۲.۱ پهاڪن جي اهميت
‘سُپريُڪَت شبد‘ اڪيلو ئي هِن لوڪ هن دنيا ۽ پرلوڪ (هُن دنيا) ٻنهي ۾ گهربل ڦل ڏيندڙ آهي.
هن ڪٿ جي پٺڀرائي هيٺ ڏنل هڪ پراڻي سلوڪ مان ٿئي ٿي.
شلوڪ:
يَستُو پريُڊو ڪَتي ڪُشل وشيشي،
شَبَدانُ يَٿاوَد وَيَوَهارڪالي.
سو اننتماپنوتي جين پَرَتَر،
واگيو گوِوِد دُشيتِ چاپشبدئي ھ
جيڪي وهنواري شخص ڪنهن خاص وقت تي ’سپريُڪت شبدن‘ (واڪيانش، کنڊ واڪيه، مها واڪيه، وغيره،) جو ٺيڪ استعمال ڪندو آهي، اُنهيءَ کي بيحد عزت ملندي آهي. اِنهيءَ جي اُبتڙ سُپريڪت لفظن ’اشٽ پريوگن‘ پهاڪن جو ڄاڻو جيڪڏهن فحش لفظن يا گُٿن لفظن جو استعمال ڪري ٿو ته هو پاپ جو ڀاڳيدار ٿئي ٿو.
اِنهيءَ ’سُپريُڪت‘ لفظ کي هِن شلوڪ ۾ ويدن جي رِشين‘، ’واگيوگ‘ (يعني آواز جا خاص فقرا يا پهاڪا) جو نالو ڏيئي ڪري، اِنهن جي استعمال سان ڪهڙا فائدا آهن ۽ وري انهن جي جاءِ تي گٿن لفظن يا فحش لفظن جي استعمال سان ڪهڙا نقصان ٿين ٿا، اُنهن کي چِٽو ڪري پهاڪن جي اهميت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
سچل سرمست جي چوڻي ”ڪُٽ مُلان جي ٺوڙِھ، قاضيءَ وارو مُصلو“ يا وري ڪبير داس جي چوڻي ”پٿر پُوجي هرِي ملي تو مين پوڄون پهاڙ“ عملي ميدان ۾ جيتري ڪمائتي يا سجائي آهي، ٻوليءَ جي ميدان ۾ اوتري ئي معنيٰ واري ۽ اهميت رکندڙ آهي.
اصل ۾ پهاڪن ۾ هڪ قسم جي سنجيوني (زندھ ڪندڙ) قوت جو روح ڪوٺيو آهي. پهاڪا ڏسڻ ۾ ته سادا سُودا لڳندا آهن، پر اِنهن ۾ لڪل آزمودا ماڻهن کي هميشه سکيا ياتربيت ڏيندا رهندا آهن. ڏِسُو:
1- بيوقوفُ کي بازار ۾ وٺي نه وڃجي ساڻُ،
پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سار لهي سنگتيءَ جي.
2- سياڻو ڪانءُ ٻٽنگو ڦاسي.
اصل سچ ۾ پهاڪا لوڪ ادب جو حصو آهن. اِهي انهن جي استعمال ڪرڻ وارا ڳوٺاڻن کان ئي نه، بلڪ، اُن جي معيار وارن عالمن کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا آهن. پهاڪن ۾ هڪ پاسي بجليءَ جي روشنيءَ وانگر ڪنهن ڳالھ کي چؤطرف ڦهلائڻ جي سگھ آهي، اُتي ئي ٻئي پاسي قديم علم کي سُهڻي ۽ سپاٽ لفظن ۾ سنڀالي رکڻ جي قوت به آهي. پهاڪن ۾ جُڳن کان سمايل سچيون ڳالهيون مِلن ٿيون، جيڪي اُنهيءَ وقت جي ماڻهن لاءِ ته ڄڻ ڀت تي لکيل هڪ سَندَ يا مثال آهيون. اهڙيون ئي سچيون ڳالهيون عام ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن. ڏسو:
- مون ڄڻيو مانءِ پُٽ ڪري، پر ٿي پئين تو ڌيءَ.
هن سٽ ۾ ڪيڏي نه طنز ڀريل آهي. چنيسر پنهنجي ماءُ جي واتان هيءُ ٻڌي قسم کنيو ته اِن جو وير دودي کان ضرور وٺندس.
محمد غوريءَ جي جيل ۾ جڏهن پِرٿِويراج چوهاڻ کي چندبردائيءَ چيو:
- چار بانس چوبيس گز، انگُل اشٽ پرماڻ،
تا اُوپر سلطان هي، مَت چُوڪي چوهاڻ.
ته هيءُ جملو ”مت چُوڪي چوهاڻ“ محمد غوريءَ جي موت جو سبب بڻيو.
آزامودن سان ڀريل، سکيائن سان ڀريل، سنتن صوفين جي وچنن سان ڀريل هي گُفتا سچ پچ بجليءَ جي طاقت وارا هوندا آهن. اِهي هڪ پاسي پريم، پيار سان ڀريل مٺِا لڳن ٿا ته ٻئي پاسي زهر کان به وڌيڪ زهريلا ۽ ائٽمي بمن کان به وڌيڪ خطرناڪ ڊيڄاريندڙ هجن ٿا. مثال طور:
• مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانِ، ڳئون کي چوي ته هلُ ڙي پُڇ ڪاري.
• جِتي اُٺ ترندو، اُتي پُڇُ به تري وِيندو.
• گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هرُ نه هلي.
انساني شڪل ۾ پيدا ٿيڻ وارو اِنسان جڏهن کان بڻيو، تڏهن کان ئي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رهندي وهنواري زندگيءَ جا سٺا ۽ خراب آزمودا ٿيڻ لڳا. اِنهن آزمودن مان اُنهن جيڪي پرايو، اُهو سڄوئي ننڍڙن نُڪتن جي شڪل ۾ نئين ٽهيءَ کي ڏنو. وري نوجوان پيڙهيءَ کي ڪجھ نوان آزمودا ٿيا. هنن به اُهي پنهنجي اچڻ واري پيڙهيءَ وٽ پهچندا ويا ۽ جڏهن ساڳيا آزمودا، جيڪي وڏن بزرگن پنهنجن ننڍن کي ٻڌايا هئا، سي ننڍن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٿيڻ لڳا ته اِنهن جي واتان پُراڻن آزمودن جي پُٺڀرائي ٿيڻ لڳي ۽ اهي آزمودا اڳتي هلي ٻوليءَ، جي استعمال، قانون يا فارمولي جي شڪل ۾ سامهون آيا. آهستي آهستي اِهو فارمولا پنهنجي هڪ شڪل اختيار ڪري بيٺا ۽ ٻولي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي روپ ۾ ڪتب اچڻ لڳا ڏسو:
”اُتم کيتي وڌندڙ واپار،
نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.“
هن پهاڪي ۾ زندگيءَ جي سچائي سمايل آهي. ڪنهن وقت ڪنهن شخص کي نوڪري محنت کان پوءِ به نه ملي هوندي يا وري نوڪري ملي هوندس ته پنهنجي قابليت جي نه ۽ وري پگهار گهٽ، يعني هُن گهڻيئي مشڪلاتون ڏٺيون هونديون. اِنهيءَ آزمودي مان هُن شخص اِها ڳالھ چئي ڇڏي هوندي. اُنهيءَ آزمودي وانگر جڏهن ٻين به ساڳيا تجربا ٿيڻ لڳا ته انهيءَ استعمال آهر آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ مشهور ٿي پهاڪي جي شڪل وٺي بيٺي.
پهاڪي جي روايت ڏاڍي پُراڻي آهي. سڀني پراڻين ثقافتن جي ماڻهو جا شخصي تجربا پهاڪن جو روپ وٺي ڪري، اُنهن جي زندگيءَ ۾ ڇانيل آهن. اِهو ئي سبب آهي جو پراڻو ادب پهاڪن سان پُر آهي. ويدن واري زماني جي ثقافت ۽ لوڪ سنسڪرت جو ادب به پهاڪن سان ڀريل آهي. جيئن ته:
• اَتِ سروَتر ورجييت
• اُديو گُم پُرش لڪشڻمُ
• وِناشڪالي وِپريت بُڌِ
• مؤنن سروارٿ ساڌنمُ
• ڪشما وير سَيه ڀوُشڻمُ
اِنهي روايت ۾ اڳتي هلي پالي، پراڪرت، اَپڀرنش دؤران مان گذرندي اسان جي سنڌي ٻولي به پهاڪن جي ڀنڊار سان پُر ٿي آهي.
سنسڪرت ادب سان گڏوگڏ ٻين ٻولين جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ به پهاڪن جو استعمال جهجهي تعداد ۾ ٿيندو رهيو آهي. پهاڪن جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ خاص جڳھ آهي. اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ جي سونهن وڌي ٿي. پهاڪا سياڻپ جو آئينو آهن، اِنهن ۾ سماج جي رهڻي ڪهڻيءَ جي جيئري تصوير ملي ٿي.
وهنواريءَ زندگيءَ ۾ ڏسجي ته جنهن جي ٻوليءَ ۾ شيريني آهي، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ هوشياري آهي، سو ٻڌندڙ جي دل کي به ڇِڪي وٺي ٿي. ”زبان شيرين، مُلڪ گيري“. ٻوليءَ ۾ ميٺاجُ پيدا ڪري کيس دلڪش ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ پهاڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اِهي ٻوليءَ جي سونهن آهن.
ادب سماج جو آئينو آهي، ته پهاڪو ادب ۽ ٻوليءَ جو سينگار آهي. پهاڪي جي استعمال سان ٻولي سُپڪُ ۽ ادب جو اوُچي معيار واري بڻجي ٿيو ۽ اُوچي ادب سان سماج جو مهذب بڻجي ٿو. پهاڪا ٻوليءَ جو سينگار آهن، اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ ۾ نواڻ ۽ خوبصورتيءَ جو سنچار ٿئي ٿو. ناول ۽ ڪهاڻين ۾ ته پهاڪن جو استعمال ضروري ليکبو آهي. پروفيسر رام پنجواڻي پنهنجي ناول ”اهي نه آهي“ ۾ جهجهي تعداد ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪيو آهي.
• سائين جِن سان ساڻِ، تن کي لهِر نه لوڏو. (شاھ)
• اِشور آهي ايڪو، اسين آهيون ٻُڙِيون.
• دليلن سان دلبر ملي ها ته هرڪو وڪيل پُهتل پير هُجي ها.
پهاڪا لسانيات جي عالمن لاءِ هڪ خاص ۽ اهم جاءِ والارين ٿا. ٻولي ۽ ادب ۾ ايندڙ ڪيترا لفظ آهستي آهستي واهپي کان ٻاهر ٿيندا وڃن ٿا، پر ”پهاڪا“ جي ڳوٿريءَ ۾ اڃا تائين آڳاٽا لفط محفوظ آهن. جيئن ته:
• هُنن جا پاڻ ۾ ڏتر سنوان نه آهن.
• وُٺو ته ٿر، نه ته بر.
اِنهن ۾ هاڻي ”ڏتر“ ۽ ”وُٺو“ لفط چال مان نڪري ويا آهن.
ڊاڪٽر واسديو شرڻ اگروال موجب ”پهاڪا قديم علم جا محافظ ٿيندا آهن.“ ڪِرستانن جي قديم مذهبي ڪتاب ”اولڊ ٽيسٽامينٽ“ (Old Testament) ۾ (پراوبرس“ (Proverbs) نالي هڪڙو باب آهي. هِن باب ۾ گڏ ڪيل پهاڪن تي مصر جي قديم ڪتاب جو اثر آهي. هڪڙي يهودي دعائن جي ڪتاب ۾ قانون جي پنڊتن پاران چيل ٽيهٺ ڄاڻ ڀريا گفتا گڏ ٿيل آهن، جن جو وجود حضرت عيسيٰ جي جنم کان ٽي سال اڳ جو آهي. اِسلام جي اوائلي ڪتاب، ”قرآن شريف“ ۾ به مثال جي روپ ۾ پهاڪا ڏنل آهن. ويدن ۾ اَٿاھ پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون.
يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ وقت پهاڪن جو خاص استعمال ٿيندو آهي. جاپان ۾ رڳو تعليم ۾ بلڪه راندين ۾ به پهاڪن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جاپان جي پروفيسر ڪوچي دوئي پنهنجي مقالي Introduction of the Proverbs۾ لکيو آهي ته ٻالپڻي ۾ تاش جي راند ۾ جيڪي ٻاونجاھ پتا هُو ڪتب آڻيندا هئا، اُنهن ۾ هر هڪ ڪارڊ تي پهاڪو لکيل هوندو هو. هڪ ڇوڪرو ڪو به هڪ پهاڪو پڙهندو هو ۽ اسان اُنهيءَ کي ورجائيندا هئاسون. اُنهن ڪارڊن تي ڇپيل پهاڪن ۾ هڪ پهاڪو ڏسو:
“Three men together are as wise as Munjusri”
جدا جدا ٻولين جي ادب ۾ پهاڪن جي اهميت تي چيل ڪجھ سُخن هن ريت آهن:
• پهاڪا عوام جو آواز هئڻ ڪري، الله جو فرمان آهن. (اردو)
• جنهن پهاڪي جو مطلب سمجهيو، اُنهي ويد جو جوهر ڄاتو. (ڪنڙ)
• هن سنسار ۾ ٽي رتن آهن: پاڻي، اَناج ۽ سهڻا سخن يعني پهاڪا. خبر نه آهي ته پوءِ هي ماڻهو پٿر جي ٺڪرن کي ”رتن“ ڇو ٿا چون. (سنسڪرت)
• موت ۽ پهاڪي کي اِختصار سان محبت آهي. (جرمن ٻولي)
• جهڙيءَ طرح کاڌي ۾ لوڻ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ ۾ پهڪا آهن. (عربي)
• پهاڪن جو جنم ڄاڻ مان، ته ڄاڻ جو جنم پهاڪن مان ٿيو آهي. (روسي)
• پهاڪي سان وقت تي چور جي ويچارن ۾ به ڦيرو اچيو وڃي.
• جيڪڏهن پهاڪي کي ڪو ڪوڙو ثابت ڪري، ته پوءِ چئبو ته کير جو سواد به کٽو ٿيندو آهي. (ملايالم)
• آخر ۾ مان رڳو ايترو چوندس ته پهاڪي جي اهميت دنيا جي هر ملڪ ۾ هر شخص سڃاتي آهي ۽ اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻولي ۽ ادب ۾ ته پهاڪن جي واکاڻ جا جنسي ڍُڪ ڀريا ويا آهن.