مُھاڳ: دردَ جي لئہ تي ــ جيون جو اڻپورو گيتُ
ڪيترو نہ ڏک ڏيندو آهي
جن جي پوئتي موٽڻ جو
ڪو بہ امڪان نہ هُجي
(ساڃاھہ جو عذاب)
اصل ۾ شعر چوڻ مھل بہ ڪڏهن هڪ لفظ مصور جي بُرش جي پھرئين اسٽروڪ وانگر ئي هوندو آهي، پوري تصوير اُنَ پھرئين اسٽروڪ جي پس منظر ۾ مڪمل هوندي آهي. ڪنھن عمارت لاءِ پيڙھہ جي پٿر جي بہ اُهائي اهميت هوندي آهي، جيڪا تصوير لاءِ مصور جي بُرشَ جي پھرئين اسٽروڪَ جي هوندي آهي. بالڪل ائين شعر چوڻ لاءِ بہ ڪو پھريون لفظ ضرور هوندو آهي. ”ڪُن“ جھڙو لفظ ـــ اهو نہ آهي، پر هڪ نالو آهي ”مشال“ جنھن کي انتھائي بيدرديءَ سان باچا خان يونيورسٽيءَ ۾ ماريو ويو. هڪ انڌ تي چڙهيل ماڻھن جو ڇِتو هُجوم ۽ هُو هَٿين خالي، هيڪلو، ٿُڏا، مُڪون، گُدا، ڇُرا، گوليون کائيندو رهيو ! ”ساڃاھہ“ قتل ٿيندي رهي ! ”مشال“ نہ رهيو ـــ هُنَ جو سامان رهجي ويو ! ۽ مائٽن کي موٽي مليو.
مشال جو سامان
گهر پھتو آهي اڄ
هُن جي قميصَ ۾
چنبڙيل رڙيون ماءُ
ٻُڌي ورتيون آهن
هوءَ قميص
۾ رهجي ويل پُٽَ جي
خوشبوءِ سان ڀاڪُر پائي
ڏاڍو رُني آهي ـــ بي اختيار......!
(ساڃاھہ جو عذاب)
وڄ نڪتل ــ گِگَ ڳاڙيندڙ ڇِتن ماڻھن جو هُجوم ـــ ۽ هيڪلو مَشال! ماڻھو جڏهن ماڻھپي جي اُتم پَدَ تان ڪِري ٿو ـــ تڏهن نيچپڻي جي پاتار کي ڇُھي ٿو ـــ شاھہ ڪريم اِنَ کي ”ڪُماڙو“ سڏي ٿو ۽ اُنَ کان پري رهڻَ جو ڏَسُ ڏئي ٿو:
وَرُ ساسڃي ويڙ، جِتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳ ئي ڦير، جِتي ڪَوڙَ ڪُماڙئين!
۽ مشال جو ڏوھہ؟ ساڃاھہ!
مون هُنَ کي ڪِتابَ سان محبت جو درس ڏنو هو
۽ کيس ساڃاھہ جي عذاب ڏنگي وِڌو !
لالا قادر، مشال جي پيءُ، جيڪو پاڻ بہ شاعر آهي، جي انھيءَ سوچ تي، انھيءَ نظمَ جي پُڄاڻي نہ، پر شروعات ٿئي ٿي ـــ هڪ عذاب جي شروعات! جيڪو مشال جا ماءُ پيءُ سھن ٿا. اِهو ساڃاھہ جو عذاب شبنم گُل جي سِٽن مان ٽِمي ٿو ـــ ۽ هر حساس پڙهندڙ بہ انھن سِٽن کي پڙهندي اِنَ عذابَ مان لنگهي ٿو. پھرئين لفظ، پيڙھہ جي پٿر، بُرش جي پھرئين اسٽروڪ.... جي پس منظر ۾ هڪ ڪيفيت هوندي آهي. هڪ خاڪو هوندو آهي. هڪ وارتا هوندي آهي. ائين هڪ نظم، هڪ عمارت ۽ هڪ تصوير..... اسان جي آڏو هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هر پڙهندڙ يا ڏسندڙ جي بہ هڪ ڪيفيت هوندي آهي ! ڏک، سک/لڙڪ، مِلڻ، وڇڙڻ/آس، نراس.... اهي سڀ مشترڪ هوندا آهن. شاعري انھن ئي ڪيفيتن کي اظھاري ٿي:
خيال جي ڌاڳي ۾ هر پَل
شعر جا موتي پوئي
احساس جي مالا جوڙيان ٿي.
(مان سوچيان ويٺي)
خيال پاڻ ساڻ هيئت بہ آڻي ٿو. ائين چوان تہ ”خيال“ ۽ ”هيئت“ پاڻ ۾ ائين رِل مِل هوندا آهن، جو انھن کي ڌار نہ ٿو ڪري سگهجي. ان ريت ”خيال“ ۽ هيئت جي اهڙي سنگم سان ”صنف“ جو بہ تعين ٿي وڃي ٿو ۽ اهو اصول مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي:
ڀڳي ٺوڙهي جي ان شامَ ۾.....
وجد جو خُمار آهي ان سانت ۾
سنڌوءَ جي خوشبوءِ جو وهڪرو
لَڪِيءَ ۽ آمريءَ جي سُونھن جو سنگم
خاموشي بہ هم ڪلام آهي
(لئنڊ اِسڪيپ)
خاموشي شبنم گُل سان هم ڪلام ٿئي ٿي ۽ هُوءَ ان جو اظھار لفظن وسيلي ڪري ٿي ۽ اسين بہ اُنَ سانت جي وجد جو خُمار ماڻيون ٿا.
پابند شاعريءَ جا سخت اصول ۽ قاعدا قانون آهن. انھن جو پورائو لازمي آهي. ساڳئي وقت انھن ۾ ڪُجهہ رعايتون بہ آهن. مثلاً ڪنھن بہ پابندصنف جو ٺھيل ٺُڪيل فارم ملي ٿو وڃي. قافيو، رديف هَڪيو تَڪيو آهي. عروض يا ماترڪ ڇند جي حساب سان مخفف بہ ڪتب آڻي سگهجن ٿا يا حروف علت (Vowels) حذف بہ ڪري سگهجن ٿا. متبادل لفظ ڪتب آڻي سگهو ٿا. آزاد نظم جو ٺھيل ٺُڪيل Format نہ آهي، نہ ئي اُنَ ۾ قافيو رديف آهي؛ پر اُنَ ۾ وزن/ڇند لازمي آهي. نثري نظم ۾ اهڙيون رعايتون نہ آهن. نثري نظم انھن پابندين کان مُڪت آهي ـــ ۽ اُها ان لاءِ وڏي ۾ وڏي پابندي پڻ آهي. مثلاً ان ۾ ڪو بہ ڀرتيءَ جو لفظ نہ هئڻ کپي. مخفف ۽ متبادل لفظ بہ روا نہ آهن ان ۾، نثري نظم ۾ توهان کي کُليل ميدان ملي ٿو، پر اِنَ ۾ بہ؛
واٽون ويھہ ٿِيون، ڪُھہ ڄاڻان ڪھڙيءَ وِيا !
واري اصل آزمائش آڏو اچي ٿي.
جنھن موڙ تي پاڻ کي وڃايو هيم
اڄ بہ ان موڙ تي پنھنجي
واپسيءَ جي منتظر آهيان
(شام سمي)
فارميٽ ڪھڙو بہ هُجي. پابند شاعري، آزاد شاعري يا نثري شاعري ـــ اُنَ ۾ ”شعريت“ جو هئڻ پھريون ۽ آخري شرط آهي. نثري نظم ۾ تہ ان شعريت جي هيڪاري وڌيڪَ اهميت آهي. ڇاڪاڻ تہ ائين نثري شاعريءَ جي مخالفن کي جواب ملي ٿو وڃي. مون کي ياد آهي تہ حميد شھيد هالائيءَ جي شعري مجموعي جي مُھاڳ ۾ لکيو هئم تہ: ”غزل ڌارين صنف آهي“. هُنَ ساڳئي مجموعي ۾ ان جو جواب ڏنو تہ ”سانيـٽ، ترائيل، آزاد نظم، ٽيڙو، نثري نظم..... وري ڪھڙيون پنھنجون صنفون آهن؟“ ڳالھہ اها بہ صحيح آهي پر کيس شايد اهو ياد نہ رهيو هو تہ اهڙي ڳالھہ طالب الموليٰ سائين مون کان اڳي ڪري چُڪو هو تہ: ”غزل پرديسي صنف آهي!“ سو، غزل گو شاعر بہ ڏاڍا ڏُکڻا آهن. گهٽ نثري شاعريءَ وارا بہ ناهن. سوال جيڪو ٻنھي ڌرين کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي، سو اِهو آهي تہ هنن ان ڏس ۾ ڪھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن؟ منھنجي راءِ ۾ هڪ تخليقڪار کي، لڙ ۾ پوڻ بجاءِ هڪ تخليق کان ٻيءَ تخليق ڏانھن وڃڻ گهرجي.
نثري نظم (Prose Poem) اولھہ کان آيل آهي ۽ گهڻي مقدار ۾ لکجي بہ رهيو آهي ۽ اهو مقدار بہ ان جي معيار کي پرکڻ جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. نثري نظم جي خاصيت اها بہ آهي تہ هو نظم ٻئي نظم کان سٽاءَ ۾ مختلف آهي ۽ تخليقي تجربي واري اهميت رکي ٿو:
خشڪ پھاڙ جي
وٿين مان ليئو پائيندڙ
هڪ گهاٽو سائو ٻُوٽو
ريشمي رومال جيان لڳي ٿو
(گورک جا ڪُجهہ منظر)
اسان جي مسواڙي فليٽ ڏانھن اوور هيڊ برج هيٺان مُڙي رستي تي اچبو آهي تہ ساڄي پاسي هڪ پٿرائين ڀِتِ ڪجهہ وکن جي فاصلي تائين ساڻ هلندي آهي. اُنَ ڀِتِ ۾ بہ هڪ چھچ سائو ٻُوٽو پاڻ ڏانھن هميشہ منھنجو ڌيان ڇڪائيندو آهي، پل اَپل نيڻ اُنَ کي تڪيندا آهن. اُنَ وير هوا جي جهوٽي سان اُهو چھچ سائو ٻُوٽو جهلڻ لڳندو آهي. پر منھنجي ذهن ۾ ”ريشمي رومال“ جھڙي تشبيھہ ڪڏهن بہ نہ آئي !
”دردَ جي لئہ“ ۾ گورک تي شبنم گل جا ٻيا بہ خوبصورت نظم آهن. انھن ۾هي مختصر نظم بہ آهي:
گورک جي سانت ۾
ڪنھن پُوڄارڻ جي
پُوڄا جھڙي شانتي آهي
رِم جِهم بُوندون وسن ٿيون
ڄَڻ ڪنھن مندر جا
گهنڊ وَڄَن ٿا !
(گورک جي خاموشي)
”ڪوتا ڪھاڻي“ هڪ عجيب نظم آهي. جنھن ۾ ڪلھہ، اڄ (پوڙهو) ۽ سڀاڻي (ٻار) هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوتل آهن. ڄڻ اِنَ لڙيءَ جا ٽي مَڻڪا آهن ـــ ۽ اها لڙي زندگيءَ جي لڙي آهي، بلڪہ زندگيءَ جي ڪھاڻي آهي. ان جو عنوان ”ڪوتا ڪھاڻي“ ڏاڍو معنيٰ خيز آهي. زندگي بہ هڪ ڪھاڻي ئي تہ آهي. هڪ اَڌ ڀُتِ ڪھاڻي !
زندگي ساڪن ناهي
ڪنھن مردہ منظر جيان
نہ ئي فقط موت جو انتظار آهي
(ڪوتا ڪھاڻي)
”ڪَوِتا ڪھاڻي“ نظمَ جو ڪئنواس زندگيءَ جيڏو ئي وڏو آهي. اُنَ ۾ ڪھاڻي بہ آهي، ڪردار بہ آهن تہ ڏيک به. هوا، آواز، خوشبو به. اهڃاڻ (Symbols) بہ آهن، تہ استعارا بہ، ان جو مکيہ وشيہ (Main Topic) وري بہ جيوَتِ (Life) ئي آهي، زندگيءَ جا ٻہ ڇيڙا ـــ پوڙهو ۽ ٻار ـــ هڪ باغ ۾ ملن ٿا. پوڙهو ماکيءَ جي مکين جو ڀُڻڪو ٻڌي ٿو. ماکيءَ جون مکيون گلن جو رَسُ چورائين ٿيون. جنھن مان ماکي ٺھي ٿي. پر ماکيءَ جي مکين کي ڏنگ بہ آهي. ان ريت زندگيءَ ۾ رَسُ بہ آهي تہ ڪَسُ بہ ـــ مِٺاڻُ بہ آهي تہ ڪڙاڻ بہ ! پوڙهو، ٻارن کي خوش ٿيندو ڏسي ٿو، تہ سندس چھري جي گهنجن ۾ لڪل ٻار پڌرو ٿئي ٿو ـــ هُو ماضيءَ ۾ کوئجي ٿو وڃي. کيس پنھنجا ننڍڙا ساٿي ماءُ جي هنج جو سُک/پيءُ..... گهر..... سڀ ياد ٿا اچن ! جيڪي وقت جي تِکي وهڪري ۾ وَهِي ويا ! ۽ مون کي ايم ڪمل جو هي شعر هانوَ تي ٿو هُري اسچي:
قطرو قطرو ٿي پَل هٿن مان ويا
ويٺي ويٺي وَهِي وَهِي ويئي
۽ انھيءَ ڪردارَ تي اهو سچ ٿو کُلي تہ:
....... وڃائڻ هڪ حقيقت آهي !
(ڪَوِتا ڪھاڻي)
۽ ان نظمَ جون آخري سِٽون توهين پاڻ پڙهو ۽ زندگيءَ جو ڏنگ سَھو:
پوءِ هُو اُٿي ٿو
ائين ٻارن سان گڏ ڊوڙي ٿو
ٽھڪ ڏيئي تاڙيون وڄائي ٿو
هُو ٻارن سان گڏ خوشيءَ جا ڪي پَلَ گهارڻ گهري ٿو
۽ ٻارَ
”چريو چريو“..... چئي
هُنَ جي پٺيان ڊوڙندا ٿا رهن.....!
(ڪَوِتا ڪھاڻي)
نثري نظم ۾ اُهو سُر، آلاپ، لئہ يا رِدم ڳولڻ، جيڪو پابند شاعريءَ ۾ هوندو آهي، وئرٿ آهي. نثري نظم ۾ ڀاونائن جو سُر، احساسن جو آلاپ، جذبن جو رِدم خاص اهميت رکي ٿو. اصل ۾ اِهو ڳُڻ سَڳڻ مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي، پوءِ اُها پابند شاعري هجي يا آزاد شاعري، يا نثري شاعري ! شبنم گُل جي نثري شاعريءَ ۾ اِهو ڳُڻُ سَڳُڻ هَڪيو آهي. اِنَ کي هيئن بہ سمجهي سگهجي ٿو ۽ اهو ڪيترن جو ذاتي تجربو بہ هوندو تہ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن عام ڳالھہ ٻولھہ ۾ بہ، ڪنھن جُملي تي اسان جي وات مان بي ساختہ نڪري ويندو آهي تہ: ”اها تہ شاعري آهي!“.
شبنم گُل سوکين ڀاونائن، نرمل احساسن ۽ ڪومل جذبن جي شاعرہ آهي. ”هر موسم نہ ڄاڻ ڇو اُداسيءَ جي موسم هوندي آهي!“ نطم ان جو مثال آهي. سِٽن جو پاڻ ۾ اهڙو تہ سَٽل آهي، جو انھن کي ڌار ڪرڻ اڻ ٿيڻي آهي. اِهو پورو نطم پڙهڻ ۽ ماڻڻ جھڙو آهي. شبنم گُل جا گهڻو ڪري نظم تخليقي تجربي جي اوج تي اُڻيل آهن. انھن مان ڪن ۾ اُداسيءَ جي تند آهي، مُنڍ کان پڇاڙي تائين، جيڪا ڪٿي بہ نہ ٿي ڇڄي ! تہ ڪن ۾ درد جي لھر آهي:
زمان و مڪان جي احساس کان مستثنيٰ
اسان جا درد مشترڪ آهن
۽ اسان جي احساس کي
صدين جي ڌوڙ بہ نہ لَٽي سگهي آهي
هڪ اک کان ٻي اک تائين
هڪ دل کان ٻي دل تائين
درد جو رُوپ ڌاري
احساس جو اهو سفر
ازل کان ابد تائين ايئن
جاري رهندو
(خود ڪلامي)
شبنم گُل هڪ آشا واري شاعرہ آهي:
سچ جي هر ڳالھہ تي
پٿرن جو وسڪارو ٿئي ٿو
پوءِ بہ جسم مان
زخمن بدران
سچ جا ڳاڙها گُلَ ڦُٽن ٿا!
(تجريد)
جڏهن بہ پنھنجو نانءُ وٺان
اُس ۾
ڪائي هير گُهلي
اوندھہ ۾
ڪو ديپ جلي
رڻ ۾ ڄڻ
رابيل ٽڙي
(اُسَ ۾ ڇانوَ جھڙو احساس)
شاھہ سائينءَ جي هِڪَ سِٽَ آهي:
نا اُميديءَ نيئي، اوڏي ڪِي اُميد کي
اِها سِٽَ شبنم گُل جو هي نظم پڙهي مون کي ياد آئي:
جڏهن سڄي دنيا جا دروازا
بند ٿي ويندا آهن
تہ مايوسيءَ جي گُهگهہ اونداهين ۾
وقت پنھنجي هٿن تي
شعور جا ڏيئا کڻي
مون تائين هلي
ائين ايندو آهي
جيئن هوائون
پھاڙن ۽ سمنڊن مان
رستو ٺاهي
اڳتي وڌنديون رهنديون آهن !
(اُميد)
ٿورن لفظن ۾ گهڻي گھري ڳالھہ ڪرڻ جي هُنر کي شاعري چئجي ٿو. شبنم گُل جو نظم ”اميد“ ان جو مثال آهي. جيڪو شعور جي روشنيءَ سان لکيل آهي. اَجهل هوائون، روشن ڏيئن جون توڙ کان ويري آهن، پر اهي اَجهل هوائون شعور جي ڏيئن کي نہ ٿيون اجهائي سگهن ! اتي ”هوائون“ بہ آزاديءَ جي استعاري طور ڪتب آيل آهي. آزادي جيڪا هر انسان جو جنم سِڌ اَڌڪار آهي ۽ اُها هر رنڊڪ روڪ کي ڊاهي اڳتي وڌندي رهي ٿي !
”درد جي لئہ“ ۾ غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جون صنفون بہ آهي. شبنم گُل جو نثري نظم کان غزل، هائيڪو ۽ وائيءَ جھڙين پابند صنفن ڏانھن لاڙو، هڪ سُٺو سَنوڻ آهي. ان ڏس ۾ بہ اهميت تخليقي تجربي جي آهي ۽ تخليقي سطح تي ڪا بہ صنف ايڏي سولي بہ نہ آهي. غزل رُڳو ”قافيي رديف“ جو نالو نہ آهي. وائي رُڳو ”الو ميان“ جو نالو نہ آهي. هائيڪو رُڳو ”ٻن قافين“ جو نالو نہ آهي:
ڪيڏو نہ اَياڻو آھہ اُهو،
ڀِتيُنِ کي جو گَهرُ چوي ٿو !
جيئن ڀتين کي گهر چوڻ اياڻپ آهي، جيئن ساھہ کان سوا جسم محض بوتو آهي، بالڪل ائين معنيٰ کانسواءِ شاعري بہ عدم موجود آهي. معنيٰ ئي اُهو اصلي جوهر آهي. دل جي ڌڙڪڻ آهي. غزل ۾ صرف وزن جو پورائو ڪافي نہ آهي. اصل ۾ گهاڙيٽي/خيال/معنيٰ/ٻوليءَ جي هڪ ـــ ڪرائپ سان ئي اُهو معجزو ظھور پذير ٿئي ٿو، جنھن کي شاعري سڏجي ٿو:
جيڪو لڳي سدا ڪشڪولُ
ڪھڙو اُنَ جيونَ جو مولُ
ٻيو نہ سھي، بس مُرڪ ڏئي ڇڏ
دارُون ٿيندو مٺڙو ٻولُ
غزل اُهو ئي سُٺو آهي، جنھن جا سڀ شعر سُٺا هُجن. شبنم گُل جي غزل ۾ اُهو ڳُڻ سَڳڻ موجود آهي:
ڏاڍ ڏمر جي ڪاري رات
ناهي دُور گهڻي پرڀات
بادل بڻجي جو آيو هو
ڏئي ويو نيڻن کي برسات
شبنم گُل جي غزل ۾ سادگي بہ آهي تہ بيساختگي بہ، سندس ڪي غزل، گهاڙيٽي ۾ ماترڪ ڇند جي ويجهو آهن، جيڪو سُر کانپوءِ شاعريءَ جو آڳاٽو گهاڙيٽو آهي. غزل ۾ تجربي جي گنجائش يا تہ بنھہ ناهي، يا تہ بنھہ گهٽ آهي ۽ هڪ شاعر کي تجربي جو جوکم ضرور کڻڻ کپي. شبنم گُل وٽ بہ اهڙا تجربا ملن ٿا:
تنھنجي آمد سان
رستا مرڪن ٿا
اکين منجهہ آلاڻ
وعدا مُرڪن ٿا
غزل جو اهو شايد مختصر ترين فارميٽ آهي ! پھرئين شعر جي مصرع ثانيءَ تي سوال اُڀريو تہ ڇا رستا بہ مرڪندا آهن؟ ان جو جواز مصرع اوليٰ ۾ آهي تہ: ”تنھنجي آمد سان!“ ۽ تڏهن مون کي شاھہ سائينءَ جو هي بيت هانوَ تي هُري آيو:
ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌُ،
ڀُون پڻ بسم ﷲ چئي، راھہ چُمي ٿي رندُ،
اُڀيون گهڻيون ادب سين، حُورون حيرت هنڌُ،
سائينءَ جو سوڳنڌُ، ساڄن سڀنئان سُھڻو !
هي غزل بہ تغزل سان ڀرپور آهي:
تُنھنجي مُرڪ جي لاٽ بِنا هي
اونداهو آهي جڳ سارو
ڪنھن سان پنھنجو سُورُ سليان مان؟
شھر ۾ هرڪو هو ويچارو !
توکي ڌاريو چوڻو پيو هو
ڪونہ هُيو ٻيو ڪوئي چارو !
جن شعرن منھنجي مَنَ کي ڇھيو آهي، انھن مان ڪجهہ هِتي ڏيان ٿو:
پنھنجي پاڇي کان ٿو ڇِرڪي
ڪيڏو آ انسان ڊنل
گُلَ سمورا وِکري ويا
ڀر ۾ آ گُلدانُ ڀڳل
تنھن کي ڪير چوي ٿو تنھا؟
وڇوڙي سان جو رُلندو آهي !
مُرڪي سڀ سان ملي ٿو جيڪو،
من ۾ هيڏو گهايل آهي!
جنھن جي مَنَ ۾ آڳ ازل جي
برکا منجهہ اُڃايل آهي!
رات سڄي هُئي ماڪَ رُنِي
گُلُ صُبح جو مُرڪيو هو
پيار رهيو پردن ۾ ايئن
سِپ ۾ ڄڻ موتي ڪو هو
خواب آزاديءَ جا ڏيکاري
عملي طور غلام لڳي ٿو
جيون سو سمورو سارُ ـــ وستارُ هنن ٻن سِٽن جي ڀاڪُرن ۾ ڀرجي ويو آهي:
خالي اکيون، خالي جهولي،
بس اُها ئي ڪھاڻي آهي !
لب تي خاموشيءَ جا پھرا،
ڪَجل اَکِ جو ڳالھائي ٿو!
چنڊ کِڙي ٿو پيو ڪڪرن مان
زلف ڪو وِکريل سُلجهائي ٿو!
جيئن هڪ نظم جو ـــ مُنڍ، وچ ۽ پُڄاڻي ـــ هوندي آهي، تيئن ان نظم تي جيڪي ڪُجهہ لکجي ٿو، اُنَ جو بہ مُنڍ، وچ ۽ پُڄاڻي هوندي آهي. نظم ۽ اُنَ تي لکئي تي نظرثانيءَ جي گُنجائش بھرحال موجود رهي ٿي. مثال طور شبنم گُل جي غزل تي لکندي، غزل ۾ جيڪي تجربا ٿيا آهن، اُن ڏس ۾ مون ڪجهہ نالا بہ کنيا هُئا، پر پوءِ انھن تان هٿ کڻڻو پيو. ان جا ٻہ ڪارڻ هُئا: (1) ڪو اهم نالو رهجي نہ وڃي (2) انھن تجربن جا مثال ڏيڻ بہ ضروري هُئا ! ائين ڪم وڌي وڃي ها. ايترو ضرور چوندس تہ روايتي توڙي غير روايتي غزل جو مطالعو لازمي آهي، ان ريت ڪلاسيڪل صنفن ۾ لکڻ مھل ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مطالعو لازمي آهي، ائين سُر، ماترڪ ڇند ۽ عروض جي ڄاڻ پرائجي ٿي تہ ٻوليءَ جي به. شبنم گُل جي عروضي غزلن مان ڪجهہ شعرَ:
اڄ روشني ٿي گهرجي
ها! زندگي ٿي گهرجي
هر شعر کي غمن جي
ڪا تازگي ٿي گهرجي
بادل، قدم، هوائون
آوارگي ٿي گهرجي
اڻ ڪيل ڏوھہ جي سزا آهي
زندگي ڄڻ تہ بد دعا آهي
ويا اکين جا ڏِيا اُجهامي سڀ
دردَ دُونھاٽيل فضا آهي
ڪالھہ جيڪو هُيو سڀن سان گڏ
پاڻَ کان اڄ ٿيو جُدا آهي
شبنم گُل جي هڪ نظم ”خودڪلامي“ جي سِٽَ آهي:
اسان جا دردَ مشترڪ آهن
شبنم گُل جي شاعري بہ انھيءَ درد جي لئہ تي، جيون جو ڇيڙيل ڪو اڻپورو گيت آهي:
درد جي لئہ تي ڇيڙيو ڇو؟
جيون ڪو اڻپورو گيت !
اهو ”جيون جو اڻپورو گيت“ ڪڏهن بہ پورو نہ ٿو ٿئي ـــ نہ ئي ڪٿي ”درد جي لئہ“ ٿي ٿمجي ! ”درد جي لئہ“ هڪ جامع استعارو آهي، جنھن ۾ سُر، ردم، سوز، گداز اچي وڃن ٿا. ”درد جي لئہ“ کان سواءِ گيت، گيت نہ آهي. ”درد جي لئہ“ جي معنيٰ ”رڳون ٿيون رُباب، وڄن ويل سڀ ڪنھين“ واري آهي. جيون جي اڻپوري گيت کي پوري ڪرڻ لاءِ ئي هڪ سچي شاعر کي تخليقي تجربي ڏانھن مڪمل ڌيان ۽ گيان سان سُچيت رهڻو آهي. ان لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي اهميت کي ذهن ۾ رکڻو آهي. هُنَ کي اهو سدائين ياد رکڻو آهي تہ هُو هڪ انتھائي نازڪ، سنجيدہ ۽ ذميواريءَ وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. هُنَ کي نہ رُڳو پاڻَ ۾، پر سڀني ۾ اُنَ سڀاڳي صبح جي اچڻ جو ويساھہ جاڳائي رکڻو آهي، جيڪو ڊگهي ڪاري رات کانپوءِ اَوس اچڻو آهي:
سَچَ کي ناهي ماتِ،
ڪڏهن تہ ٿيندي آخر،
پِرھہ ڦُٽي پِرڀات !
امداد حُسيني
ـــــ 11 ڊسمبر 2018ع
ڪراچي ـــ سنڌُ