۱.۱ سنڌي ٻولي
ٻوليءَ جي ماهرن هند- آريائي ٻولين جي ارتقا کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. اُهي هن ريت آهن:
(1) هند جي آريائي ٻولين جو قديم دؤر
(2) هند جي آريائي ٻولين جو وچيون دؤر
(3) هند جي آريائي ٻولين جو نئون دؤر
انهن ٽنهي دؤرن ۾ هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا کي هيٺين ريت سمجهائي سگهجي ٿو:
(1) هندستان جي آريائي ٻولين جي قديم دؤر
هيءُ دؤر رگ ويد جي ٻوليءَ کان وٺي عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ سال اڳ تائين آهي. هن دؤر ۾ اوائلي پراڪرت ٻوليون، ويدڪ سنسڪرت يا ڇندسَ ۽ لوڪ سنسڪرت ٻولي شامل آهن. عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ ساڳ اڳ پاڻيني مُني پنهنجي مشهور وياڪرڻ جي ڪتاب اشٽا ڌياييءَ (اٺن بابن وارو) ۾ عوامي ٻول چال واري سنسڪرت (ٻوليءَ) جي شڪل تفصيل سان سمجهائي آهي. اِها ٻولي اُن وقت هندستان جي جدا جدا حصن ۾ سماج جي اوچي طبقي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا. رامائڻ، مهاڀارت، سنسڪرت جا ٻيا شعري ڪتاب ۽ ناٽڪ وغيره اِنهيءَ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پاڻِيني مُنيءَ جي وياڪرڻ ڪتاب ’اشٽا ڌياييءَ‘ جي رچنا کان پوءِ سنسڪرت ٻولي جي ويڪارڻي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ گهڻو ڪري بند ٿي ويئي هُئي. انهيءَ جو ٻيو مکيه ڪارڻ اِهو به آهي جو سنسڪرت جو واهپو روزمرھ جي زندگيءَ جي ٻول چال واري ٻوليءَ جي شڪل ۾ گهڻي قدر گهٽجي ويو هو. اُها پوءِ زندگيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي ٻولي جي شڪل ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. هن دؤر ۾ سنسڪرت سان واسطو رکندڙ ٻولين کي گڏي ”آڳاٽي هندستان جون آريائي ٻولين“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
(2) هندستان جي آريائي ٻولين جو وچون دؤر:
هيءُ دؤر هندستان جي ٻولين جي ارتقا جو اهو دؤر آهي، جيڪو پاڻيني مُنيءَ جي زماني (عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ سال اڳ) کان وٺي ۱۰۰۰ عيسوي سن جي لڳ ڀڳ تائين آهي. انهيءَ دور جي آريائي ٻولين کي گڏي ”وچئين دؤر جون هند آريائي ٻوليون“ نالو ڏنو ويو آهي. هن دؤر جي ٻولين جي ڄاڻ اسان کي ان زماني جي لکيتن مان ملي ٿي. اُهي مکيه طور هن ريت آهن:
(الف) پالي ۽ اشوڪ جا شِلاليک:
(۶۰۰ سال عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي عيسوي سن جي شروعات تائين).
اُهي اوائلي پراڪرت ٻوليون، جن مان ويدن جي سنسڪرت جو ارتقا ٿيو، انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ ڦير گهير ٿيندي پئي رهي. پاڻيني مُنيءَ جي زماني ۾ ئي اوڀر هندستان وارن ڪن علائقن ۾ رهندڙ آريا لوڪن جي ٻولين ۾ وياڪرڻ ۽ اُچارن جي لحاظ کان چڱي تبديلي اچي وئي هئي. اها پوءِ هندستان جي ٻين حصن جي آريائي ٻولين ۾ به نظر اچڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا جو وچيون دؤر شروع ٿيو.
وچئين دؤر ۾ هندستان جي آريائي ٻولي جي شڪل ۾ جيڪا تبديلي آئي، اُن جي ڄاڻ اسان کي پاليءَ ٻوليءَ ۾ لکيل ٻُڌ ڌرم جي ساهت ۽ اشوڪ جي پٿر تي لکيل ليکن جي ٻوليءَ مان ملي ٿي. اُن زماني ۾ هندستان جي آريائي ٻوليءَ جي ٻول- چال واري شڪل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽِن لهجن جا روپ ظاهر ٿي بيٺا، جيڪي هئا، اوڀر، اولھ ۽ اُتر- اولھ وارا روپ.
(ب) ادبي پراڪرت ٻوليون:
عيسوي سن جي شروعات ڌاري هندستان جي جدا جدا ايراضين ۾ اوائلي پراڪرت ٻولين مان ڪن ٻولين جي ايتري ته ارتقا ٿي جو انهن ۾ به لکيل شڪل ۾ ادب سرجڻ لڳو. اهڙين ادبي ٻولين جا پوءِ وياڪرڻ لکيا ويا، ته انهن جو به روپ مقرر ٿي ويو. هن دؤر ۾ سنسڪرت ۽ پالي ٻولين سان گڏ جيڪي ٻيون ٻوليون ادب سرجڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون، انهن کي ”پرڪرت“ نالو ڏنو ويو. هن دؤر جون مکيه پراڪرت ٻوليون هن ريت آهن:
• شور سيني (اولھ ڀارت جي ادبي پراڪرت)
• ماگڌي (مگڌ يا ڏکڻ بِهار جي ادبي پراڪرت)
• ارڌ ماگدي (ڪاشي ۽ ڪؤشل علائقن جي ادبي پراڪرت)
• مهاراشٽي (هاڻوڪي ماهراشٽر ۽ اُن جي ڀروارين ايراضين جي ادبي پراڪرت )
(ج) اَپڀرنش:
جڏهن پراڪرت ٻولين جو ادب ۾ استعمال ٿي رهيو هو، تڏهن انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ لڳاتار تبديلي ايندي پئي رهي. پراڪرت وياڪرڻ لکندڙن انهن ڳالهائڻ ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين کي ”اپڀرنش“ (بگڙيل، ڪِريل) ڪري سڏيو. عيسوي پنجين صديءَ جي لڳ ڀڳ انهن اپڀرنش ٻولين ۾ به ادب تخليق ٿيڻ شروع ٿيو. ادبي سطع تي پهچڻ کان پوءِ وياڪرڻ جي اُستادن انهن جي شڪل سمجهائڻ لاءِ اپڀرنش جا وياڪرڻ لکيا. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اپڀرنش جا مکيه طور تي جيڪي علائقائي روپ هئا، اُهي هن ريت آهن:
• ناگر اپڀرنش (مالوا، پوربي، راجسٿان ۽ گجرات جي ٻولي)
• وراچڊ (ملتان، سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن جي ٻولي)
• اُناگر (اولھ راجسٿان جي ٻولي)
انهن ٽنهي مان ناگر اپڀرنش ۾ ئي گهڻو ليکل. اپڀرنش ادب ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش جون ٻول چال ۾ گهڻي ئي شڪليون هيون، جن جي ڄاڻ اسان کي لکيل ادب مان ڪا نه ٿي ملي. مار ڪڻڊييهَ نالي هڪ وياڪرڻ جي عالم اپڀرنش جون ستاويھ شڪليون ڄاڻايون آهن.
(3) هندستان آريائي ٻولين جو نئون دؤر:
جڏهن اپڀرنش جي ڪن ٻولين ادبي درجو حاصل ڪيو، تڏهن اُنهن جي ادبي شڪل وياڪرڻ جي اصولن ۾ جڪڙجي هڪ هنڌ بيهي ويئي، پر ٻئي طرف اپڀرنش جي ٻول چال وارين شڪلين ۾ لڳاتار تبديلي ايندي رهي. اهڙي طرح جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش ٻولين ڏهين عيسوي صديءَ جي آسپاس بدلجي هاڻوڪين ٻولين جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. ۱۳-۱۴هين عيسوي صديءَ تائين جن ٻولين ۾ آڳاٽيون لکتون مليون آهن، انهن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته نئين دؤر ۾ داخل ٿيڻ وقت انهن ۾ اپڀرنش جي شڪلين سان گڏوگڏ نيون وياڪرڻي خاصيتون به ملن ٿيون. اُهي پوءِ آهستي آهستي وڌنديون ٿيون وڃن. اهڙيءَ طرح هاڻوڪين ڀارتي آريائي ٻولين (سنڌي، هندي، پنجابي، گجراتي، مراٺي، راجسٿاني، برج، اَوَڌي، ڀوجپوري، بنگلا، اَسامي، اُڙيا وغيره) ارتقا جو قديم ۽ وچيون دؤر پور ڪري ڏهين عيسوي صديءَ جي لڳ ڀڳ پنهنجو نرالي شڪل اختيار ڪئي آهي.