۱.۳ سنڌي ٻوليءَ جا لهجا:
(1) سِريلي: اُتر سنڌ ۾ نصرپور کان وٺي اٻاوڙي تائين ۽ سيوهڻ- دادوءَ کان وٺي ڪشمير تائين جيڪا ايراضي آهي، تنهن کي ’سِرو‘ چئجي ٿو. اُن ايراضيءَ جي ٻُوليءَ کي ’سِريلي‘ چوندا آهن.
(2) وچولي: سنڌ جي وچ واري حصي جي ٻولي. اِهو علائقو ڪنڊياري ۽ دادو جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪوٽڙيءَ تائين آهي. وچولي سنڌيءَ کي تعليم ۽ لکيل ادب ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سنڌ جو معياري ۽ ادبي لهجو آهي.
(3) لاڙي: سنڌ جو ڏاکڻُ ڀاڱو، جيڪو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، اُن کي ’لاڙ‘ چئجي ٿو ۽ اُن علائقي جي ٻولي ’لاڙي‘ آهي.
(4) لاسي: اهو لس ٻيلي واري ايراضيءَ جو لهجو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي اولھ ۾ بلوچستان واري ايراضي آهي.
(5) ڪڇي: ڪڇ واري علائقي جي لهجي کي ”ڪڇي“ سڏجي ٿو. ڪڇ جو علائقو ڀارت جي گجرات صوبي جو هڪ ضلعو آهي ۽ ڏکڻ سنڌ سان وڃي ملي ٿو.
مٿي سنڌيءَ جا جيڪي پنج لهجا ڄاڻايا ويا آهن، اهي مکيه ليکجن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻارنهن ڪوهين ٻولي ٻي“. اِن ڪري جيڪڏهن باريڪيءَ سان جاچبو ته سنڌي ٻوليءَ جا ننڍا ننڍا علاقائي فرق اڃا به وڌيڪ ملي ويندا، ان کي خيال ۾ رکي حيدرآباد سنڌ ۾ برپا ڪيل سنڌي ٻوليءَ جا بااختيار اداري طرفان سنڌيءَ جي اڀياس جي رِٿا هٿ ۾ کنئي ويئي. گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ ان باري ۾ نئين معلومات ڏيندڙ ڪجھ ڪتاب پڻ ڇپائي پڌريا ڪيا ويا آهن. جيئن ته ”سبيِءَ جي ٻولي“، ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“، ”ٿر جي ٻولي“ وغيره. اِهي ته سنڌي ٻوليءَ جا علائقائي تفاوت اهن. پر ٻيا ڀيد فرق ڪمن، ڌنڌن ۽ ذاتين جي لحاظ کان به اهن. اِنهن جي به باريڪبينيءَ سان ڇنڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور، ڀيلن، ميگهواڙن جي ٻولي. مهاڻن ۽ ماڇين جي ٻولي، ميمڻن جي ٻولي، اوڏن، سوڍن جي ٻولي وغيره.
ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ٻولي هاڻي گهڻو قدر وچولي معياري سنڌيءَ جو روپ وٺي چڪي آهي. اُن مان علائقائي فرق گهڻو ڪري گم ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ اُهي ڪالونيون ۽ شهر جتي سنڌ جي جدا جدا حصن مان آيل سنڌي هڪ هنڌ رهن ٿا، اتي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو تعاوتُ عُمِر وارن سنڌين ۾ اڃا تائين نظر اچي ٿو.