لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس، پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو آهي. هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي.
هن ڪتاب کي عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم ڦلومل ميگهواڙ ڪيو آهي جڏهن ته نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي.
Title Cover of book سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

۵.۳ جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:

۵.۳ جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:
ايامن کان اِنسان ذات جو لاڳاپو الڳ الڳ جانورن سان رهيو آهي. تاريخي روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ اِنسان پاڻ به جانورن وانگر جهنگلن ۾ رهندو هو. پاڻ کان هيڻن ۽ ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن جي ڪچي گوشت تي گذر ڪندو هو. ٿڌ ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ٻين جانورن وانگر پنهنجي منهن ٽنگن جي وچ ۾ لڪائي ڪنهن وڻ يا دڙي جي آڙ ۾ لِڪي وڃي سمهندو هو. جيڪي جانور اِنسان کان وڌيڪ طاقتور ۽ درندا هئا، اُنهن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ جبلن جي عفائنِ يا کوکلن وڻن ۾ لِڪي پوندو هو. پر ڏسجي ٿو ته قدرت جي طوفان اِنسان جي مٿان ڪو راض هو جو کيس عقل ۽ ذهن ٻين جانورن کان ڪافي ڪثر ۾ عطا ٿيل هو. ٻي خاص وصف جيڪا اِنسان ذات کي مليل هُئي ۽ جيڪا اڃا به منجهس قائم آهي ۽ جنهن سبب هو آهستي آهستي ترقي ڪندو جهنگلي حالت مان نڪري اچي اڳوڻي اوج واري حالت کي رسيو آهي ساهيءَ آهي ته هُو هميشه هڪ ئي نموني گذر ڪرڻ مان ڪڪ ٿي پوندو آهي. مثال طور، ساڳين شين، ڪپڙن، کاڌي وغيره کي هو پسند نه ڪندو آهي. کيس پنهنجن حالتن ۾ سڌارو ۽ بدلاءُ آڻڻ جي هميسه ڳڻتي رهندي آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته اِنسان هميشه ترقي ڪري اڃا به وڌيڪ سٺي مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو آهي، اِن ڪري ئي هُو ٻين سڀني ساھ وارن کان اوچي درجي تي پهچي ويو آهي.
زمانو گذرندو ويو ۽ اِنسان انهيءَ فطري وصف سبب هڪ ئي جهنگلي جانور وانگر فقط شڪار تي گذارڻ ڪرڻ مان اچي خفي ٿيو. جهنگل ۽ ٻيلن ۾ شڪار پٺيان ڦِرڻ سبب کيس وڻن ٻوٽن ۽ پنن کان سواءِ گُل ۽ ميوا به نظر آيا جي انسان ڏٺا ته فقط ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿين ٿا. آخر انهن کي چڱي ڏٺائين، جن مان کيس ڪُجھ رسُ ۽ سواد معلوم ٿيو ته پوءِ هو اُنهن جو واهپو به ڪرڻ لڳو، آخر نتيجو اِهو نڪتو جو فقط گوشت تي گذارو ڪرڻ سان گڏ سندن لاڙو پوک طرف پڻ ٿيو.
اهڙيءَ طرح زمانا گذرندا رهيا ۽ انسان پنهنجي ترقيءَ جي راھ تي اڳتي وڌندو رهيو. فطرت جي اصولن سان پڻ سندس واقفيت وڌندي هلي. اِنهن اصولن جي آزمودي مان ڏٺائين ته گرمي ۽ سرديءَ جي موسمن بدلجڻ تي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ نوان پن ۽ ميوا ٿين ٿا. جيڪي ميوا زمين تي ڪِرِن ٿا يا پاڻ جيڪي ميوا کائي اِنهن جو اندريون سخت ۽ بي سوادي حصو، هوُ کائي نه سگهيو ۽ زمين تي ڦٽو ڪري ساڳيو ئي ميوو يا ڦلُ ڏيڻ لڳو. اِهو به کيس معلوم ٿيو ته جتي برسات جو پاڻي ڪٺو ٿو ٿئي يا قدرتي ڍنڍن، ڍورن، يا ندين مان پاڻي اُٿل کائي اچي زمين تي بيٺو ته اُتي گاھ ۽ ٻوٽا پيدا ٿي ويا. اهڙن قدرت جي آزمودن مان سندس هوش ۽ حوصلو ڪافي وڌيا ۽ موسم جي تبديلي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اثرن جي به کيس ڄاڻ پيئي. ائين ڪندي ڪندي آخر انسان کي ٻني ٻاري جي چڱي ڄاڻ ٿي ويئي. ان کان پوءِ هو پنهنجي کاڌي لاءِ گوشت کان سواءِ ميون، ڦَلن ۽ اناج جو استعمال به ڪرڻ لڳو.
ٻني ٻاري جي هنر جي هٿ اچڻ تي سندس آزمودي ۾ هڪ نئون باب کُلي ويو. پوک ڪندي کيس اِهو محسوس ٿيو ته اِهو ڪمُ سندس اڪيلي سِر ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي. کيتيءَ جي ڪم ۾ کي مدد جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ڪجھ وقت گذرندي ۽ ويچار ڪندي انسان جي نظر اهڙن جانورن تي پيئي، جن کي هو ماري کائي سان ويندو هو ۽ اُهي جانور هن سان پُڄي نه سگهندا هئا. آخر اُنهن جانورن کي جيئرو ڦاسائڻ جو تدارڪُ ڪرڻو پيس، جنهن لاءِ هن کي الڳ الڳ ڪرڻو پيو. جانورن کي ڦاسائي ۽ وري انهن کان پنهنجي ضرورت موجب ڪم وٺڻ لاءِ به تدبيرون ڪرڻيون پيس. آخر ڪار پنهنجيءَ سمجھ، آزمودي ۽ حڪمتِ عمليءَ سان اُنهن جانورن مان اُهي نرم ۽ نازڪ هنڌ معلوم ڪري ورتائين، جن تي ٿورو ئي زور ڏيڻ سان جانورن کي آسانيءَ سان قبضي ۾ ڪري پنهنجيءَ گهرج موجب هلائي ڪم وٺي ٿي سگهيو. جيئن ته ڏاند کي ڏوريءَ جي نٿ نڪ ۾ هنيائين. اُٺ کي به نڪ ۾ مهار ۽ ناڪيلي وڌائين. گهوڙي ۽ گڏھ کي وات ۾ لغام وِڌائين. اهڙيءَ طرح هُن پنهنجي کيتيءَ جي ڪم ۾ جانورن کي استعمال ڪري ڏکئي ڪم کي سولو بنايو.
اِنسان جيڪي جانور پاڻ وٽ پاليا، اُنهن مان به کيس گهڻي پروڙ پيئي. کير، مکڻ ۽ ڏُڌ جي خبر پيئي. نه فقط پاليل جانورن بابت اِنسان کي آزمودن حاصل ٿيو، پر جهنگلي جانور وقت پوک کي کائيندا يا ٻي طرح نقصان رسائيندا هئا، اُنهن کي هڪالي ڀڄائڻ لاءِ باھ ٻارڻ، پاڻي ڀريل کَڏُن ۾ ڦاسائڻ يا ڪڏهن ڪڏهن وڏو آواز به ڪرڻ لڳو، جنهن لاءِ ٻڪر يا رڍ جهڙي جانور جا پورا سڱ وڄائي شورُ مَچائڻو پوندو هوس. انهيءَ آڌار تي چوڻي ٺهي اڄوڪي زماني ۾ جڏهن ماڪڙ اچي فصل جو نقصان ڪندي آهي ته وري هاري دُهِل، دٻا وغيره وڄائي، شور غُل ڪري، ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪندا آهن. وقتي جي جهنگلي جانورن مان ڪو جانور ڦاسي يا مري پوي ته اُن جي کَل، چرٻي، گوشت يا هڏين مان ڪهڙو ڪم وٺجي، کيس اِها به سُڌ پيئي. مطلب ته جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن اِنسان به جانورن بابت پنهنجي آزمودن جي آڌار تي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندو ويو. پنهنجي وسيع ۽ پوري آزمودي مان هو هاڻي سمجهي ٿي سگهيو ته ڪهڙا جانورن سمجهو ۽ ڪهڙا جانور موڳا آهن. ڪهڙا جانور ساڻس وفادار يا ڀروسي جهڙا آهن. ڪهڙا جانور پنهنجو ڪم سنئون سڌو يا ٿوري اشاري تي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهڙن جانورن کي وس ۾ ڪرڻ لاءِ لٺِ يا چابُڪ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. قصو ڪوتاھ ته اسان کي جانورن جي هر پهلو، شڪل، تشبيھ، رنگ ڍنگ، کاڌي خوراڪ، عادتن، خصلتن خواھ اُنهن جي آوازن ۽ اونائڻ جي ايتري قدر چٽي ڄاڻ پئجي ويئي جو مزاجاً اِنهن آزمودن کي اِنسان بنسبت پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪتب آڻڻ لڳو. مثلاً ڪنهن ماڻهوءَ جو هيٺيون چپ وڏو ۽ لڙڪندو ڏسي ڪنهن شخص جي وات مان هي اکر نڪتا- “چُپ ته ڏسوسِ، اُٺ وانگر پيو لڙڪيس،” ڪو ڇوڪرو راند ڪندي مهل مِٽيءَ ۾ پئي ليٿڙيو. اُن لاءِ ڪنهن چيو ته ،گڏھ وانگر پيو مِٽيءَ ۾ ليٿڙي.” ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ جوش سان وڙهندو ڏسي ڪنهن چئي ڏنو “هي ته ڪُتن وانگر هڪٻئي جو ماس پيا ڇنن”. اِهي اکر اهڙا ته نج ۽ موزُون ثابت ٿيا جو ساڳين حالتن هيٺ وري وري ڪتب اچڻ لڳا. آهستي آهستي اهڙن اکرن يا جملن محاورن جي شڪل اختيار ورتي. وقت بوقت ڪيترا ٻيا به موزون اصلاح جانورن سان ڀيٽ وارا وري ساڳي طور ڪم اچڻ سبب ڦري پهاڪا، چوڻيون، مثال، مُشابهتون وغيره ٿي پيا ۽ آخر چڱي طرح ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا.
نه فقط جانور ٻوليءَ تي اثر انداز ٿيا ۽ اُن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪيائون، پر اُنهن جا پاليندڙ يا اُنهن سان خاص تعلق رکندڙ به ٻوليءَ ۾ اثر نما ٿيا. اُٺن جا جت، ڏاند کي گهاڻي ۾ وهائيندڙ چاڪي يا ٻڪريءَ کي ذبغ ڪري گوشت وڪڻندڙ ڪاسائي ۽ رِڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چاريندڙ ريڍار يا ٻڪرا وغيره به شمار ۾ آيا. اهڙن ماڻهن جي ڪارڪردگي ۽ خصلتن تي پڻ ڪيترا محاورا، چوڻيون وغيره چيا ويا. مثلاً اُٺن جو جت ڪوتاھ بي عقليءَ جو نشان بڻيو. ڪاسائي وري سنگدلي ۽ بيرحميءَ جو مثال بڻيو.
جانورن ۽ اُنهن سان تعلق رکندڙ مُحاورا، پهاڪا، چوڻيون وغيره ۽ رواجي چالوُ پهاڪا وغيره گڏجي اسان جي ٻوليءَ ۾ چڱو خاصو ذخيرو بڻيا آهن. هِن مقالي ۾ اِها ڪوشش جاري رکي ويئي آهي ته اُنهن پهاڪن وغيره بابت جاچ ڪري معلومات حاصل ڪجي ته اُهي ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن جي هيٺ چالو ٿيا يا اُهي ڪنهن تاريخي يا ٻئي ڪنهن مکيه گهٽنا يا واقعي تي ٻڌل آهن. مطلب ته اُنهن پهاڪن جي پيڙھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کي نظر انداز ڪو نه ڪيو ويو آهي. پر “سج به پاڇا آهي”. “ڪماليت جي پٺيان زواليت”. هلي اچي انسان جو اُهو سُڀاءُ جو کيس ساڳيءَ حالت تي راضي رهڻ نه ٿو ڏئي، تنهن کيس جانورن کان ڪم وٺڻ ۾ به بيزار ڪري ڇڏيو.
جانور نه فقط ٻوليءَ جي پهاڪن وغيره ۾ جائگير آهن، پر ٻين ڪيترن ئي قسمن جي تصنيفن ۾ به کين دخل حاصل آهي. مثال طور درسگاهن ڏانهن نظر ڪجي ته شروعاتي سبقن ۾ الف- بي سيکارڻ لاءِ شڪلين ۽ تصويرن جو سهارو ورتو ٿو وڃي. ننڍرن معصومن کي الف- بي جا حرف رُکا ياد ڪرائي نه ٿا سگهجن، پر اُنهن حرفن کي ڪنهن شڪل يا صورت جي ٽيڪ ڏيڻي ٿي پوي. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهريون اکر ‘الف’ ڇڏي جي، اڳتي هلبو ته بي- بلا، ٻي- ٻڪري، پي- پلو، ڀي- ڀولڙو نظر ايندا. اڃا به اڳتي وڌبو ته رِڇُ، سانُ، گڏھُ، ڳيرو، شينهنُ وغيره پڻ ملندا. شڪلين ۾، خاص طور سان جانورن جي شڪلين ۾ جو ضرور اِنهيءَ سبب ٿو پوي جو ٻارن جي سمجھ بلڪل ڪچي آهي ۽ کين پنهنجي هئڻ جي ڪا به ٻُوجھ يا سمڪ ڪانهي، جنهن سبب هو ٻاهرني دُنيا ۾ هلندر چلندڙ جانورن يا رانديڪن کان متاثر ٿين ٿا. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري، هر ٻوليءَ جي الف- بي جا حرف کين تصويرن رستي ياد ڪرائڻ آسان ٿين ٿا. ٻار تصوير ڏسي ڪري اُن جانور جو نالو ٻُڌي شروعاتي حرفن کي سولائيءَ سان ياد ڪري سگهندا آهن.
ٻاراڻي درجي کان پوءِ ٻارن کي ننڍيون ۽ هلڪيون آکاڻيون ٻڌائي سبق پڙهايا وڃن ٿا. اُنهن ۾ پڻ جانورن ۽ پکين واتان نصيحت ڀريا نُڪتا چوايا وڃن ٿا، جيڪي ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪن. هنن قسمن جي سبق ۾ ماکيءَ جي مٺاس، ماڪوڙي، ڏينڀو ۽ ٻين جانورن جو ذڪر اچي ٿو. هِن ڏس ۾ “ايسپ جون آکاڻيون”، دنيا ڀر ۾ مشهور آهن، جن ۾ گهڻو ڪري هر قسم جي جانور جو ذڪر اچي ٿو. ڀارت ۾ “پنج تنتر“ نالي ڪتاب گهڻو مشهور آهي. “هتوپديش” به جانورن جي- آکاڻين سان ڀريل آهي. اِنهيءَ کان علاوه ٻارن لاءِ مختلف ڪامِڪس ۽ فلمون به مشهور آهن، جن ۾ جانورن ۽ پکين جو جوڳو استعمال ڪيو ويو آهي. اڄ ڪلھ ٽي- وي ڊزني لئنڊ، موگلي، اسپائيڊر مين وغيره گهڻي ئي پروگرام آهن، جن ۾ ڪيترن ئي جانورن جو استعمال ڪري ٻارن لاءِ آکاڻيون ٺاهيون ويون آهن.
ٻارن جي زبان سٻاجهڙي، ٻاتڙي ۽ مٺي ٿئي. انهيءَ سبب ٻارن لاءِ شاعري وغيره ۾ ٻارن جي ڏانُ جي ٻاتي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو به استعمال ڪيو ويو اهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. جيئن ته:
(1) ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي، اسين تُنهنجا ماڻهو، چٻينداسين ڏاڙهون.
هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي، ستن ڀائرن جهڙي،
ست ئي ڀائر در تي، منهنجي ٻيڙي تڙ تي.
(2) پئسو لڌم پٽ تان، پئسي ورتم گاھُ،
گاھ ڏنم گانءِ کي، ڏنم کيرُ،
کير ڏنم امان کي، امان ڏنو لولو،
لولو ڏنمِ ڪانوَ کي، ڪان ڏنو کنڀُ،
کنڀُ ڏنم ڪمانگار کي، ڪمانگار ڏنو تيرُ،
تير ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،
چڙهي گهُمان، چڙهي گهمان،
چندن ڦٽاڪو، جيئي منهنجو ڪاڪو.
(3) ڪُونج ٻائي، ڪُونج ٻائي،
ناناڻي گهرِ مينهن وِيائي،
لوٽو ڀريو کير جو،
ڍُڪُ تون ته ڍُڪُ مان.
(4) ننڍڙي ٻار کي چيڙائڻ لاءِ چوندا آهن:
“ٿانئون ڙي ٿانئون، توکي پيٽ ۾ بلائون،
توکي ڪُنيءَ ۾ رڌائون، توکي وٽيءَ ۾ وِڌائون.”
اِن طرح دنيا جي ٻولين ۾ پروليون، ڳجهارتون وغيره ملن ٿيون، اُنهن مان ڪِن ۾ جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. پروليءَ ۾ يا ته جانور جو نالو ڪم آيل هوندو آهي يا وري پروليءَ جو جواب ڪو جانور هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙي قسم جون ڪُجھ پروليون ملن ٿيون.
جيتوڻيڪ منهنجو اڀياس هتي پهاڪن تائين محدود آهي، پر جانورن جو ذڪر پروليون ۾ به ملي ٿو. اِنهيءَ ڳالھ جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ ڪجھ مثال هن ريت آهن:
- هيتري تِر جيتري، راجا جي پڳ لاهي. (جُونءَ)
- سوڙهيءَ ڳليءَ ۾ نانگ نچي. (سُٿڻ جي اُبداڻي ۾ اڳٽُ)
- هڪڙا اچن ٻيا وڃن (ڏينڀوءَ جو مانارو.)
سنسڪرت ٻوليءَ ۾ به شاگردن لاءِ عام سِکيا ڏيندڙ هڪ شلوڪ ملي ٿو، جنهن ۾ به جانورن جي خوبيءَ جو ذڪر ڪيل آهي:
- ڪاڪ چيشٺا بڪو ڌيانم، شوان نِدرا تٿيئوَجَ،
الپاهار- گرهتيا گؤ، ايتي وديارٿي- لڪشڻا.
مطلب ته ڪانوَ جهڙي تيز نظر هجيس، ڌيان ٻگھ پکيءَ جهڙو، ننڊ ڪُتي جهڙي، کاڌو بلڪل ٿورو ۽ گهر کان پريان رهي، اِهي پنج ئي لڇڻ ڪنهن به شاگرد يا وديا رٿيءَ ۾ هئڻ گهرجن.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن پنهنجي نظر ۾ جانورن، پکين وغيره کي نظر انداز ڪو نه ڪيو آهي. شاھ عبدالطيف جهڙي چوٽيءَ جي شاعر پنهنجي سُرن ۾ اُٺُ کي خوب ڪم ۾ آندو آهي ۽ گهوڙي کي گهوٽن سان شريڪ ڪري کين اعليٰ درجي تي رسايو آهي. نانگ جون وصفون شاھ صاحب ڌار ڌار پيش ڪيون آهن. سُر مومل راڻي ۾ نانگ جي ڪاري رنگ ۽ ڊيگھ کي مومل جي ساهيڙين جي سوُنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
گلبدن جون، گُجريون ارم اوڍِيائون،
چوٽا تيل ڦُليل سان واسينگ ويڙهيائون-
(سُر مومل راڻو)
نانگ جي ٻي وصف، جا اوگڻ آهي، هن ريت پيش ڪيل آهي:
- سنها ڀانءِ مَ سَپ، وِياءَ واسينگن جا،
- جنهين جي جهڙپ، جُنگن کي جوکو ٿئي.
هڪ ٻئي هنڌ تي شاھ صاحب چيو آهي.
- عشقُ ڪارو نانگُ، خبر کاڌن کي پوي.
ٻيو مثالُ ڀنوَر جو وٺو. هِن ۾ ٻه ڪاري رنگ هئڻ ۽ گلن مان واس وٺڻ جي خصلت آهي. سندس ڪاري رنگ کي شاھ ڀٽائي مجازاً هيئن ٿو ڪتب آڻي:
- نين سڪيلا سُپرين، ڀنوَر ڀِروُن ڀالا.
آخوند گل محمد پنهنجي “ديوان” ۾ ڀنور جي اِها صفت ٿو ٻڌائي جا هر اِنسان ۾ هئڻ گهرجي، يعني ڀنورُ گُل جي ٻاهِرئين ڏيک ويک يا رنگ تي نه ٿو موهجي وڃي، پر گل اندر جيڪا حقيقي سرهاڻ آهي، تنهن جي پٺيان ڦِري ٿو. گُل جيڪڏهن ڪاغذ جو هوندو ۽ سهڻي ڪاريگري به هُجيس، پر ڀنوَرو اِنهيءَ تي ڪين ايندو. هڪ سنڌي شاعر اهڙي گُل بابت چوي ٿو:
- گُل هجي ڪاغذ جُڙيل توڻي هُجيس ٽَڪ سهڻي،
اهڙي بي بُوءِ گل کي کڻي، تنهن کي سُنگهڻ ناهي روا.
شاعريءَ کان نظر هٽائي جي مذهبي روايتن يا ڌرمي ڏندڪٿائن ڏانهن ٿو ڏسجي ته انهن ۾ به جانورن ۽ پکين جو خاصو ذڪر ملي ٿو. ‘مٿالاجي’ ته اهڙين روايتن سان ڀري پيئي آهي. هِندن ۾ ڳئون هڪ اهڙو جانور آهي جو پُوڄا لائق سمجهيو وڃي ٿو. گجرات ۾ هندو گهڻو ڪري ڳئون جو پُڇ جهلي پنهنجي مُنهن تي گهمائيندا آهن. اهڙيءَ طرح اُتر پرديش جا رهواسي ڳئون جي ڇيڻي کي سُڳنڌ سمجهي پنهنجي گهر ۾ ان جو ليپو لڳائيندا:
هندو مِٿڪ شاستر (ڏندڪٿائي ڪتاب) موجب ديوتائين لاءِ سندن سورايءَ لاءِ الڳ الڳ جانور يا پکي مقرر ٿيل آهن. جيئن ته وشڻو ڀڳوان لاءِ گرڙ پکي، شِو لاءِ ڍڳو، سر سوتي ديويءَ لاءِ هنسُ، لڪشميءَ لاءِ اُلوُ، گڻيش لاءِ ڪوئو، وغيره.
حضرت ابراهيم جنهن پهرين ڪعبو شريف جوڙيو، تنهن تي جڏهن ٻاهران حملو ڪري آيا ته ابابيل پکين پنهنجي چهنب ۾ ننڍا پٿر يا ٺِڪريون ڀري دشمن مٿان وسايا، جنهن سبب هو شڪست کائي موٽي آيا.
جيوتش وديا يا علم نجوم جو آسان جي ستارن ۽ اُنهن جي هلچل سان واسطو آهي. جيوتش موجب جيڪي راشيون (گرھ) مقرر ٿيل آهن. انهن سان ڪيترين جو لاڳاپو جانورن سان آهي. جيئن ته، ميش، ورش، ڪرڪ، سِنهن، ورشچڪ، مڪر، مينَ. اِهو مڃيو وڃي ٿو ته ٻار جنهن راس جو هوندو، اُن راس جي جانور جا گُڻ به ٻار ۾ پڻ موجود هوندا.
هندو ڌرم جي روايت موجب جڏهن ڪو ٻر پيدا ٿيندو آهي ته ان جو نالو رکڻ لاءِ ان ٻار جي پيدا ٿيڻ وقت تي آڪاش ( آسمان) ۾ جيڪو نکٽ هوندو آهي، انهيءَ آڌار تي ٻار جي نالي جو پهريون اکر ڪڍيو ويندو آهي. پيدا ٿيل ٻار جي راس اُها مڃي ويندي آهي، جنهن راس ۾ چنڊ ٻار جي پيدا ٿيڻ جي وقت جي بيٺل هجي، راسيُن جي آڌار تي ئي ٻار جي فطرت جو اندازو لڳايو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت، شاديءَ جي وقت تي به ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي راسين (گرهن) جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪري اهڙو اندازو لڳايو ويندو آهي ته اُنهن جو اڳتي وقت سٺو گذرندو يا نه. جهڙيءَ طرح ٻه جانور پاڻ ۾ مخالف ٿيندا آهن، اهڙيءَ طرح راسيون به پاڻ ۾ به مخالف راسين واري ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي شادي پاڻ ۾ ڪئي وڃي ته اُهي پنهنجي زندگيءَ ۾ سُکي نه رهي سگهندا آهن.
جهڙيءَ ريت هندو ڌرم ۾ ماڻهن کي راسين موجب الڳ ورگ (قسم) ڏيئي ڪري ڪنهن جانور جي اهميت سان ان جو لاڳاپو ڪيو ويو آهي، انهيءَ طرح چين ۽ جاپان ۾ هر هڪ سال کي ڪنهن جانور جي پٺيان شمار ڪيو ويو آهي. اِن لاءِ ٻارنهن جانورن جو آڌار مڃيو ويو آهي.
(۱) ڪتو (۲) سوئرُ
(۳) ڪوئو (۴) ڏاندُ
(۵) چتو (۶) سهو
(۷) ڊريگن يا ازدها (۸) نانگُ
(۹) گهوڙو (۱۰) رِڍ
(۱۱) ڀولڙو (۱۲) ڪُڪڙ يا مرغو
سال ۱۹۹۴ع ڪتي وارو سال هو، ۱۹۹۵ع سوئر وارو سال ۽ ان بعد ڪُوئي وارو سال ٿي گذريو. اهڙيءَ ريت ڪُڪُڙ واري سال تي ٻارنهن سالن جو هڪ چڪر پورو ٿيندو ۽ وري نئون ڦيرو ڪُتي جي سال سان شروع ٿيندو. انهن ملڪن جي ماڻهن ۾ اهو ويساھ آهي ته جنهن سال ۾ ڪو ٻار پيدا ٿيندو، اُن ۾ انهيءَ جانور واريون خصلتون هونديون. مثال طور جيڪو سن ۱۹۹۴ع ۾ پيدا ٿيو هوندو، ان ۾ ڪُتي واريون عادتون هونديون ۽ هو پنهنجي ڪٽنب، مالڪ ۽ دوستن سان وفادار هوندو. سال ۱۹۹۵ع کي سوئر جو سال مڃي، هانگ ڪانگ جي سرڪار ٽپال جي ٽڪلين تي سوئر جي شڪل ڇپائي هئي.
ٻوليءَ ۾ جانورن جي هستي اڃا تائين به اچي دنگي نه ٿي ڪري، پر اڃا ڪجھ اڳڀرو پنهنجو اثر رکي ٿي. انساني اوائلي تاريخ ڏانهن ڏسجي ٿو ته جڏهن انسان ڪجھ سُڌاري جي حد تي پهتا ته هو پاڻ ۾ گڏجي ڪري هڪ ئي گهر ۾ پاڙي ۾ رهڻ لڳا. آدمشاريءَ جي واڌ ٿيڻ سان ذاتيون ٺهيون ۽ قومن جي ارتقا ٿي. هن وقت سنڌ ۾ مسلمانن جون ٻه مکيه قومون ليکجن ٿيون: هڪڙا ٻلوچ ۽ ٻيا سماٽ. بلوچن جا پاڙا ۽ قبيلا سمورا پنهنجي وڏن جي پٺيان سڏجن ٿا. هڪ ڪتاب “اقوامِ بلوچان” سيد باز محمد شاھ جو لکيل آهي، جنهن مان هن ڏِس ۾ گهڻي خبر پوي ٿي. سماٽن بابت ڪو اهڙو ڀروسي جهڙو ڪتاب يا لکاوٽ ڪا نه ٿي ڏسجي، جنهن مان پاڙن، قبيلن وغيره جي ڄاڻ پوي ٿي.
ڏسجي ٿو ته سنڌ جا اصل رهاڪو گهڻي انداز ۾ سما ۽ سومرا هئا، جيڪي سڀئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا ۽ اُنهن اڄ تائين پنهنجي ذات قائم رکي آهي. سماٽن جون ڪي ذاتيون وري اهڙيون آهن، جن جا نالا جانورن جي پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: ڪيهر، ٻٻر، واگھ، شير وغيره. پنجاب ۽ سرحدن وارن علائقن ۾ ذات جا شير پاؤ ۽ شير موز ملن ٿا. اِنهن ۾ ڪي ڇِترا (ڪشترا) ۽ ڪي شِڪرا به آهن. گجرات جا ڪي مسلمان ذات جا گانگ آهن. سنڌ ۾ هڪ ذات سيال به آهي، جيڪي پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ سان واسطو رکن ٿا. مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي “سنڌي لغات قديميءَ” ۾ سيارڙا جي معنيٰ لکي آهي: مِروُن، سيارُ، سيالُ، شِگالُ، گدڙُ. ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سيال ذات وارن تي اِهي نالو هن جانور پٺيان رکيو ويو هجي.
سنڌ جي هندُن ۾ هڪ ذات ‘گدڙ’ آهي، جيڪا ٻيراڻيءَ جي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي علائقي ۾ ملي ٿي. اِنهي ذات وارن هندُن جو چوڻ آهي ته سندن ڪي وڏا هڪ دفعي شڪار ڪرڻ لاءِ گهران تيار ٿي نڪتا، سڄو ڏينهن هليا، پر کين ڪو شڪار هٿ ڪو نه آيو. آخر هڪ گدڙ ڏٺائون ۽ انهيءَ جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻين ماڻهن کي جڏهن هن ڳالھ جي خبر پيئي ته انهن شڪار ڪندڙن جي ‘گدڙ’ ڇيڙ ڪري رکيائون جا پوءِ ڦِري سندن ذات جو نالو ٿي ويئي. ڪيئن به هجي پر اهو ته ممڪن آهي ته ‘گدڙ’ يا ‘سيال’ ذات ساڳئي جانورن جي نالي تي بيٺل آهن.
ٻوليءَ ۾ جانورن جي نالن جا چڱا ئي مثال ملن ٿا، پر اِنهيءَ کان به وڌيڪ ماڻهن جي نالن ۾ به جانورن جو اثر ملي ٿو. جيئن ته: شير سِنھ، هاٿيراماڻي، گجيندر، گجانند، شير علي، ڏاندومل وغيره.
سنڌي هندُن ۾ ذات کي ‘نُک’ چوندا آهن. ڪجھ نُکون پڻ جانورن جي نالن پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: مينڍا، گابا، ڳيرا (پنجاب ۾ يرا). هندُن ۾ ڪي برهمڻ به آهن، جيڪي عجيب و غريب ذاتين جا آهن. جهڙوڪ ڪاٺپاڙ، گاڏهي، پُڇرت وغيره. هنن ۾ هڪ ذات ڪوُئا چنڊا به آهي جا سچ پچ عجيب ڏسجي ٿي. ذات جا ڪُوئا ته ٿين ٿا. پر وري چنڊا، هڪ عجيب ڳالھ آهي.
گڏھ جي ٻچي کي کودو، کوتو يا کودڙو به چوندا آهن. هندي ٻوليءَ ۾ اهو نالو عام يا رواجي آهي، پر سنڌ ۾ اهو نالو ڪنهن خاص مطلب سان رکيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن خاندان م پيدا ٿيندڙ ٻار جلد مري ويندا آهن ته اُنهن جا مائٽ نئين ڄاول ٻار جو نالو ‘کودڙو’ رکندا آهن، يعني اهو نالو اهڙو آهي، جنهن کي پيار جي نظر وچان ڏسي نه ٿو سگهجي ۽ مائٽن ۾ ڄڻ ته اهو ٻار پيار جي نظر کان محروم رکيو ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ئي ٻارن جي مرڻ بعد اهڙي نالي وارو ٻار جيئرو ٿو رهي. مطلب ته ٻار مان پيار ۽ موھ جي نظر هٽائي ويئي ته بار بچي پيو. ٻيا ته اهڙائي ڪجھ نالو آهن. ڪؤڙو، مِرچوُ، کٽوُ وغيره.
جانورن کان علاوه پکين تي به انسان نالو رکن ٿا. پکين مان باز نالو ماڻهن تي رکيو وڃي ٿو. جيئن ته باز محمد شاھ، شهباز خان، شاھ بازراڻي وغيره. طوطي تي به ڪجھ نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته طوطو خان طوطومل. پراڻي زماني جي زالن ۾ ‘طوطِي’ نالو به ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. انسانن ۾ ڪيترائي نالا اهڙا آهن، جيڪي سِڌو ئي پکين جي آڌار تي رکيل آهن، جيئن ته: مور خان، ڊيل، ڪونج، مئنا، ڪويَل، وغيره.
ڪيترن جانورن ۽ پکين کي ڪن ملڪن جي قومي نشان ٿيڻ جو شرف حاصل آهي. مثال طور: انگلينڊ جي نشاني شير آهي ۽ انڊونيشيا ۽ آمريڪا جو قومي پکي وڏو باز آهي. ٿائلينڊ وارن هاٿيءَ کي، روس ۾ رڇُ، فرانس وارن ڪُڪُڙ ۽ آسٽرليا ۾ ڪنگروءَ کي پنهنجو قومي نشان ٺاهيو آهي. ڪراچي ميونسپل وارن پنهنجي نشانيءَ ۾ اُٺ کي شامل ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمائتو ۽ اصُل رهاڪو جانور مڃيو ويو آهي.
آمريڪا ۾ فقط ٻه سياستي پارٽيون آهن: هڪ ڊيموڪريٽڪ ۽ ٻي آهي ريپبلڪن پارٽي. اِنهن ٻنهي پارٽين جون پنهنجون الڳ الڳ نشانيون آهن. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ گڏھ کي پنهنجي نشاني ڪري رکيو آهي ۽ ريپليڪن پارٽيءَ جي نشاني وري هاٿي آهي. اهي نشانيون اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ مقرر ٿيون هيون ۽ اڃا به موجود آهن.
ڀارت ۾ اڃا به دستوري علم جي ڪمي آهي. اِنهيءَ سبب جڏهن چونڊن جو موقعو اچي ٿو ته قدرتي طور اِهو سوال اُٿي ٿو ته اڻپڙهيل ووٽ ڏيندڙن کي ڪيئن اميدوار جي ڄاڻ ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هو اميدوارون جا نالا پڙهي نه نٿا سگهن. انهيءَ ڪري چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي نالن سان گڏ انهن جون ڪجھ نشانيون به رکيون وڃن ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري جانورن يا شين سان واسطو رکن ٿيون، جيئن ته ڳئون، گهوڙو، لالٽين، سائيڪل، ڪنوَل جو گل، هٿ جو نشان، وغيره. اهڙين نشانين جي رکڻ جو مکيه مقصد آهي ته جيڪي اڻ پڙهيل ووٽ ڏيندڙ آهن. اُهي اميدوارن يا انهيءَ جي پارٽيءَ جي نشان سان کيس سڃاڻي ڪري سندس نالي اڳيان نشان لڳائي پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهن.
ڀارت ۾ آزاديءَ بعد شروعاتي چونڊن وقت ڪانگريس پارٽيءَ پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ٻن ڍڳن جي نشاني مقرر ڪئي، جيڪي هر ۾ جوٽيل ها. انهيءَ وقت ۾ ڀارت ۾ ايتري ترقي ڪا نه ٿيل هئي ۽ گهڻو ڪري ماڻهو کيتيءَ جي آڌار تي ئي گذارو ڪندا هئا. هارين جو ملڪ هئڻ ڪري اهڙي نشان جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي پهتو ۽ ماڻهن جهجهي تعداد ۾ ڪانگريس کي ووٽ ڏنا. ٻي اليڪشن ۾ به ڪانگريز پارٽيءَ وارن پنهنجي لاءِ ساڳي ئي نشان گهُري، پر مخالف ڌُر وارن به زور لڳايو ته اِها نشاني اُنهن جي پارٽيءَ کي ملي. آخر فيصلو ڪري اها نشاني خارج ڪئي ويئي. اُن کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ کي ڳئون جو نشان مليو، جيڪا پنهنجي وَڇڙي (گابي) سان بيٺل هئي. ڀارت ۾ ڳئون جي هندو ڌرم جي خيال کان هڪ وڏي حيثيت آهي ۽ انهيءَ جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي به مليو.
اهڙيءَ ريت اها ڳالھ ظاهر آهي ته جانورن جو استعمال نه رڳو نالا رکڻ ۾، يا ٻوليءَ جي ڪم آڻڻ ۾ بلڪ سياسي طور سان به ٿئي ٿو. اڄ ڪالھ به ڀارت جون مختلف پارٽيون پنهنجي سياسي نشان جي حد لاءِ جانورن جي چونڊ ڪن ٿيون. جيئن ته شِوسينا پارٽي شينهن کي، بهوجَن سماجوادي پارٽيءَ هاٿيءَ کي چونڊيو آهي. هاڻي جانورن جي نشانيءَ جو استعمال نه رڳو سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، بلڪ ڪيترا واپاري به پنهنجي سامان وڪڻڻ لاءِ جانورن جي شڪلين جو استعمال ڪن ٿا.
آخر ۾ حالتن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته انسان ذات ۽ جانورن جي وچ ۾ جيڪي تعلق هو، سو هن وقت اهڙو گهاٽو ۽ گهرو ڪونهي، جيڪو ماضي ۾ هو. پر ساڳئي ئي وقت اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جانورن ڏانهن سندن هلت چلت ۽ نوع جي طرز ۾ ڪافي بهتري ٿي آهي. انسان جڏهن وحشي حالت مان نڪري ماڻهپي جي راھ تي آيو ۽ ٻني ٻاري تي به ڀاڙڻ لڳو ته جانورن سان سندس رشتو به وڌندو ويو. ماڻهوءَ جو سُڀاءُ جيڪو پهرين جهنگلي، ڇِتو ۽ درندو هو، سو پڻ آهستي آهستي تبديلي ڪندو نرم ۽ مٺو ٿيندو ويو.
زماني جي گردش ۽ اُنهن مان پيداوار ٿيندڙ نتيجن جو اثر اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي به ٿيو آهي. جانورن سان واهپو گهٽ تي وڃڻ سبب اُنهن تي ٻڌل پهاڪا، چوڻيون، مشابهتون وغيره پڻ گهٽ ڪتب اچن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته وقت گذرڻ سان اِهي به گذري وڃڻ معني استعمال ٿيڻ بند ٿي وڃن.
هن موضوع تي بحث ڪري جو ابه ڪارڻ آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر اهڙن پهاڪن جا مثال هِتي هڪ جڳھ تي گڏ ڪجن. جيئن ته اِهي سنڌي ٻولي ڳالهايندڙن کي ماضيءَ ۾ ڪيل ڪم ۽ رواجن جي جهلڪ پيش ڪري سگهن ۽ اها ڄاڻ ٿي سگهي ته ڪنهن وقت ۾ ٻوليءَ ۾ اهي پهاڪا ڪيتري اهميت رکندا هئا. زندگيءَ جي اوائلي دؤر جي آزمودن کي ئي خزاني وانگر ساڍي رکڻ ۽ پهاڪا ادب جو هڪ حصو آهن.
اسان جي ٻوليءَ جي لغت تمام وسيع ٿي ويئي آهي. سبب صاف آهي ته ورهاڱي بعد سنڌي ڳالهائيندڙ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلجي وسجي ويا. نتيجي ۾ مڪاني ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ اچڻ لڳا. اها صورتحال ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ خوشگوار آهي، پر گڏوگڏ مختلف ٻولين جي اثر هيٺ اچڻ سان سنڌ جي سنڌي ۽ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ فاصلو وڌي رهيو آهي، جيڪو خوشگوار آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪا، چوڻيون، اصلاح، ورجيسون ايتريون آهن، جو انهن جو ڇيڙو ڪونهي. انهيءَ آڌار تي ممڪن آهي ته جانورن، پکين تي ٻڌل پهاڪا وغيره سمورا هتي پيش نه ڪري سگهجن.
پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتي جڻين جو بيان ٻن قسمن ۾ ٿيل آهي. پهرئين قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جي جنم، ارتقا ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي روشني وڌي ويئي آهي ۽ ٻئي قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جو استعمال ڪنهن ڳالھ کي چٽو ڪرڻ، خوبصورت بڻائڻ يا مثال ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
پهاڪن سان واسطو رکندڙ جانورن پکين ۽ جيتين کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
جانور:
(1) کير ڏيندڙ: مينهن، ڳئون، ٻڪري، رڍ وغيره.
(2) ڪم ڪندر: اُٺ، گهوڙو، گڏھ وغيره.
(3) ننڍا: سهو، ڪوئو، ڳوھ، سانڊو، نوريئڙو وغيره.
(4) جهنگلي: شينهن، هاٿي، سوئر، بگهڙ، گدڙ وغيره.
(5) گهرو: ڪُتو، ٻلي وغيره
(6) پاڻي وارا: مڇي، واگهو، ڏيڏر، ڪڇئون وغيره.
پکي:
(1) شهري: جهرڪي، ڪانءُ، مور، طوطو، ڪُڪُڙ وغيره.
(2) جهنگلي: ڪُونج، هنجُ (هنسُ)، بازُ، سِرڻ، ڳِجھ وغيره
ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون:
(1) زهريلا: وڇون، نانگ.
(2) گهرو جيت: ڪوريئڙو، ٽِنڊڻ.
(3) رت پياڪ: ڄؤر، مُنگهڻ، جونئن، چچڙا وغيره.
(4) اڏامندڙ: مک، ڀنڀوَرو، پتنگ، مڪڙُ وغيره


جانور، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
کيرُ ڏيندڙ جانور
مينهن:
مينهن ٿلهي متاري ۽ عام طور رنگ جي هوندي آهي. هنديءَ ۾ پهاڪو آهي يعني گهڻي کاڌي کائڻ سان عقل گهٽ ٿئي ٿو. اِهوئي سبب نظر ٿو اچي جنهن جي ڪري مينهن موڳي، اَڻاسي ۽ سُست هوندي آهي. هيءَ جانور مکيه طرح ٻن قسمن جو آهي. هڪ آفريڪا وارو ۽ ٻيو ايشيا کنڊ جو. ڪي مينهون ڀوري رنگ جون به هونديون آهن. مينهن جي نر کي سانُ يا پاڏو چئبو اهي. مينهن جي نر ٻچي کي ڪونهون ۽ مادي ٻچي کي وڇ چوندا آهن. مينهون ڌاريندڙ يا پاليندڙ کي ميهار يا ميهر سڏين. مينهن سان واسطو رکندڙ مکيه پهاڪا ۽ چوڻيون هن ريت آهن:
- ڍءُ جهلي هڪ مينهن، ٻيو جهلي ڀاڀڙو.
ڳئون ۽ ٻڪري جيڪڏهن گهڻو کاڌو کائين ته اُنهن کي آڦري ٿي پوندي آهي. پوءِ اُنهن جا مالڪ کين تيل پيارين ۽ ڪُٽيل ڪارا مرچ وغيره کارائين، جيئن کين ڇِڪون اڇن ۽ پيٽ مان واءُ نڪري وڃي، پر مينهن چاهي گهڻو کاڌو کائي ته به اُن کي آڦري ڪا نه ٿئي. هن پهاڪي ۾ ڀاڀڙا جينِن جي هڪ ذات آهي، جيڪي سنڌ ۾ به رهندا هئا. هو چاهي ڪيترا به شاهواڪار ٿي وڃن، ته به پنهنجي ڌن دولت جو ڏيکُ ڪو نه ڪن. هميشه سادا سُودا رهن. اِنهيءَ تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيئن مينهن ڍءُ جهلي وڃي ٿي، تيئن ڀاڀڙا به ڌن دولت جو ڍءُ جهلي وڃن ٿا. هُنن کي ناڻي جو غرور ڪو نه ٿو ٿئي، نه ڪو هو اُن جو ڏيک ڪن ٿا.
- مينهن ڍائي هوري هلي، رِڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.
هن پهاڪي جو مطلب به اِهو آهي ته ست پيڙهياتو يعني خانداني شاهوڪار ماڻهو ڪيتري به دولت ڪمائيندو ته به غرور يا ڏيک نه ڪندو، پر ٻئي طرف پوءِ- ڍائي اِنسان کي جي چڱي دولت ملي ته هو رڍ وانگر پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو ۽ غرور ڪندو. وقتي هو ٻين جي بي عزتي ڪرڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو.
- مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه،
ڳئون کي چوي هل ڙِي پُڇ ڪاري.
مطلب ته نيچ ماڻهو جيڪو سڄو عيبن سان ڀريو پيو آهي، اُهو پنهنجا عيب ڏسي ڪو نه، پر ٻئي ۾ ٿوري به گهٽتائي ڏسندو ته کيس پيو ٽوڪيندو. هن پهاڪي سان ڀيٽيو: “پرڻُ چوي ڏونگهي کي، هل ڙي ٽِٽُنگا”.
- نوَن ميهارن مينهيون ڌاريون، کٿا لاهي دونهون ٻاريون.
مڇرن کان بچڻ لاءِ ميهار ڇوڏا، ڇيڻا، ڪاٺيون وغيره ٻاري دونهون ڪندا آهن ته جيئن مڇر مينهن کي تنگ نه ڪن. ڪو اڻ آزمودگار ماڻهو، دونهون ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجا کَٿا جلائي ٿو ته اِها بيوقوفي چئبي. مطلب ته جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڌنڌي يا واپار جي پوري ڄاڻ نه آهي، اِن هوندي به هوُ اُن واپار ۾ داخل ٿئي ٿو ته نقصان پائيندو.
- ميهار مينهن مان نڪتو ته وُڇن ڪهڙي پارت.
ڪنهن مينهن جي مالڪ ميهار کي نوڪري مانن ڪڍي ڇڏيو ته اهو ميهار ٻئي نئين ميهار کي پيو عرض ڪري ته ادا انهن وڇن کي پارت اٿيئي. انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجانءِ. هيءُ پهاڪو تڏهن چئبو آهي، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڳالھ سان واسطو ٽُٽي وڃي، ته به پيو اُن باري ۾ سوچي ۽ فڪر ڪري مطلب ته جيڪا ڳالھ ڇڏي ڏني ته پوءِ ان جي باري ۾ سوچڻ نه کپي.
جيڪڏهن ميهاري مري نه پوي ها ته پوءِ هُن جون مينهون رولو ٿي ڀٽڪنديون نه رهن ها. هيءَ پهاڪو اُتي ڪم آڻبو آهي، جتي ڪو ماڻهو گذاري وڃي ته هُن کان پوءِ سندس ٻار آوارا گردي ڪن ۽ ڀٽڪندا رهن. اِن حالت طرف هن پهاڪي ۾ ڌيان ڇِڪايو ويو آهي.
- مينهون رهيون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.
مطلب ته مينهون اڃا جهنگ ۾ پيون گاھ چَرن، هُو وَٿاڻ تي اڃا واپس نه آيو آهن، ته اُنهن کان گهڻو اڳ سندس مالڪ پيو بَرتن صاف ڪري ته مُنهنجون مينهون ڄاڻ آيون، جن لاءِ چَارو تِيار ڪَريان. جڏهن ڪو ماڻهو وقت کان گهڻو اڳ پيو ڪنهن ڳالھ جو سوچ ويچار ڪندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
مينهن جي پالڻ ۾ گهڻي محنت گهرجي. شوق سان ڪو ماڻهو مينهون خريد ڪري پر انهن جي سارسنڀال نه ڪري سگهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چون. هِتي ٺينهن جو مطلب آهي: خدمت ڪرڻ، سار سنڀال ڪرڻ.
- وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا.
مطلب ته ڏاڍن مُڙسن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان رسي ٿو.
- اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، اوُچرن پَٽ اوُچرن ٻيلا.
مطلب ته اُٺن ۽ مينهن جي پاڻ ۾ برابري يا ساٿ نه هلي سگهندو. اُٺ ميدان تي پيل لاڻو کائن ٿا ته مينهون ٻيلن ۾ وڃي گاھ چرن ٿيون. هيءَ پهاڪو اُتي ڪم ايندو آهي، جتي ڌنڌي واپار ۾ ٻن اهڙن شخصن کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهندا آهن.
- وَڇ ڪُڏندي ڪِلي آهر.
مينهن يا ڳئون جي ٻچي کي جي ننڍي نوڙي ٻڌبي ته هُو گهڻا ٺينگ ٽپا نه ڏيئي سگهندو، پر جيڪڏهن نوڙي ڊگهي آهي ته ان موجب وڏي دائري ۾ پيو گهمندو ۽ ٽپا ڏيندو. مطلب ت هرڪو پنهنجي اثر، رسوخ يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان پهچ هئڻ مطابق ڪڏي ٿو يا ناز ڪري ٿو.
- جاڳندن جون وڇون، سُتلن جا ڪوُنهان.
جيڪي ماڻهو محنتي ۽ خبردار آهن، اُنهن جون مينهون وڇون ڄڻين ٿيون، جيڪي وڏيون ٿي کير ڏين ٿيون ۽ ٻار ڄڻين ٿيون. اِن سان اُنهن جي مالڪ کي گهڻو لاڀ ٿئي ٿو، ٻئي طرف جيڪي سُست آهن، اُنهن جون مينهون فقط ڪونهان يعني نرٻار ڄڻين ٿيون. اُهي وڏا ٿي فقط بار ڍوئڻ يا گاڏي ڪاهڻ جي ڪم اچن ٿا. مطلب ته سُست ماڻهوءَ کي گهڻو لاڀ نصيب نه ٿو ٿئي.

ڳئون ۽ ڏاند:
ڳئون کي هندوُ ڳئوُ ماتا به چوندا آهن. پر ڏاند کي سنڌيءَ ۾ ڍڳو، بيل ۽ بلد به چون. ڳئون جي نر ٻچي کي گابو ۽ مادي ٻچي کي گابي چئجي ٿو. اِنهن سان واسطو رکندڙ سنڌي محاورن ۽ پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
- ڍڳو يا ڏاند هئڻ.
مطلب ته گهڻو ڪم ڪندڙ يا وهندڙ هئڻ.
- وهُو ڍڳي تي مار.
مطلب ته جيڪو گهڻو ڪم ڪري تنهن کان ئي گهڻو ڪم وٺڻ.
- ڏاند ڏُهڻُ.
يعني ڪنجوس مان به پئسا هٿ ڪرڻ.
يعني جيڪي نصيب وارا آهن اُنهن کي گهڻو فائدو رسي ٿو. پر نڀاڳن ماڻهن کي نقصان ئي نقصان پهچي ٿو.
- ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
مطلب ته بدنصيب انسان کي نقصان مٿان نقصان پهچي ٿو.
- ڏٻري ڏاند (ڍور) کي مَڇر به گهڻا.
يعني ڪمزور انسان کي وڌيڪ تڪليفون ملن ٿيون.
- ڏاند چڙهي ٿو ڏک ڏسي.
يعني/ سُک ۽ اَمن هوندي به پاڻ کي ڏکي ٿو سمجهي.
- هوُ نال نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
مطلب ته هُو کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ به نٿا چاهين، ۽ ٻئي طرف هيءَ پيئي انگل ڪري ته مان ڏاند تي چڙهي هُنن سان سفر ڪندس.
- ڏاڍو سو گابو.
يعني سمرٿ ڪو نهين دوش گُسائين. يا جس ڪي لاٺي اُس ڪي ڀينس. (ڏاڍي ماڻهوءَ جو ڪم ڏوھ ناهي يا جنهن جي لٺ، اُن جي مينهن).
- اٽو کاڌو ڪوئي ته مار پيئي گابي تي.
مطلب ته ڏوھ هڪڙي ڪيو پر سزا ٻئي کي ملي.

ٻڪري:
سنڌيءَ ۾ ٻڪريءَ تي ٺهيل پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال هن ريت آهن:
- هر ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.
هر ڪنهن کي پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.
- ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
ٻڪريءَ جو ساھ ٿو نڪري، پر ڪاسائيءَ کي ته رڳو ٻڪريءَ جي گوشت سان واسطو اهي. ڀيٽيو: مروان موت، ملوڪان شڪار.
- جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
يعني بدنصيب ماڻهو جنهن ڌنڌي ۾ هٿ وجهي، اُن ۾ هُن کي نقصان ٿئي.
- ناڻو ڏجي آڪرو، گيھُ ڇو وٺجي ٻاڪرو؟
يعني جيڪڏهن ڪو وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ هو ٻڪريءَ جي کير مان ٺهيل گيھ ڇو وٺندو؟ (ڳئون يا مينهن جو کير مان ٺهيل گيھ سٺي جنس جو هوندو آهي.)
- ٻُٽي ٻڪري به در تي ڪانهيس.
يعني ايترو ته غريب آهي، جو سندس در تي ڪن ڪپيل ٻڪري به ڪانهي.
- ٻڪري کير ڏئي ڦولڙين گاڏُر.
يعني ٻڪريءَ کي جڏهن ڏهبو آهي ته هو اُن وقت ڦولڙيون به ضرور ڪيرائيندي آهي. اُنهن مان ڪجھ کير جي برتن ۾ به ڪرڻ جو اِمڪان هوندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڀلائيءَ جو ڪم ڪري ڪنهن کي خيرات ۾ ڪُجھ ڏئي، پر اُن کي ٽوڪون به هڻي يا گهٽ وڌ ڳالهائي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
- ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي،سو وڻ چَري.
مطلب ته جتي ڪنهن شخص کي سهارو ملي، اُن کي ئي اُهو نقصان پهچائي تڏهن هيءُ پهاڪو چون.
- اُٺ چري ٻٽيھ ته ٻڪري چري ڇٽيھ؟
يعني ٻڪري کي اڄ نه ته سڀاڻي ڪاسائي مارڻ لاءِ کڻي ويندو. هُن جو موت ڪاسائيءَ جي هٿان ضرور ٿيڻو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪي خاطري جا ڪم ڪندو هجي ته اُن کي اَڄ نه ته سڀاڻي نقصان ٿيڻ جو گهڻو اِمڪان هوندو آهي.

رڍ ۽ گهٽيو:
ننڍي چوپائي مال ۾ جيتوڻيڪ رڍون ۽ ٻڪريون گڏ شمار ڪيون وڃن ٿيون، پر ٻڪريءَ جي ڀيٽ ۾ رڍ هڪ موڳي ۽ سست جانور آهي. عام طور ماڻهو رڍن جا ڌڻ رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جا وار يا اُن وڪرو ڪندا آهن. رڍ کير ڏيندي آهي، جنهن مان مکڻ به ڪڍبو آهي. ڪي ماڻهو رڍ جو کير نه واپرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي ويچار ۾ ريڍو کير پيئڻ سان بدن ۾ خارش ۽ ملو پيدا ٿئي ٿو. اِن جو ٻيو سبب اهو به آهي ته رڍ جو پيشاب سندس ٿڻن تي ڪرندو آهي.
رڍ جي نر کي گهٽيو چوندا آهن، ۽ سندس ٻچي کي گهيٽو هلڪي سلڪي رڍ کي ڪوُڪي به چون. ٿلهي ۽ متاري رڍ کي دُمبو چوندا آهن. اِنهن تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا ۽ محاورا هن ريت آهن:
- رڍ جهڙو مُڙس آهي.
يعني گيدي ۽ ڊڄڻو آهي.
- رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون.
يعني سڀئي هڪجهڙا آهن. منهجهن ڪو به فرق نه آهي.
- رڍن اڳيان رباب وڃائيندي ورھ ٿيا.
مطلب ته ڪنهن شخص کي گهڻو ئي سمجهائي، پر مٿس ڪو به اثر نه ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
- ڍر ريڍو سِسي ٻاڪري.
ڀيٽيو: آڌا تيتر آڌا بٽير. مطلب ته اڻٺهندڙ بيهڪ طرف اشارو ڪيو ويو آهي.
- گهٽيو ڌاريم اُن لاءِ، هٿان چري ڪپھ.
مطلب ته جنهن کي پاڻ وٽ سهارو ڏجي ته اُهو ئي نقصان پهچائي.
- رڍ تئي سستي ته هر ڪو پڇ کڻي ڏسيس.
يعني گهٽ قيمت واري شيءِ جو قدر ڪو نه ٿيندو آهي.
- هو ويڙُهو گهيٽيو آهي.
مطلب ته جهيڙا ڪو سُڀاوَ جو اِنسان آهي.
- رن پُٽُ ريڍارُ، ڪانَ هڻي بُنڊ ۾.
يعني جيڪو اِنسان بُنڊ يعني سُڪل وڻ ۾ پيو تير هڻندو ته اُن سان ڪو به مطلب حاصل ڪو نه ٿيندو. اهڙي شخص کي بيوقوف سڏبو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تڏهن به هيءُ پهاڪو چوندا آهن.

ڪم ايندڙ جانور:
اُٺُ:
سنڌ ۾ اُٺُ تمام ڪارائتو جانور آهي. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو واپار آس پاس وارن ٻين ملڪن سان گهڻو ڪري اُٺڻ ذريعي ٿيندو هو. واپاري اُٺن تي مال ڍوئي قافلا ٺاهي راجسٿان، پنجاب، بلوچستان، افغانستان، ايران وغيره تائين واپار ڪرڻ ويندا هئا. اُٺن جي خاصيت اِها آهي ته اُهي ريگستاني علائقن ۾ به آرام سان گهڻيئي ڪوھ مسافري ڪري سگهندا آهن. اُنهن کي پاڻيءَ جي گهُرج به گهٽ هوندي آهي. اُٺن جا مکيه ٻه قسم آهن. لاڏوُ اُٺ جيڪي مال ڍوئڻ جي ڪم اچي ۽ مَهِري اُٺ جيڪي سواري۴ جي ڪم اچن. اُٺ جي ٻي خوبي اِها آهي ته گهوڙي وانگر اُن جي خدمت ڪرڻي نه پوندي آهي. منزل آئي ته مالڪ اُن کي ڏانوَڻ ٻڌي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندا. اِن حالت ۾ هو گهڻو پري ڀڄي ڪو نه ويندو ۽ ميدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو چرندو. اُٺ کي مالڪ ٿورو ڳُڙ ۽ لوڻ کارائيندا آهن ته هُن جي مسافريءَ جو ٿڪ لهي ويندو آهي. اِن ڪري اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: “اُونٽ فرتي ڪي ذات هئه”. اُٺ جي مادي کي اُٺِ، اُٺِڻي يا ڏاچي چون. اُٺ جي ٻچي کي؟ عام طور توڏو يا ڪوانٽ چئبو آهي. هِتي اُٺ تي ٺهيل ڪُجھ پهاڪا ۽ چوڻيون ڏجن ٿا:
- اُٺ واري اَوجهري اَٿس.
مطلب ته پيٽوڙي يا گهڻو کائيندڙ آهي. اُٺ جي اوجهري ٻين جانورن جي اوجهريءَ کان وڏي ٿيندي آهي. اِن ڪري هو ريگستان جي سفر ۾ ٻن ڏينهن جو کاڌو پاڻي ڪٺو ڪري رکندو آهي.
- اُٺ جي لاهيءَ کي به لعنت، ته چاڙهيءَ کي به لعنت.
مطلب ته اُٺُ چاهي اُتاهينءَ تي مٿي هلي يا پهاڙيءَ تان هيٺ لهي، ٻنهي حالتن ۾ اُن جي سوار کي گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ساڳيءَ طرح اُٺ جي ويهڻ ۽ اُٿڻ ۾، هلڻ يا ڊوڙڻ ۾ به سوار کي گهڻا جهوٻا ايندا آهن. اِن تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي.
- جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
مطلب ته ماڻهو جيترا گهڻا ڌنڌا ڪندو اُوترائي کيس جوکم کڻڻا پوندا.
- اُٺ پوڙو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
هيءَ چوڻي اِن حقيقت تي ٺهي آهي ته اُٺ جڏهن پيشاب ڪندو آهي ته اُهو هن جي پيٽ ۽ ٽنگن تي پيو ڪرندو آهي.
- اهڙي مار کاڌئين جهڙي اُٺ کاڌِي پتڻ تي.
مطلب ته اُٺ پاڻيءَ کان گهڻو ٽهندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن جَتُ هن کي ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اُٺ پيو پُٺتي سُڪيءَ طرف ڀڄندو آهي. جنهن ڪري جت هن کي وڌيڪ مار ڏيندو آهي.
- اُٺ سَکڻو به روئي ته ڀريو به روئي.
اُٺ تي چاهي گهڻو بار رکجي يا ٿورو رکجي، هو ٻنهي حالتن ۾ پيو ڪُرڪندو آهي. اِن سان ملندڙ هڪ ٻيو پهاڪو آهي. اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، کَنڊ وجھ ته به رڙي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهو لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪو مليل شيءِ تي شُڪُر نه ڪندو آهي. هوندي سوندي پيو شڪايتون ڪندو آهي.
- اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
ڪنهن قدوارو ماڻهوءَ سان ڪو ننڍي قد وارو گڏ هجي جڏهن چئجي. مطلب ته بي- ميل جوڙي آهي.
- اُٺ جي وات ۾ ڄار جي بانس.
اُٺ ڄار جي وڻ جا پن گهڻي چاھ سان کائيندو آهي. اِن ڪري اُن جي بوءِ هُڻ جي وات ۾ رهجي ويندي آهي. ڪا به ڳالھ لڪائڻ تي به لڪي نه سگهي، اُن لاءِ ايئن چئبو آهي. ڪا به ڳالھ لڪائڻ تي به لڪي نه سگهي، اُن لاءِ ايئن چئبو آهي. ڀيٽيو: چور ڪي داڙهي ۾ تِنَڪا. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ اِن مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ چون. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ کنڀُ/ ڪک.
- اُٺ جي چوري پکي ۾ ڪين لِڪي.
ڪنهن اُٺ چورايو ته اُن کي ننڍي جهوپڙيءَ ۾ نه لڪائي سگهندو. مطلب ته وڏي چوري لڪائڻ مشڪل آهي.
- پوڙهو اُٺ ٻه ڪوانٽ لهي.
مطلب ته آزمودگار ماڻهو ٻن سيکڙاٽن کان وڌيڪ آهي.
- اُٺن جا بار به ڪي گڏھ کڻنِ؟
يعني اُٺ تمام گهڻو بار (ڇھ ست مڻ) کڻي سگهندو آهي. ايترو وزن گڏھ نه کڻندو آهي.
- اُٺ تان وِڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو.
مطلبت ته اُٺ گهڻو بار ڍوئڻ تي هريل آهي. اِن ڪري اُن تان جيڪڏهن ڪجھ وزن گهٽايو ويو ته آرام پيو محسوس ڪندو.
- ڏاچي هڻي ڏوھ ته توڏو هڻي تيرنهن.
اُٺڻي جيڪڏهن ڏھ ڪوھ ڊوڙي ٿي ته اُن جو ٻچو يعني توڏو يا ڪوانٽ تيرنهن ڪوھ ڊوڙي ويندو. جڏهن ننڍا وڏن کان اڳتي نڪري وڃن تڏهن چئجي.
- اُٺ نه پُڄي، هڻي ٻورَن لتون.
اُٺ تي ويٺل سوارُ جڏهن ڪجائي يا پاکڙي ۾ ويٺو هوندو آهي ته هوُ اُٺ کي تيز هلڪلڻ لاءِ جيڪڏهن اُن کي لتون هڻندو آهي ته اُهي اُٺ تائين پهچي نه سگهنديون آهن. اُهي فقط اُنهن ڳوڻين کي لڳنديون آهن جن مان مال ڀري اُٺ جي مٿان رکيو ويو آهي. هن پهاڪي جو مطلب آهي ته ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن ڏاڍي مڙس سان پڄي نه سگهندو آهي ته پوءِ ڪمزورن يا ننڍن کي ڌمڪائي پنهنجو غصو ظاهر ڪندو آهي.
- اَڃا اُٺ ڪڇن سَسُئي.
مطلب ته سسئي جڏهن ڀنڀور مان پنهونءَ جي ڳولها ۾ ريگستان ۽ جبلن ۾ پئي ڀٽڪي ته هوءَ پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهي ۽ واٽ تي ئي مري ويئي. اِن تي ڪنهن چيو جيڪڏهن اُٺ تي سوار هجي ها ته پوءِ پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ها. هيءُ پهاڪو سسئي پنهون جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هن جو ٻيو مطلب اِهو به آهي ته ڪمزور اِنسان کي جيڪڏهن مدد ملي ته پوءِ هوُ ڪامياب ٿيندو.
- جڏهن ٻورا ٿي سبيا ته اُٺن تڏهن ئي پئي رنو.
مطلب ته ڪنهن ڪم جي تياري ٿيندي ڏسي مزدور ماڻهو سوچيندو آهي ته اِهو ڪم هاڻي هُن جي مٿان پئي پوندو.
- ڏسجي ته اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي؟
مطلب ته اِن اندازو ڪرڻ مشڪل آهي ته نقصان ڪيترو ٿيندو ۽ ڪنهن جو ٿيندو. هن پهاڪي جو بنياد اِن واقعي سان آهي ته اُٺ جي مٿان ٻورن ۾ ٽاڪُئون سامان رکيل هو. عام طور بيٺل اُٺ جڏهن زمين تي ويهندو آهي ته پهرين هڪ پاسي جُهڪي پوءِ زمين تي سڌو ٿي ويهندو آهي. اِن ڪري هُن جي مٿان رکيل سامان جي ڀڄي پوڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ اُٺ جي مالڪ لاءِ اِهو سوچڻ مشڪل آهي ته اُٺ اول ڪهڙي پاسي جُهڪندو. جنهن به پاسي هُو جهڪندو ته اُن طرف جو سامان زمين سان ٽڪرائجي ڀڄي پوندو آهي. ڀيٽيو: “ديکئي اُونٺ ڪِس ڪروٽ بيٺتا هئه.”

گهوڙو:
سڀني وهٽن ۾ گهوڙي جي سواري شاندار ليکي ويئي آهي. اُٺ جي ڀيٽ ۾ گهوڙي جي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اُن کي کاڌو پيتو به سٺي جنس جو ۽ گهڻو کپي. گهوڙي سان واسطو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.
ٽٽون يا خچر چابُڪ هڻڻ سان تيز هلندا آهن، پر تازي نسل جا گهوڙا اِشاري ڪرڻ سان ئي تيز رفتار سان ڊوڙندا آهن. مطلب ته سياڻو ماڻهو اِشاري سان ئي سمجهي ويندو آهي ۽ ٺيڪ ڪم ڪندو آهي. ڀيٽيون: “گهوڙي ڪو لات، آدمي ڪو بات”. يا “عاقلان را اِشارا ڪافي اَست”. مطلب ته سمجهدار کي اِشارو ڪافي آهي.
- اَنڌي گهوڙي ڪَلَ ۾.
ڪل يعني نديءَ جي ڪناري تي پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو گاھُ آهي. جيڪڏهن گهوڙي اَنڌي آهي ته اُها بنا سوچ ويچار جي اڳتي هلندي ويندي ۽ وڃي گاھ ۾ ڦاسندي.
جيڪڏهن تو وٽ گهوڙو آهي ته پوءِ گهر پهچڻ ۾ ڪيتري ديري لڳندي؟
- گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀتُ، هوُ ڪشيا تان رسيا، هُو نِيان تان چٽُ.
گهوڙي جو لغام ڇڪي اُن کي هلڻ جو اِشارو ڪريو ته هو تيز رفتار سان ڊوڙي وڃي منزل تي پهچائيندو. ساڳيءَ طرح مُلا کي ڀت کائڻ جي دعوت ڏيو ته هُو هڪدم سمورو ڀتُ کائي ختم ڪندو.
- مرض اَچي گهوڙي وانگر، وڃي جونئن وانگر.
مطلب ته ڪنهن سنڀال نه ڪئي ۽ بيمار ٿي پيو ته اُهو جهٽ ڊهي پوندو. يعني بيماري گهوڙي وانگر تيزيءَ سان اچي ماڻهوءَ کي جلد ڪمزور ڪري ڇڏي. پر اُها جونئن جي رفتار سان آهستي آهستي وڃي ٿي. مطلب ته بيمار ٿيڻ تي ماڻهو دوران ڪرڻ سان آهستي آهستي ٺيڪ ٿي سگهندو آهي.
- پاڻ پِني، گهوڙا ڳِنهي.
هو پاڻ ته غريب آهي، پر سَڌوُن ڪري ٿو گهوڙا خريد ڪرڻ جو مطلب ته پنهنجيءَ حيثيت کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي اُميد ڪري ٿو. ڀيٽيو: “لڀيس لوڻڪ به ڪا نه، سَڌوُن ڪري مريري جون”. يا هنديءَ ۾ اِنهيءَ مطلب کي ڏيکاريندڙ پهاڪو هن ريت آهي.
- فارسي، گهوڙي چاڙهسي.
تون فارسي سکُ ته پوءِ توکي سُٺي نوڪري ملندي عملدارن وانگر گهوڙي تي چڙهي گهمندين. هيءُ اُن زماني جو پهاڪو آهي، جڏهن مسلمان حاڪمن جي راڄ ۾ فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هو ۽ سمورو سرڪاري ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلندو هو.
- ڏُچرُ گهوڙو ۽ سُچر زال، ٻئي ٻَنِ ڏجن.
مطلب ته جيڪڏهن گهوڙو چڱيءَ طرح گاھ ۽ چارو نه ٿو کائي ته اُهو ڪمزور ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ زال گهڻو کاڌو کائيندڙ يا پيٽوڙي آهي ته اُها به اَڻ وڻندڙ ڳالھ آهي.

گڏھ:
اُٺ ۽ گهوڙي وانگر گڏھُ به بار ڍوئڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندو آهي. ڪٿي ڪٿي گڏهن کي گاڏيءَ ۾ ٻڏي به بار ڍوئڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. اِن ڪري سنڌيءَ ۾ “گڏھ گاڏو” هڪ محاورو ٺهي پيو آهي. اِن جو مطلب آهي؛ تمام آهستي هلندڙ گاڏي. بيوقوف يا مورک ماڻهوءَ جي ڀيٽ اَڪثر گڏھ سان ڪئي ويندي آهي. گڏھ کي کَرُ يا خرُ به چئبو آهي. جنهن تان کَرُ مغز لفظ ٺهيا آهن. اِنهن جي معنيٰ آهي؛ بيوقوف، مغرور، هوڏي، گڏھِ جي ماديءَ کي گڏھ ۽ اُن جي ٻچي کي کودڙو چئبو آهي. گڏھ تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن.
۱. فارسي ٻوليءَ ۾ خر جي معنيٰ ئي گڏھ آهي. سَهي کي خرگوش به انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو سندس ڪن گڏھ جي ڪَنن جهڙا وڏا هوندا آهن.
- جَوَ ڍيري گڏھُ رکپال.
يعني گڏھ کي جيڪڏهن جوَنِ جي ڍير جي سنڀال لاءِ رکبو ته اُهي سلامت نه بچندا. ڇاڪاڻ ته گڏھُ جَوَ کائڻ کان رهي نه سگهندو. ساڳيءَ طرح اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀالڻ جو ڪو ڪم ڏجي جيڪو هو پاڻ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو ته اُن مال جي سنڀال ٺيڪ طرح سان نه ٿي سگهندي.
- سَهَسين ڪري سينگار ته به کودڙِيءَ پُٽَ کودڙو.
مطلب ته جيڪو بدصورت آهي، اُهو ڪيترو به هار سينگار ڪندو ته اُهو سهڻو ڪو نه ٿي سگهندو. ڀيٽيو: يا “ڪوئلا هو نه اُوجلا، سؤ من صابن لائه”
- گڏھ مٿان گلاب هاريندي حيف ٿيو.
مطلب ته گڏھ کي ڪيترو به گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئجي ته اُن جو ڪو به فائدو ڪونهي. ساڳيءَ طرح نيچ اِنسان سان ڪيتري به ڀلائي ڪرِ ته هوُ بي شڪر ئي رهندو.
- گڏھ پنهنجي سانوڻي هينگُن ۾ وڃائي.
سانوڻ جي مهيني ۾ برسات پوڻ ڪري گهڻو گاھ ٿيندو آهي، پر گڏھ هينگُڻ ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي وقت وڃائيندو آهي ۽ گاھ کائڻ جو لاڀ نه وٺندو آهي.
- پنهنجيءَ گتيءَ پئهُ گڏھ کي پيرين.
يعني ڪنهن بيوقوف يا بدمعاش اِنسان ۾ جيڪڏهن ڪو ڪم اَٽڪندو آهي ته مجبوريءَ سببان هُن جي خوشامند ڪرڻي پوندي آهي.
- گڏھ ڇا ڄاڻن گِيهرن مان.
جيڪڏهن ڪنهن نالائق ماڻهوءَ کي سُٺي شيءِ ڏبي ته اُن جو قدر نه ٿيندو.
- سور پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھُ.
ساٽيءَ کي سورُ ٿيو ته هُن پنهنجي گڏھ کي ڏنڀ ڏياريا. مطلب ته تڪليف هڪڙي کي ٿئي ته سزا ٻئي کي ملي، ڀيٽيو.
- تون به رئيس، آئون به رئيس، ته گڏھ ڪير هڪليندو؟
- سؤٽي هجي ساڻ ته گڏھُ گوهي نه ڪري.
يعني مار کائڻ سان گڏھ گوهي نه ڪري.
يعني مار کائڻ سان گڏھ به سڌو ٿي بار ڍوئڻ جو ڪم ڪندو.
مطلب ته ضرورت پوڻ تي گهٽ درجي جي شيءِ به واپرائڻي پوي ٿي. ڀيٽيو: “بُک ۾ بصر به مِٺا”.

ننڍا جانور:
نوريئڙو (گلهري)، نورُ (نيولا)، سهو (خرگوش)، ڪوُئو، ڳوھ، سانڊو، اِهي ننڍا جانور يا ساهوارا آهن. اِنهن تي به سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا ٺهيل آهي. اُنهن مان ڪِن تي ٺهيل پهاڪا هن ريت آهن:
- نوريئڙي وانگر سڄو ڏينهن پيو وڻن پتي ٽِپا ڏئي.
جڏهن ڪو ماڻهو پهري سجاڳ هجي ۽ هن جو دشمن کيس نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن چئبو آهي. هيءُ پهاڪو هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. هڪ ڏائڻ ڪنهن نوريئڙي کي لالچائي پنهنجي گهر وٺي آئي. اڌ رات جو هُو ڪاتي کڻي نوريئڙي کي امري کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ٻئي طرف نوريئڙو به سمجهي ويو ته هيءَ ڏائڻ مون کي کائڻ چاهي ٿي. ان ڪري هوُ سڄي رات نه سمهيو. پوءِ صبح جي وقت وجھ وٺي ڀڄي ويو.Repeat
- سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه.
مطلب ته جڏهن ڪو چوري ڪري ۽ پوءِ اها قبول نه ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شڪار ۾ هڪ سهو ماريو ۽ اُهو گهر آڻي پنهنجي بورچيءَ کي ڏنائين ته اهو پچائي کڻي اچ. بورچي سهو پچائڻ لڳو، پر کيس اهو ايترو ته پسندو آيو جو اُن جي هڪ ٽنگ پاڻ کائي ويو ۽ باقي سهو آڻي پنهنجي مالڪ اڳيان رکيائين. مالڪ جڏهن ڏٺو ته هن کي فقط ٽي ٽنگون آهن ته هُن بورچيءَ کان پڇيو ته باقي هڪ ٽنگ ڪيڏانهن ويئي؟ اُن تي بورچيءَ جواب ڏنو ته سائين، سهو منڊو هو. هُن کي فقط ٽي ٽنگون هيون. اهڙيءَ طرح پنهنجي ضد تي قائم رهيو، پر پنهنجي چوري قبول نه ڪيائين.
- ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي مان به پساري.
مطلب ته ڪنهن کي ٿوري شيءِ ملي ۽ اُن تي غرور ڪري تڏهن چئجي.
- ٽڪريءَ کي سورُ ٿيا ته ڄاڻي ڪُئي.
مطلب ته گهڻي محنت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رواجي نتيجو نڪري يا ٿورو ڦلُ ملي تڏهن چئبو آهي. ڀيٽيو.
- اٽو کاڌو ڪوُئي ته مار پئي گابي تي.
مطلب ته ڏوھُ ڪو هڪ ڪري ۽ مار ٻئي تي پوي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
مطلب ته هوا جي جهُوٽي کي روڪي نه ٿو سگهجي.
- ڳوھ کي کُٽي کڻي ته ڳولهي شِڪارين جا گهر.
- هوُ سانڊي وانگر پيو رنگ مٽائي.
ڀيٽيو “گرگٽ ڪِي طرح رنگ بدلتا هئه.”
- ڳوھ ڦاٿي ڊوھ ۾.
يعني قلعي جي ڀِت تي چڙهڻ لاءِ ماڻهو ڳوھ جو استعمال ڪندا آهن.
ان طرح ڳوھ ماڻهن کي مٿي قلعي جي ديوار تي پُهچائڻ ۾ ئي ٻيئي ڳهندي آهي.

جهنگلي جانور
جهنگلي جانورن تي سنڌيءَ ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا، جن ۾ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:

شينهن:
- شينهن ۽ ٻڪري هڪ گهاٽ تي پاڻي ٿا پيئن.
شينهن هڪ خطرناڪ جانور آهي. اُهو ٻڪريءَ جهڙن ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن کي ماري کائي ڇڏيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن نديءَ جي گهاٽ تي شينهن ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئن ته چئبو ته اُتي تمام گهڻو امن جو ماحول آهي. ايتري قدر جو شينهن جو تشدد ڪرڻ وارو سڀاءُ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻڪري به اُنهيءَ کان نه ٿي ڊڄي.
- ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
مطلب ته ٻه طاقتور ماڻهو هڪ ئي هنڌ نه رهي سگهندا.
- وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.
مطلب ته ٻن طاقتور ماڻهن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان پهچي ٿو.
- سُتل کي آڱر نه ڏجي.
يعني ڪنهن طاقتور سان ڄاڻي ٻجهي کؤنس نه ڪجي.
- سالا شينهن کي به پيارا آهن.
يعني ماڻهو ڪيترو به پُر تشدد ۽ طاقتور ڇو نه هجي، پر هُو پنهنجن مائٽن کي ضرور پيار ڪري ٿو.
- شير نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا؛ چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا.
يعني جيڪڏهن تو شينهن کي نه ڏٺو آهي ته ٻليءَ کي ڏسي. ٻنهي جي شڪل ۽ صورت هڪجهڙي هوندي آهي. جيڪڏهن تون ڪنهن چور کي نه ڏٺو آهي ته سوناري کي ڏس. هو گراهڪ جي سون مان ڪجھ نه ڪجھ چوري ضرور ڪندو آهي.
- شيرن جا مُنهن ڌوتا ئي پيا آهن.
مطلب ته طاقتور يا وڏي عهدي واري شخص جي ڪير به گهٽتائي ظاهر نه ڪندو آهي.

هاٿي:
هاٿي سڀني جانورن ۾ قدار ۽ ٿلهو متارو جانور هوندو آهي، هن کي ماڻهو بار ڍوئڻ جي ڪم به آڻيندا آهن. هاٿيءَ تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- مئل هاٿي به سوا لک لهي.
هيءَ چوڻي اِن ڪري ٺهي آهي جو هاٿيءَ جي مرڻ کان پوءِ هُن جا ڏند ۽ هڏا عام طور ڪم ايندا آهن. جنهن مان سُهڻيون قيمتي شيون، مورتيون ۽ مجسما وغيره ٺاهيا ويندا آهن.
- انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان.
ڪنهن فوج ۾ جيڪڏهن ڪو هاٿي انڌو آهي، ته پوءِ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڀڄندو ۽ ڊُڪندو. اِن حالت ۾ هو پنهنجي ئي طرف واري لشڪر کي نقصان پهچائيندو آهي.
- هاٿيءَ جا ڏند ڏسڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا.
هاٿيءَ جا ٻه ڏند ٻاهر نڪتل هوندو آهن، جيڪي نظر پيا ايندا آهن. انهن سان هو کائڻ جو ڪم نه ڪندو آهي. پر کائڻ لاءِ هو وات ۾ اندر جيڪي ڏاٺون آهن، اُهي ڪتب آڻيندو آهي. ڪو ماڻهو ٻاهران هڪڙو وهنوار ڪري ۽ انڌريا هن جي ذهن ۾ ٻي ڳالھ هجي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو چئبو.
- هاٿيءَ کي مڻ، ڪوليءَ کي ڪڻ.
مطلب ته ڌڻي سائين گهڻو کائيندڙ ۽ تمام گهٽ کائيندڙ جاندارن لاءِ اناج مُيسر ڪري ڇڏيو آهي.
- هاٿيءَ جو ڪنُ، پِپِر جو پنُ.
انسان جو منُ، بَيهڻ جا ڪين آهن.
مطلب ته اهي سڀ چنچل آهن ۽ هميشه پيا لڏندا آهن. انسان کي به جيترو گهڻو ملندس اوترو وڌيڪ پائڻ جي آس ڪندو.

سوئر:
سوئر کي سنڌيءَ ۾ مروُن به چوندا آهن. هن کي تمام گندو جانور ليکيو ويو آهي، جيڪو گند ۽ ڪرفتي به کائيندو آهي. اِن ڪري عام طور اُن جو گوشت کائڻ سٺو نه مڃيو ويندو آهي. مسلامن اِن جانور کي پليت يعني غليط ۽ حرام ڪري ليکيندا آهن. اِن تي ڪجھ چوڻيون هن ريت آهن:
- هندوُ کي گانءِ ۽ مسلمان کي سوئر.
مطلب ته هندو گانءِ کي پوتر جانور سمجهي هُن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ کيس ڳئون ماتا چوندا آهن. اِن ڪري ڳئون جو گوشت کائڻ پاپ سمجهندا آهن. ٻئي طرف مسلمان سوُئر کي ناپاڪ مڃي ان جو گوشت نه کائيندا آهن.
- سوُئر وانگر ڪنڌ ۾ ڪِلي اٿس.
سوئر پنهنجي ڪنڌ ڦيرائي نه سگهندو آهي. گهڻو ڪري پنهنجي ڳچي سڌي رکندو آهي. اِن طرح جيڪو ماڻهو مغرور هجي يا تڪبر ڪندو آهي، تنهن جي ڀيٽ به سوئر سان ڪندا آهن.

بگهڙ:
اُهو جانور بدني بيهڪ ۾ ڪُتي سان وڌيڪ مشابهت رکندڙ آهي. سنڌ ۾ ڪوهستان واري علائقي ۾ بگهڙ گهڻا هوندا آهن. هو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي اُن جي مٿان حملو ڪندا آهن. بگهڙ جي ماديءَ کي بگهاڙي چئبو آهي.
- بگهڙ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو.
هيءَ چوڻي اِن حقيقت طرف ڌيان ڇڪائي ٿي ته بگهڙ جو وات چپ ۽ اندريون حصو هميشه ڳاڙها هوندا آهن.
- بگهڙ جي حوالي رڍون ڇڏڻ.
مطلب ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀال جو ڪم ڏيڻ جيڪو اُن شيءِ کي گهڻو چاهيندڙ هجي. اِن ڪري اُن سان هميشه خطرو هوندو آهي. ڀيٽيو: “جَوِ ڍيري، گڏھ رکپال.” رڍن جي ڌڻ ۾ جي بگهڙ هوندو ته اُهو وجھ وٺي هڪ هڪ رڍ کي ضرور ماري کائيندو.
- بگهڙ ڙي بگهڙُ واري ڪارِ ڪئي اَٿس.
مطلب ته هوُ بلڪل ڪوڙو آهي. مٿس ويساھ ڪرڻ نه گهرجي. هيءُ پهاڪو ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي. هڪ ڇوڪرو جهنگل ۾ وڃي زور زور سان واڪا ڪرڻ لڳو ته بگهڙ ڙي بگهڙي. مون کي بچايو. اِن تي ڳوٺاڻا لٺيون کڻي هُن جي بچاءُ لاءِ جهنگ طرف ڊوڙي ويا. اُن تي اُن ڇوڪري کِلي چين ته مون فقط اوهان جو آزمودو ٿي ورتو ته اوهان مون کي بچائڻ لاءِ اچو ٿا يا نه؟ اِن طرح اُن نينگر ٻه ٽي دفعا ساڳيءَ طرح ڪُوڙا واڪا ڪيا. پر هڪ دفعي سچ پچ هڪ بگهڙ اُن ڇوڪري وٽ اچي پهتو ۽ هن تي حملو ڪيائين. اِن تي ڇوڪر گهڻي ئي واڪا ڪيا، پر ڳوٺاڻن سمجهيو ته هوُ اڳي وانگر ڪوڙا واڪا پيو ڪري. اِن طرح بگهڙ هُن ڇوڪر کي ماري کائي ڇڏيو.

گدڙ:
گدڙ به ڪُتي جي قد جو هڪ جهنگلي جانور آهي، جيڪو تمام گيدي ۽ ڊڄڻو هوندو آهي. هو گهڻو ڪري ڪنهن ڳوٺ يا بستيءَ جي ويجهو هوندو آهي. رات جي وقت وجھ وٺي بستيءَ مان مرغيون، سها ۽ ٻيا ننڍا جانور ماري کائڻ لاءِ کڻي ويندو آهي. گيدي ماڻهن جي ڀيٽ گهڻو ڪري گدڙ سان ڪئي ويندي آهي. گدڙ تي بيٺل ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا.
ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به گهربل شيءَ ملي نه سگهي ته پوءِ هُو چوندو آهي ته اِها سٺي ناهي. اِن ڪري مون کي نه کپي. هيءُ پهاڪو هڪ ٻاراڻي آکاڻي تي ٺهيل آهي. هڪ باغ ۾ گدڙ ڊاک جا ڇڳا منَھ ۾ لٽڪندا ڏٺا. هُن جي دل ٿي ته اُنهن مان ڪجھ ڇِني ڪري ڊاک کائجي. گدڙ گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ٽپا ڏنا، پر هُو ڊاک تائين پهچي نه سگهيو. نيٺ ٿڪجي پيو. پوءِ چوڻ لڳو ته اِها ڊاک کٽي آهي، مون کي ڪا نه کپي. ايئن چئي نا اُميد ٿي هُتان هليو ويو.
- سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي.
مطلب ته سنڌ تي حملا ڪندڙ ايترا طاقتور هئا، جن سان سنڌي ماڻهو پڄي نه سگهيا.
- گدڙ ڀيڪي ڏيڻ.
يعني ڪوڙي ڌمڪي ڏيڻ. جنهن سان ٻئي ماڻهوءَ تي ڪو به اثر نه ٿئي.
- گدڙ جي گوُنهن ۾ ڪم پيو ته وڃي ٽڪر تي هنگي .گرامر؟
ڀيٽيو: “گدڙ وانگر ڳُئي ڇڪي تي رکڻ”.
- گدڙ کي کُٽي کڻي ته ڳوٺ طرف ڀڄي.
گدڙ ڳوٺ طرف يا وسنديءَ ۾ ويندو ته ماڻهو اُن کي لٺيون هڻي ماري ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته هو وسنديءَ مان اڪثر ننڍا جانور ليڪ چوري کڻي وڃي کائيندو آهي.
- گدڙ جيڪڏهن گدڙ جي ڪوُڪ نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿي مري.
هيءُ پهاڪو هِن حقيقت تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن هڪڙي گدڙ ڪوڪڻ شروع ڪيو ته ٻيا به اونائي اُن جو ساٿ ڏيندا آهن. اِن طرح ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن خراب ڪم ۾ هڪ ٻئي کي ساٿ ڏين، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.

باندر يا ڀولڙو:
باندر عام طور تي جهنگلي جانورن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پر اُهو شهرن ۽ وسندين ۾ به کاڌي جي ڳولا ۾ هليو ايندو آهي ۽ گهرن ۾ گهڙي کاڌو کڻي ويندو آهي. باندر پنهنجي چنچلتا جي ڪري گهڻا مشهور آهن. اُنهن جا الڳ الڳ قسم آهن. ننڍن باندرن کي مداري پالي اُنهن کان ناچ ڪرائي روزي روٽي ڪمائيندا آهن. باندر نقل ڪرڻ ۾ به گهڻا هوشيار آهن. اِنهن کي سنڌيءَ ۾ ڀولڙو يا ڀولو به چئبو آهي ۽ ماديءَ کي باندري يا ڀولڙو سڏبو آهي. جسماني بيهڪ جي خيال کان باندر اِنسان ذات جي وڌيڪ ويجها آهن. اُهي پنهنجي ٻن پويُن ٽنگن تي ماڻهن وانگر بيهي ڪري هلي سگهن ٿا. اِن تي ڊاروَن جو نظريو مشهور آهي ته اِنسان جو ارتقا جانورن مان ٿيو آهي. باندر تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- ڀولڙن کي به پنهنجيون زالون پياريون آهن.
مطلب ته هرڪو ماڻهو پنهنجي زال کي پيار ڪندو آهي.
- باندر ڇا ڄاڻي اَدرڪ جو سوادُ.
- ڀولي جي ڳچيءَ ۾ موتين جو هار.
- لٺيون جهلي ڀولڙو، کٽيو کائي فقير.
مطلب ته مداري ڀولڙي کي نچائڻ مهل لٺ جو اِشارو ڪري يا کيس ماري نچائيندو آهي. اِن طرح مار ته ويچاري ڀولڙي تي پوندي آهي، پر تماشائي باندر جو ناچ ڏسي پئسا مداريءَ کي ڏيندا آهن. جڏهن هڪ جي محنت جو لاڀ ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.

هرڻ ۽ ڦاڙهو:
هرڻ پنهنجي چنچل طبع ۽ ڊُڪڻ جي تيز رفتار جي ڪري مشهور آهي. ادب ۾ هرڻيءَ جي اکين جي خوبصورتيءَ تي گهڻي ساراھ ڪيل آهي. مرگهنيَتي يعني هرڻ وانگر چنچل ۽ سندر اکين واري ناري يا نايڪا جو ذڪر ڀارتي ادب ۾ گهڻو ملي ٿو. هرڻ جي ئي ذات جو ۽ قد ۾ ڪي قدر ڊگهو ٻيو جانور آهي. ڦاڙهو، جنهن کي ٻارنهن سِڱ (بارھ سينگا) به چوَن. اِنهن جانورن تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- هرڻي اڳي ئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
يعني هرڻيءَ چنچل سُڀاوَ جي آهي. هوُ گهڻو ڪري پيئي ٺينگ ٽپا ڏيندي آهي. اُن کي جيڪڏهن ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌبي ته اُن جو وڄڻ جي آواز تي هُو وڌيڪ ٽپا ڏيندي آهي. ڪو ماڻهو اڳي ئي شرارتي ۽ شيطان هجي ۽ وري کيس ڪنهن ٻئي جي هُشي ملي وڃي ته هُو پوءِ اڃا به وڌيڪ شرارتي ٿيندو.
- ڦاڙهو جِتي کائي تِتي اوجھ ڏِئي.
هيءُ جانور گهڻو کائيندڙ ۽ لالچي آهي. جيڪڏهن ڪٿي گهڻو کاڌو ملي ويس ته پوءِ اُهو سمورو کائي آڦڙجي پوندو. ايتري قدر جو اُتي ئي مري ويندو.
- ڏسون ته هوُ ڪهڙا ڦاڙها ٿو ماري.
هيءُ پهاڪو گهڻو ڪري اهڙي شخص کي ٽوڪ وچان چئبو آهي، جيڪو ڪم ڪري سگهڻ جي طاقت نه رکندو آهي، پر اِن هوندي به هو ٻٽاڪ پيو هڻندو آهي ته مان وڏا ۽ مشڪل ڪم به پورا ڪري سگهندو آهيان.

گهرُو جانور
گهڻائي ماڻهو ڪي جانور پنهنجن گهرن ۾ شوق وچان پاليندا آهن. اُنهن ۾ ڪتو ۽ ٻلي مکيه آهن. ڪتو پنهنجو وفاداريءَ ڪري مشهور آهي. هوُ هر وقت گهر جي چوڪيداري به ڪندو رهي ٿو. ساڳيءَ طرح ٻلي به وندر جو ذريعو آهي ۽ اُن کي گهر ۾ پالڻ سان ڪوُئن جو آزار نه ٿيندو آهي. اِنهن جانورن کي پالڻ جو گهڻو رواج يورپي ملڪن ۾ آهي. برفاني ملڪن ۾ هڪ ذات جا ڪتا برف ۾ دٻجي ويل اِنسانن کي به ڳولي لهڻ جي طاقت رکندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪتن ۾ سنگهڻ جي به غير رواجي طاقت هوندي آهي، جنهن ڪري پوليس کاتي وارا اِنهن ڪتن کي پالي، اُنهن کان ڏوهارين کي ڳولهي ڪڍڻ جو به ڪم وٺندا آهن. هتي انهن جانورن بابت ڪج سنڌي پهاڪا ڏجن ٿا:
ڪتو:
- ڪتو به کاڌو، ڪُکِ به نه ڀري.
يعني غلط ۽ ڏوھ جو ڪم به ڪيو، پر ڪجھ به فائدو نه ٿيو.
- ستين لنگهڻي ڪُتو حلال.
يعني جيڪڏهن ڪو اِنسان بک وِگهي مرندو هجي ته لاچاري حالت ۾ جيئڻ لاءِ جيڪڏهن هُن ڪتو کاڌو ته کيس اِهو ڏوھ معاف آهي. عام طور ڪتي جو گوشت جي کاڌي جي ڪم نه ايندو آهي ڀيٽيو: “لاچار کي ڪهڙا آچار؟”.
- ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
ڪنهن ديڳڙي ۾ رٻ پيئي هئي. ڪتي اُها کائڻ لاءِ اُتي آيو، پر ديڳڙي جو منهن سوڙهو هو. اِن ڪري ڪتو رٻ کائي نه سگهيو. ٻئي طرف ديڳڙيءَ تي لڳل ڪاراڻ سان ڪتي جو منهن ڪارو ٿي ويو. مطلب ته ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ڪو ڪامياب نه ٿئي ۽ اُلٽو کيس نقصان ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
- ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻِڪ جا مانيءَ مان؟
مطلب ته ڪنهن گهٽ ذات واري کي جيڪڏهن ڪا سُٺي شيءِ ڏجي ته اُهو اُن جو قدر نه ڪندو. ڀيٽيو: “گڏھ ڇا ڄاڻن گيهرن مان”؟
- ڪتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھُ ته به ڏنگي جو ڏنگو.
- ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گهر جو گهاٽ جو.
جيڪو ماڻهو سڀني طرفن کان بيڪار ثابت ٿئي، تنهن لاءِ چئجي.
- تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي.
مطلب ته جيڪو ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ ڪري ٿو، ته اُن جو نتيجو سٺو نه نڪري. اِن ڪري هر ڳالھ ۾ ڌيرج کان ڪم وٺجي.
- ڪتو ڪُڙم جو ويري.
مطلب ته هڪ پاڙي جو ڪتو ٻئي پاڙي واري يا ڌارئي ڪتي کي پيو ڀونڪدنو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات ڀائين يا مائِٽن سان پيو وڙهي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
- ڪوڙهيو ڪُتو کنَهڻ کان نه رهي.
مطلب ته بُرو اِنسان پنهنجي عادت موجب برو ڪم ڪرڻ کان باز نه ايندو.
- بُڇڙو ڪُتو ڌني پِٽائي.
جيڪو ڪتو ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي پيو ڀونڪدنو آهي ته اُهي ماڻهو اُنهيءَ ڇتي ڪتي جي مالڪ کي پِٽندا آهن، جنهن کيس پاليو آهي.
- ڪُتو به اُن کي ڏاڙهي ته جُتيون به اُن کي لڳن.
يعني ڇتو ڪتو جنهن کي چڪ پائيندو آهي ته ٻيا ماڻهو اُنهيءَ چڪ واري هنڌ تي جتيون هڻندا آهن ته جيئن اُن جو زهر نه ڦهلجي؟ جنهن ماڻهوءَ اڳي ئي ڀوڳيو آهي، تنهن کي وري وڌيڪ ڀوڳڻو پوي. تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
- قلندرن پُٺيان ڪتا پيا ڀؤنڪندا آهن.
فقير جڏهن رستي تان لنگهندا آهن ته مٿن ڪٿا ڀونڪدا آهن، پر هوُ ڪتن طرف ڪو به ڌيان نه ڏيندا آهن. جيڪو ماڻهو ٻين بُرن اِنسانن جي پرواھ نه ڪري، اُنهن لاءِ چئجي.
- ستي ڪانون کان موٽي ته (( ٿئي؟
مطلب ته ستي چکيا (باھ) ۾ پاڻ کي جلائڻ کان سواءِ جيڪڏهن واپس هلي اَچي ته اُن جي سڄي سماج ۾ بدنامي ٿيندي آهي. هِن پهاڪي جو بنياد ‘ستيءَ جي رسم’ تي ٻڌل آهي. اڄ ڪالھ اِهو رواج گهڻي قدر بند ٿي چڪو آهي.
- ڪُتي کي ڪنهن اُماڙي ڏيکاري ته اُها تارا ڏسي ٿي ڊني.
هتي اُماڙي جو مطلب آهي جلندڙ ڪاٺي. ڪنهن ماڻهو جلندڙ ڪاٺيءَ سان ڪتيءَ تي حملو ڪيو ته هوءَ باھ جي گرمائش ۽ روشنيءَ کي ڏسي ڀڄي ويئي. اُن کي روشنيءَ سان ايترو ته ڊپ لڳو جو آسمان ۾ تارا ڏسي به ڊڄي پئي ويئي. ڀيٽيو: “دوڌ ڪا جلا ڇاڇ ڀي ڦوڪ ڪر پيتا هئه.”

ٻلي:
گهڻن ئي گهَرن ۾ ٻليءَ کي پاليو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُها گهر وارن کي ڪوئن جي آزار کان بچائيندي آهي. مطلب ته جنهن گهر ۾ ٻلي هوندي ته ڪوئا اُن گهر مان ڀڄي ويندا آهن. ٻليءَ جي نر کي ٻِلو چئبو آهي. ٻليءَ تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
- سؤ ڪوئا کائي ٻلي هلي حج تي.
هن پهاڪي جو بنياد ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هڪ ٻُڍي ٻلي ڪوئن سان گڏ حج ڪرڻ ويئي، پر پنهنجي عادت موجب اُها ڪوئن کي ماري کائيندي پئي ويئي. ساڳيءَ طرح ڪو برو اِنسان جڏهن نيڪ بڻجڻ جو بهانو ڪري ۽ وري بر ڪم ڪندو رهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
- ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ.
ٻليءَ کي ڇِڇِڙ کائڻ ۾ گهڻو مزو ايندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڇڇڙ نه هُجن، پر ٻلي پنهنجي ذهن ۾ اهو سمجهي ته اِتي ڇڇڙ ملندا. اِن ڳالھ طرف هِن ۾ اِشارو ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح ڪو ماڻهو تصور ۾ اهڙي ڳالھ سوچي جيڪا اُتي آهي ئي ڪا نه، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب اچي.”
- ڇِڪو ڇِنو ٻليءَ جي ڀاڳين.
- ڪانياري ٻِلي ڪُوئي جي جوءِ.
يعني ڊڄڻي ٻلي ڪُوئي کان به پئي ڊڄندي آهي.
- ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪوُن کاوَڻ آيا.
ٻليءَ شينهن کي شڪار ڪرڻ سيکاريو، پر کيس وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريائين. شينهن جڏهن سِکي ويو ته هُن ٻليءَ تي حملو ڪيو. اِن تي ٻلي هڪ دم ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي. شينهن ويچارو ڏسندو ئي رهجي ويو. ڪو اِنسان جڏهن ٻئي کي ڪجھ سيکاري ۽ موٽ ۾ اُهو ٻيو اِنسان کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.”
- انڌن آندو، ٻِلن چٽيو.
انڌا کاڌو کڻي آيا. هوُ جڏهن کائڻ ويٺا ته ڪو ٻلا به اُتي اچي پهتا. اُهي به اُن کاڌي مان کائڻ لڳا. پر انڌن کي اِنهيءَ جي ڄاڻ نه پيئي. جڏهن هڪ جي محنت جو فائدو ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن چئجي.
- ٺاٺار ڪي ٻلي آهي.
مطلب ته ٺاٺاري جي دُڪان تي ويٺل ٻِلي آهي، جيڪا اُتي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪِ جي آوز تي هيڙي ويئي آهي. اهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالھ تي هِري وڃي اُن لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.
- پهرئين ئي ڏينهن ٻلي مارجي.
مطلب تب شروعات ئي پنهنجي روعب ڏيکارجي ته پوءِ ٻيا ماڻهو هميشه هُن کان ڊڄندا رهندا ۽ هُن جو حڪم مڃيندا. هن پهاڪي جو بنيادُ هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شاديءَ ڪئي ۽ پهرئينءَ رات جو ئي هن ڪوڙ ڪري ڀرسان لنگهندڙ ڪنهن ٻليءَ کي اهڙو ته زور سان ڏنڊو هنيو جو اُها ٻلي اُتي جو اُتي مري ويئي. اِن واقعي کي ڏسي سندس زال تمام ڊڄي ويئي. هُن سمجهيو ته منهنجو گهوٽ تمام غصي وارو آهي. پوءِ اُها سڄي عمر پنهنجي گهوٽ جي چئي ۾ رهندي هئي.”
- منهنجي ٻِلي مون کي ميائون.
ڀيٽيو: “مري بلي اور مُجھ سي هي ميائون.” مطلب جنهن شخص کي ڪنهن سيکاريو آهي، اُهو سکڻ کان پوءِ اُن شخص سان ئي وڙهڻ اچي، تڏهن چئجي.
- ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
مطلب ته ٻلي کائڻ وقت لالچ ڪري گهڻو کاڌو کائي ويندي؟ پوءِ کيس جڏهن دست لڳندا آهن، تڏهن گهڻو کائڻ تي پڇتائيندي آهي.

پاڻيءَ جا جانور:
گهڻي اهڙا ساهورا آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا، اُتي ئي سڄي زندگي گذارين ٿا ۽ اُتي ئي مري وڃن ٿا. اُنهن تي ٺهيل پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:

مڇيون:
- هڪ گندي مڇي سڄي تلاءَ کي گندو ڪري ڇڏيندي آهي.
مطلب ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو خراب آهي ته هوُ پنهنجن سڀني ساٿين کي به بدنام ڪري ڇڏي ٿو.
- رُپئي پَلو سهانگو، پئسي پلو مهانگو.
يعني جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ڳنڍ ۾ ناڻو آهي ته پوءِ مهانگي شيءِ به خريد ڪرڻ ۾ پيس رُڪاوٽ نه ايندي. پر جيڪڏهن وٽس پئسا نه آهن ته سستي شيءِ به کيس مهانگي لڳندي.
- ڪني مڇي ڪانهي جا رکئي خراب ٿي ويندي.
مطلب ته ڪا شيءِ ماڻهو پاڻ وٽ سانڍي رکي ۽ وقت تي اُن جو لاڀ وٺي تڏهن چئجي.
- جن کاڌا پلنِ جا پيٽارا تن جا هينئڙا ويچارا.
مطلب ته جن شاهوڪاريءَ جي وقت سٺو مال کاڌو آهي، اُنهن کي ٿوري به مصيبت اچڻ تي گهڻي پريشاني محسوس ٿيندي آهي.
- مڇي مارڪيٽ لڳي پئي آهي؟
مطلب ته تمام گهڻو گوڙ لڳل آهي.
- مڇيءَ موتُ، ميئي شڪار.
مهاڻا ته شڪار مڇيون ماري گذاران ڪن ٿا، پر ٻئي طرف اِهو مڇين جي لاءِ، موت ثابت ٿئي ٿو. ڀيٽيو: “مرُوئان مؤت، ملوڪان شِڪار”.
- جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ماڻهو، ته ڦاٽي مري.
مطلب ته نديءَ يا سمنڊ ۾ مڇيون ڦاسائڻ لاءِ جڏهن مهاڻو ڄار وجهي ٿو ته اُن ۾ گهڻيئي مڇيون ڦاسي وڃن ٿيون، پر جڏهن هُو ڄار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو، تڏهن ان جي سوراخن مان گهڻيئي ننڍيون مڇيون کسڪي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
- پلو سيري کا به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
سنڌ جي علائقي ۾ سنڌونديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ پلو تمام سوادي ٿيندو آهي. اُن جي ساراھ ۾ هيءَ چوڻي ٺهيل آهي.
- مڇيءَ کي ٿو ترڻ سيکاري.
يعني جيڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان وٺي فطري طرح هنر يا فن ڄاڻي ٿو، ان کي وڌيڪ ٻيو ڇا سيکاربو؟

واگهُو (واڳوُن):
- واگهوءَ جي وات ۾ پيو آهي.
مطلب ته سڄو ڏينهن پيو وهي ۽ محنت ڪري.
- رهي ٿو درياءَ جي ڪپ تي ۽ رکي ٿو واگهن سان وير.
يعني زوراور ۽ ڏاڍي ماڻهو جي ڀر ۾ رهي، ان سان جيڪڏهن دشمني ڪبي ته اُن مان پاڻ کي ئي نقصان رسندو. ڀيٽيو: “جل ۾ رھ ڪر مگر سي بئر.”
- منگر مڇ جا آنسوُن آهن.
مطلب ته ڪوڙو دُک ظاهر ڪرڻ.

ڏيڏرُ:
- کوھ جي ڏيڏري ڪَڇي پيئي اُڀ.
يعني کوھ جي ننڍي دائري ۾ رهندڙ ڏيڏري جيڪڏهن آسمان ڏانهن نهاريندي ته ان کي اُڀ جو فقط ٿورو ئي حصو نظر ايندو، پر هوءَ ايئن ٿي سمجيه ته اُڀ جو دائرو ايترو ئي آهي، جيترو اُن کي نظر اچي ٿو، پر اِها حقيقت نه آهي. ساڳيءَ طرح ٿوري ڄاڻ رکندڙ جيڪڏهن پاڻ کي عظيم عالم سمجهي ته اُهو به کوھ جي ڏيڏر وانگر آهي. هن پهاڪي جو بنياد سنسڪرت جي سماس “ڪُوپَ- مَڻڊُوڪَ” (کوھ جو ڏيڏر) تي بيٺل آهي.

ڪَڇئون:
- ڪڇُئون جي چال اٿس.
يعني ڪڇئون تمام ڌيمي چال سان هلندو آهي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن تمام آهستي هلي يا ڍرو ڪم ڪري، تڏهن کيس ٽوڪ وچان ائين چوندا آهن.
- ڪُمي وانگر پيو پاڻيءَ ۾ تڙ تڙڳي.
مطلب ته ڪو ماڻهو جڏهن گهڻو وقت نديءَ يا تلاءَ ۾ پيو تري تڏهن کيس چوندا آهن.

پکي
پکي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا شهري (جيئن ته طوطو، ڪبوتر) ۽ ٻيا جهنگلي (جيئن ته باز، ڳجھ، اُلو يا چٻرو.) ڪن شهري پکين کي ماڻهو شوق وچان پالي گهر ۾ پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن. پکين تي به گهڻي ئي پهاڪا ٺهيل آهن. اُنهن مان ڪجھ چونڊ پهاڪا هتي ڏجن ٿا.
- هنجن سان ريس ڪري اُڏاڻي چِڙي.
- چڻو هئس چُهنب ۾ سو به پِيُس ڪَري.
جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏن سان ريس ڪري ته کيس نقصان رسندو. اهڙن شخصن لاءِ هيءُ پهاڪو چيل آهي.
- اَب پڇتائي ڪيا هوت، جب چڙيان چُگ گئين کيت.
مطلب ته ڪا ڳالھ جڏهن هٿن مان نڪري وڃي ۽ اُن کي سُڌاري نه سگهجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
- سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
جڏهن ڪو ماڻهو گهڻي سياڻپ ڏيکاري ۽ پوءِ اُلتو ڦاسي پوي تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
- ڪانءَ کي لُڙ ۾ مزو.
يعني هڪڙو ڪانءُ ڪان ڪان ڪندو ته ٻيا ڪانءُ به ساڳيو سُرُ ڪڍندا آهن. اِن حالت تي هي چوڻي ٺهي آهي.
- جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
مطلب ته جهڙو خاندان هوندو تهڙو ئي اولاد پيدا ٿيندو.
- مور سڀ مري ويا باقي رهيا ڪانگ؟
جڏهن سنت (صوفي بزرگ) ماڻهو ۽ سُٺا ماڻهو ڪنهن هنڌن هليا وڃن ۽ اُتي باقي چور ۽ ٺڳ وڃي بچن، تڏهن چئجي.
- ڏاهو ڪانءُ، گوُنهن کائي.
ڀيٽيو: “سيانا ڪؤئا گوُھ کائي”. مطلب ته ڪو گهڻي سياڻپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ پوءِ کيس نقصان رسي تڏهن چئجي.
- چورن مٿان مور پيا، اَڌ ورهائي کڻي ويا.
جڏهن چورن جي چوريءَ مان ٻيا ڪي سياڻا حصو کڻي ڀڄي وڃن، تڏهن چئجي.
- مور گهڻي ئي سُٺو، پر سندس پير ڏنگا.
مور هڪ سهڻو پکي هوندو آهي، پر هن جا پير ڏنگا يا ٽيڏا هوندا آهن. اِن حقيقت ئي اِها چوڻي ٺهي آهي. مطلب ته جڏهن ڪو ماڻهو سڄو ڪم سُٺ ڪري پر اُن ۾ ڪا ننڍڙي گهٽتائي رهجي وڃي، تڏهن چئجي.
- جنگل ۾ مور ناچا ڪس نه ديکا؟
مطلب ته ماڻهو سُنسان يا اڪيلي هنڌ تي رهي ڪري ڪيترا به سٺا ڪم ڇو نه ڪري، پر هن جو قدر ڪرڻ وارا اُتي موجود نه آهن ته پوءِ هُن ماڻهوءَ کي جَسُ نه ملندو.
- گهر جي مرغي دال برابر.
يعني پنهنجي گهر جي ماڻهوءَ جو ڪو قدر نه ٿيندو آهي، چاهي هو ڪيترو به پهتل شخص ڇو نه هجي. ڀيٽيو: “گهر ڪا جوڳي جو ڳيڙا، آن گانوَ ڪا سِڌ.” ۽ “گهر جو پير، چلھ جو مارنگُ”.
- ڪُڪَڙ ڪوريءَ جو پر نانءُ وڏيري جو.
ڳوٺن ۾ وڏيري يا زميندار تماشي لاءِ ڪُڪڙ وڙهائيندا آهن. هو ڪُڪُڙ ٻين کان گهُرائي اُنهن کي وڙهائيندا آهن؟، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪيترا ڪُڪُڙ زخمي ٿي پوندا آهن، اِن قسم جي لڙائيءَ ۾ جنهن زميندار جو ڪُڪُڙ کٽندو آهي، اَن جي واھ واھ ٿيندي آهي. اِن حالت تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي. “ڀيٽيو: “لڙي سپاهي، نام سردار ڪا.”
- ڪُڪُڙ يا آنا.
مطلب ته اجايو بحث ڪرڻ. جنهن ڳالھ جو ڪڏهن به فيصلو نه ڪري سگهجي. جيئن ته پهرين ڪُڪُڙ پيدا ٿي يا پهرين آنا ٿيا، اِن ڳالھ جو فيصلو ڪرڻ اَڄ به مشڪل آهي. رواجي طور سان ڪُڪَڙ آنا ڏيندي آهي، جنهن مان ٻيا ڪُڪُڙ ۽ ڪُڪِڙيون پيدا ٿينديون پر سوال اِهو آهي ته پهرين آنو ڪيئن ٿيو يا پهرين ڪُڪِڙ ڪڏهن ٿي؟ بنا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو اِهو بحث اجايو آهي.
مطلب ته پرڀات يا اَسُر جو وقت پنهنجي قدرتي نموني سان ٿيندو آهي. اُن جو مرغي جي ٻانگ ڏيڻ سان ڪو به واسطو نه آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو سمجهي ايئن چئي ته هن کان سواءِ ڪو ڪن نه ٿي سگهندو، پر حقيقت ۾ هُن جو ڪو به وجود نه هجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
- تِتِر ڏيکاري ڀتر ڏيڻ.
يعني ڪنهن کي سؤدي يا واپار ۾ ٺڳڻ. سٺي شيءَ ڏيکاري کيس خراب شيءِ ڏين ٿا.
- اڌ تِترُ بٽير.
يعني الڳ الڳ قسم جي بناوٽ هئڻ. ڀيٽيو: “ڌڙ ريڍو، سِسي ٻاڪري.”
- ماڻهو مڙيئي نه سهڻا، پکي مڙيئي نه هنج،
- ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
يعني سڀيئي ماڻهو سُهِڻا ۽ سُٺي سُڀاوءَ وارا نه هوندا آهن. سڀيئي پکي هنجن وانگر سهڻا نه هوندا آهن. اهڙا ماڻهو تمام ورلي آهن جن مان بهار جي خوشبو ايندي آهي. مطلب ته گڻوان (گڻن وارا) ٿورا هوندا آهن. ڀيٽيو: “آدمي آدمي اَنتر ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر”.
- سِرڻ جي آکيري مان آنا لاهي ٿو اَچي.
مطلب ته اهڙو هوشيار آهي، جو مشڪل ڪم به سٺي طرح پورو ڪري ٿو وٺي.
- سِرڻ ۾ ماس ڪٿي؟
مطلب ته سِرڻ شڪار ڪري پنهنجي آکيري ۾ آڻي اُن جو گوشت کائيندي آهي. هو ڪجھ به بچائي نه رکندي آهي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهوءَ طرف چئبو آهي، جيڪو ڪجھ به بجائي نه رکندو آهي ۽ سڀ پيسو عيش ۾ ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
- ايئن اَچي مِڙيا آهن، جيئن ڳجهون ڍُونڍ تي.
يعني جيئن ڪنهن مُئل جانور جي لاش تي ڳجهون اچي ڪٺيون ٿينديون آهن تيئن اچي ماڻهو ڪٺا ٿيندا آهن.
- ٽيٽيهر واري ٽين ٽين لڳي پيئي آهي.
مطلب ته جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجھ به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.

ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون
گهڻن ئي قسمن جا ٻيا جيت جڻيا هوندا آهن. ڪي زهريلا، جيئن ته وڇون ۽ نانگ بلائون؛ ٻيا رت پياڪ، جيئن ته مُنگهڻُ، ڄؤر، مڇر، جونئن، وغيره. ٽئين قسم جا جيت اُڏامندڙ به هوندا آهن. مثال طور: مِک، پتنگو، ڀؤنر، مڪڙ، پوپٽ. انهن تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا ۽ هيٺ ڏجن ٿا:
- ڄاڻي وڇونءَ منڊُ به ڪو نه، هُٿ وجهي ٿو نانگن جي ٻر ۾.
يعني هن کي وڇونءَ جي زهر لاهَڻ جو منتر به ڪو نه ٿو اچي ۽ نانگن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ننڍي ڪم ڪرڻ جو به علم نه هجي ۽ هوُ وڏا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن ائين چئجي.
- ورجيس وڇئون وانگر هر ڪنهن کي پيو ڏنگي.
مطلب ته هن جو سڀاءُ اهڙو آهي جو سڀني کي پيو ستائي. وڇونءَ جي ڪنهن سان به دشمني نه هوندي آهي، پر هن جي عادت اهڙي آهي جو جيڪا به شيءِ هنجي ويجهي هوندي، تنهن کي پيو ڏنگ هڻندو.
- ورجيس نانگ نڪري ويو، ليڪو پيو ڪُٽجي.
مطلب ته ڳالھ ختم ٿي ويئي، هاڻي فقط اُن جي پچار پيئي هلي.
- ورجيس نانگن کي پيو کير پياري.
يعني دشمن کي پيو پالي. جڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي رکي، جيڪو هن کي نقصان پهچائيندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
- ورجيس نانگُ به مري، لٺ به نه ڀڄي.
يعني دشمن به ناس ٿئي، پر پاڻ کي ڪو به نقصان نه رَسي.
- سپُ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
ڪنهن کي چاهي نانگ چڪ نه به پاتو پر هو ڊپ وچان سمجهي ته نانگ هُن کي چڪ پاتو آهي ۽ اِنهيءَ ڊپ جي ڪري مري وڃي. اِن حالت تي هيءَ پهاڪو بيٺل آهي.
مطلب ته ڪو ماڻهو اهڙا گهڙا ڪم ڪري جو اُنهن مان نڪرڻ هُن جي لاءِ مشڪل ٿي پوي، تڏهن ايئن چئجي.
- ڀَتِ جو ٽِنڊِڻُ آهي.
يعني اهڙو ماڻهو آهي جو هڪ هنڌ ويٺو آهي، کيس دنيا جو آزمودو گهٽ آهي.
- اَٺِين پيڙهي اُٺُ ۽ ماڪوڙو ماسات.
مطلب ته جيڪڏهن ڪِنِ ماڻهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي جاچبي ته ڪِٿي نه ڪٿي سندن رشتو ضرور ملي ويندو.
- ورجيس ڄؤر وانگر چنبڙي پيو آهي.
ڄؤ کي هنديءَ ۾ “جونڪ” چوندا آهن. هو ماڻهو رت پيئڻ وقت ماڻهوءَ کي ايترو ته پُختو چنبڙندي آهي جو مري به ويندي پر نه ڇڏيندي.
- ورجيس چِچِڙ ٿي لڳو آهي.
اصطلاح چِچڙ هڪ نَنڍو جيت آهي، جيڪو جانورن کي چنبڙي اُنهن جو رت پيئندو آهي. اُن کي زور سان ڇڪبو آهي ته به نه ڇڏيندو آهي.
- گنجي جي مٿي ۾ نه ڪا جونءَ نه ڪا ليک.
مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن جي مٿي تي وار نه آهن ته پوءِ هن کي جونءَ يا ليک جي شڪايت نه ٿيندي. يعني جڏهن ڪو بنيادي مسئلو ئي نه آهي پوءِ اُن جي فڪر ڪرڻ بيڪار آهي.
- ورجيس ککر (ڏينڀو) ۾ ٿو کلي هڻي.
ککر جي ماناري تي ٿو ڀِتر اُڇلي. يعني ڄاڻي واڻي مصيبت ۾ پوڻ جا ڪم ٿو ڪري
- جِتي ماکي تِتي مکِ.
يعني جتي ڪا مٺي شيءِ هوندي اُتي مکيون ضرور اينديون. جتي ڪنهن ڪم ڪرڻ سان فائدو ملڻ جي اُميد هوندي آهي، اُتي سڀ ماڻهو اچي ڪٺا ٿي ويندا.

جانورن، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
آخر ۾ هتي ڪجھ اهڙن پهاڪن جا مثال ڏجن ٿا جن جو واسطو ڪنهن خاص جانور يا ساهواري سان نه آهي، پر اُهي اِنهي گروھ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. جيئن ته:
- ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وِڪڻ کڻي.
يعني ڍڳين مينهن جو جيڪڏهن ڌڻ آهي ته اُن جي سنڀال به ڪرڻي پوندي. نه ته سندن مالڪ کي نقصان ٿيڻ جو اِمڪان هوندو آهي.
- ڏڌو کير ٿَڻين نه پوي.
جيئن ڍڳين يا مينهن جو ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ نه پوندو آهي، تيئن زبان ۾مان نڪتل ڪؤڙو لفظ وري واپس نه ٿيندو.
- ڏُٻري ڍور جو ڌني سويل ئي پلاڻي.
يعني جيڪو ماڻهو ڪمزور جانور تي سواري ڪري رهي آهي، تنهن کي گهُر ته هو اوندھ ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو سفير سوير شروع ڪري.
- جيڪو چَري سو نه مري.
جيڪو جانور چڱيءَ طرح گاھ وغيره کائي ٿو، اُهو هميشه تندرست رهندو. يعني کائڻ پيئڻ ۾ شرم نه ڪرڻ کپي.
- ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.
شڪاري پکين، جانورن وغيره کي ماري پنهنجي گهر کڻي ايندو آهي. هو جانورن جي کل لاهي وڪڻندو آهي ۽ اُنهن جو گوشت به کائي يا وڪڻي ڇڏيندو آهي. باقي هڏن جو ڍير وڃي وٽس بچندو آهي.
- جو چُڳي سو تَڳي.
يعني جيڪو پکي چُڳي چڱيءَ طرح پيٽ ڀري ٿو، اُهو گهڻو وقت جيئي ٿو؟
هتي ڏنل مثالن مان طاف ظاهر آهي ته اِنسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جانورن، پکين، جيتن وغيره جي وهنوار مان به آزمودو وٺي گهڻي ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا وغيره ٺاهيا آهن. اُنهن جو هُن ادب ۾ سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي. اَن قسم جا پهاڪا جيڪڏهن اسين تفصيل طور ڪڍا ڪريون ته هڪڙو وڏو ادبي ذخيرو ٺهي پوي.