by man as a member of society.”
(Kroeber A.L., Anthropology, Harcourt, Brace and World, Inc.
New York, (New Edition, revised, 1948, page # 252.)
هن حوالي مان ظاهر آهي ته سنسڪرتي يا سڀيتا جو سماج سان گهرو تعلق آهي. انسان هڪ سماجڪ ساهوارو آهي، کيس سماج رهڻ ڪري سنسڪرتيءَ (ثقافت) جو گڻ حاصل ٿيو آهي. هو قديم رسم موجب پنهجن ابن ڏاڏن کان پيڙهي سنسڪرتي يا ڪلچر جون خاصيتون حاصل ڪندو رهي ٿو. وقت گذرندي اِنهن ۾ ٿورو گهڻو ڦير به ايندو رهي ٿو، پر ٿلهي ليکي اُن جي بنيادي شڪل ۾ گهڻي تبديلي نٿي ٿئي.
ثقافت جي تخليق سماج جي بناوت سان واسطو رکي ٿي. انهن ٻنهي تي وري قدرتي ماحول، طبعي حالتن جو به گهڻُ اثر پوي ٿو. ٻاهريان اثر به تهذيب ۽ ثقافت جي رچڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿا. اِن ڪري ڏسبو ته چاهي سڄي ڀارت ملڪ جي تهذيب- ثقافت هڪ آهي. ان هوندي به علائقائي ماحول جاگرافي ۽ الڳ الڳ اثر ڪري ڀارت جي جدا جدا حصن مان ثقافت جي ڪيترن ئي پهلوئن ۾ تفاوت نظر اچي ٿو. اِن ڪري هڪ ئي ڀارتي ثقافت جي اندر گهڻيئي ننديون ثقافتون جنم وٺن ٿيون. ٻولي يا زبان به سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي حصن مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ به ثقافت جي اڱڻ مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ جي ڏات هڪ اهڙو ڳڻ آهي، جنهن ڪري انسان ٻين سڀني ساهوارن کان جلد ارتقا ڪري ويو آهي. ان ڪري ’اشرف المخلوقات‘ يعني الله جي اپايل سڀني ساهوارن ۾ اعليٰ ترين، اعليٰ جانور هئڻ جو درجو حاصل ٿيو آهي. ٻوليءَ جي ڏات ڪري ئي انسان پنهنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا وسيلن سان ڪري سگهيو آهي. انهن ۾ هو ٻوليءَ وسيلي ادب جو سرجڻ ڪري ٿو.
جدا جدا علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ثقافت ۾ قديم رسم يا روايتن ذريعي جن خاص گڻن يا پهلوئن جو ارتقا ٿيو آهي، اُهي اُن ٻوليءَ جي سماج جي ثقافت جا خاص حصا بڻجن ٿا. ’لوڪ‘ اکر انگريزيءَ ۾ ’فوڪ‘ (Folk) لفظ جو هم معنيٰ لفظ آهي. عام طور ڪيترائي عالم لوڪ جو مطلب ڳوٺاڻا، دهقاني، اڻپڙهيل ڳنوار ڪن ٿا، پر ان لفظ جي صحيح تُز معنيٰ آهي ”اهي عام ماڻهو جن جو پنهنجي ورثي ۾ حاصل ڪيل ثقافت جي جدا جدا پهلوئن ۾ پورو ويساھ آهي ۽ هُو ان مطابق پنهنجي روزاني زندگي به گذارين ٿا.“
ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي لوڪ ثقافت جا اُهي مکيه عنصر جن مان انهيءَ لوڪ ثقافت جي رچنا ٿئي ٿي، اُهي هن ريت سمجهايا آهن:
هڪ سنسڪرتي يعني عوامي تهذيب- تمدن جا مکيه ڪهڙا ڀاڱا آهن، اُنهن ۾ لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي ڪهڙي جاءِ آهي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن محاورن جي جڳھ ڪٿي آهي، انهن ٻنهي سوالن کي اڳتي ڏنل چارٽ ذريعي سمجهايو ويو آهي.
لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
(1) لوڪ جيون يعني ماڻهن جي زندگيءَ جا طريقا.
(2) ماڻهن جي جذبات ۽ ويچارن جي اظهار جا طريقا.
(۱) ماڻهن جي زندگيءَ جا طريقا:
(الف) لوڪ ويساھ يا عقيدو:
سنسار جي پيدائش، خلقڻهار جي هستي، وڻ ٽڻ، جانور- پکي، ديوي، پريون، جن- ڀوت، جادو، ٽوڻا، جهاڙ، ڦوڪ، پير، فقير، لوڪ، پرلوڪ وغيره موضوعن بابت عوام يا لوڪن جا عقيدا ۽ ويساھ هن ڀاڱي هيٺ اچن ٿا:
(ب) لوڪ ريتيون:
زمين جي کيڙي شروع ڪرڻ وقت زمين جا پوڄا، سمنڊ جي سفر تي اُسمهڻ وقت پاڻيءَ جي پوڄا، قدرت جي عناصرن جي عبادت، مذهبي ڏڻ- وار ملهائڻ، انسان جي جنم کان وٺي مرڻ تائين جدا جدا موقعن تي ريتيون رسمون ۽ سنسڪار (اُهي رسمون جيڪي زندگيءَ جي خاص موقعن تي ادا ڪجن، جيئن شادي وغيره، درگاهن، عبادتگاهن ۽ مندرن ۾ وڃي دُعائون گهرڻ ۽ سُکائون ڪرڻ، اوجهن ۽ ڀوپن کان جهاڙ ڦوڪ ذريعي بيمارين جو علاج ڪرائڻ وغيره لوڪ ريتين جا ڪجھ مثال آهن.
(ج) لوڪ وندر:
ميلا، ملاکڙا، ملھ، ڪُشتيون، ڪُڪڙن ميل، سانن گوءِ ۽ تترن ويڙھ جي لڙائي؛ ڏِڻ- وارن تي رانديون ۽ شُغل، بازيگرن جا کيل، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ڪٺپُتلين جا ناچ، ڏاندن، اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ وغيره عوام جي وندر جا ڪجھ مثال آهن.
(د) لوڪ رهڻي ڪهڻي:
سماج ۾ لوڪ پنجائتي سرشتو، گڏيل ڪٽنب جو سرشتو، روايتي ويس وڳا (اجرڪ، سنڌي ٽوپي، ميراڻي ٽوپي، شڪارپوري پڳڙي، ڀرت جا هنر وغيره) روايتي نموني جا زيور (نٿ، بُولو، ڏنواڻي وغيره)، کاڌي پيتي جا نرالا ڍنگ ۽ شيون، اِهي سڀ لوڪ رهڻي ڪرڻيءَ جا ڪجھ مثال آهن.
(۲) لوڪ اظهار جا طريقا:
لوڪ پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا جدا نموني سان ڪن ٿا. اُنهن جا مکيه ٻه قسم آهن: ٻولي ذريعي اظهار ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اظهار. اظهار جي ٻئي قسم هيٺ لوڪ ڪلائون ۽ لوڪن جا هنر، ڌنڌا وغيره اچي وڃن ٿا. اِنهن ٻنهي طريقن جي اظهار تي لوڪن ۽ لوڪ روايتن جي ڇاپ هوندي آهي. ڪنهن هڪ ڪلاڪار جي رچنا عوام ۾ مشهور ٿي وڃڻ کان پوءِ سموري لوڪ سماج جي تخليق بڻجي ويندي آهي. وقت گذرندي اِها خبر نه پوندي آهي ته انهيءَ جو اصل رچيندڙ ڪير هو. سادگي، فطرت ۽ غيرمصنوعي سونهن توڙي نزاڪت، اِهي لوڪ اظهار جون مکيه خاصيتون آهن.
ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اُمنگن جي اظهار جي وسيلن کي مکيه طور هيٺ ڏنل ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(الف) لوڪ فنون:
لوڪ فنون جا مثال آهن، عمارت سازي، مجسمي، سازي، مصوري، ناچ يا نرتيه جي ڪلا ۽ سنگيت ڪلا.
(الف) لوڪ جا هُنر ۽ ڌنڌا:
لوڪن جا اهڙا هنر ۽ ڌنڌا، جيڪي پيڙهي در پيڙهي هلندا پيا اچن، انهن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن: واڍي جو ڪم، سوناري جو زيورن تي ميناڪاريءَ جو ڪم، ڪنڀر جو مٽيءَ جا برتن ۽ رانديڪا ٺاهڻ جو ڪم، لوهار جو برتن ۽ اوزار ٺاهڻ جو ڪم ۽ زالن جو ڀرت ڀرڻ، سبڻ جو هنر وغيره.
ٻوليءَ جي ذريعي اظهار:
ٻوليءَ جي ذريعي جڏهن ماڻهو پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪن ٿا، تڏهن لوڪ ادب جو سرجڻ ٿئي ٿو. لوڪ ادب جا مکيه قسم هيٺين ريت آهن:
(الف) لوڪ شاعري:
اِنهيءَ ۾ شعر جا سڀ قسم اچي وڃن ٿا. اِنهن مِڙني جي مکيه وصف اِها آهي ته اِنهن کي سُر، تال ۽ لئه ڳائي سگهجي ٿو. اِن جي لاءِ نظم جي بحر وزن وغيره جي پابندي لازمي نه آهي. لوڪ شاعريءَ جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
(1) لوڪ گيت: لوڪ گيتن ۾ ڪنهن ڳالھ يا قصي جو بيان نه هوندي آهي، فقط نفيس جذبن جو سهڻي نموني اظهار هوندو آهي.
(2) نظم ۾ بياني قصا ۽ داستان، اِنهن ۾ شعر ۾ ڳاتل قصن ۽ داستانن جو سلسيوار بيان هوندو آهي.
(ب) لوڪ آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون:
اِن ۾ گهڻن قسمن جون آکاڻيون اچن ٿيون. جيئن ته ديون- پرين، بادشاهن، شهزادين، جانورن، پکين، ٺڳن، چورن ۽ ٻارن جون وندر ۽ نصيحت واريون ڪهاڻيون وغيره.
(ج) لوڪ ناٽڪ:
اِن جا ڪجھ مثال آهن- ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ مسخرن جا چرچا، تماشا، سانگ، رام ليلا، ڪرشن ليلا وغيره.
(د) سهڻا سخن، ننڍا گفتا ۽ ٻول: (Minor folk utterances):
پهاڪا، چوڻيون، محاورا، پروليون، جهاڙ، ڦوڪ ۾ ڪتب ايندڙ منتر، ٻاراڻا ٻول جيڪي ٻارن جي راندين ۾ چيا ويندا آهن، ننڍڙا لطيفا، گاريون ۽ فحش گفتا وغيره هن قسم جا ڪجھ مثال آهن.
جڏهن اسين سنڌي لوڪ ثقافت جي باري ۾ ويچار ،ڪريون ٿا، تڏهن اسان جو مطلب سنڌين جي اُن لوڪ ثقافت جي پهلوئن سان آهي، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي سماج ۾ نه ٿا ملن. سنڌين جي ثقافت ڀارتي ثقافت جو هڪ حصو آهي، جيڪو بنيادي طور تي هندن جي ڌرمي ڪتابن (ويد، رامائڻ، مهاڀارت، پُراڻ ۽ ڌرم گرنٿ) تي ٻڌل آهي. اِن هوندي پڻ سنڌي لوڪ جي ثقافت ۾ گهڻو ڪري نظر نه ٿيون اچن يا جيڪڏهن آهي ته به تمام ورلي ملن ٿيون. هتي ٿوري ۾ سنڌي ثقافت جي مکيه خاصيتن تي ويچار ڪنداسين.