آخري لفظ
خوابن جي وڃايل
تعبير پٺيان ڀٽڪندي
رُڃ ۾ رُلندي
جي مري پوان اڌ راھہ ۾
تہ اي دوست!
منھنجي قبر تي
يوڪلپٽس جو وڻ
ضرور لڳائجانءِ
جنھن جي قد جيڏا اوچا
منھنجا خواب
منھنجا آدرش آهن
(۽ جنھن هوائن جي سُر تي
ڪيئي ڀيرا منھنجي غم کي
لولي ڏيئي سمھاريو آ).
بھار جي ڪنھن شام
جڏهن ان وڻ جي
لام تي
ڪا ڪوئل اچي
ڪو گيت ڳائيندي
۽ ان آواز ۾ خوشگوار
مستقبل جي اڳڪٿي
ڪنھن پيار ڀرئي
دل جون تارون ڇيڙي ڇڏيندي
۽ ڪنھن جي ويران اکين ۾
اميدن جا
روشن ڪرڻن جھڙا شيتل خواب
سجائي ڇڏيندي
تہ منھنجو روح
پري تمام پري
ڪپھہ جي پوڻين جھڙي
نرم ۽ ريشمي بادلن جو هٿ پڪڙي
خوشين جي افق کي ڇُھي وٺندو
(ڇو تہ ڪوئل جي ڪوڪ جو اثر
سپنن جي پريءَ جي هٿ ۾ جهليل
جادوءَ جي ڇڙيءَ
جھڙو ئي هوندو آهي)
جيڪا ڏک جي
بدصورت لمحن کي ڇُھي
سُک جي چانديءَ ۾
بدلائي ڇڏيندي آهي
۽ ها.....
منھنجي ڪتبي تي
هيءَ عبارت ضرور لکجانءِ؛
هتي اها دل دفن اهي
جنھن ۾ جذبن جا انيڪ ڪنول
ٽڙندا هئا
جيڪي مقدر جي لانگ بوٽ
چيڀاٽي ڇڏيا
هتي اهي اکيون دفن آهن
جن جي جنبش ۾
روز ازل جا ڪيئي اسرار
اڻ چيل ڏک
۽ ڪيترائي نوان انڪشاف
لڪل هئا
پر جن کي موت
بي رحميءَ جو ڪراس ٺاهي
هميشہ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
هتي اُهي هٿ دفن آهن
جن جي حرڪت سان
لفظن جو سنگ مرمر
ڏات جي چانڊوڪيءَ ۾
جرڪي پوندو هو
پر جن جي ريکائن ۾
ڪا روشني نہ هئي
پر پوءِ بہ اُهي
وجود جي بقا لاءِ وڙهندڙ
ڏتڙيل طبقن،
مايوسيءَ ۽ انديشن جي آسيب ۾ ويڙهيل
گهرن لاءِ
روشن دعائون گهرندا هئا
۽ منھنجي قبر مٿان
هڪڙو ننڍڙو
ديپ ضرور ٻاري ڇڏجانءِ
يقين اٿم تہ جنھن جي روشني
زندھہ ۽ متحرڪ دنيا جي
ان روشنيءَ کان بھتر هوندي
جيڪا سدائين
باطن جي
گهور اونداهيءَ آڏو
لڙاٽيل لڳندي آ.....
جڏهن آسمان تي چمڪندڙ
ستارن جي جهڪي روشني
منزل جو ڏسڻ ڏيڻ لاءِ
اجڙيل ۽ ڀٽڪيل قافلن جي
ڪا راهنمائي نہ ڪري سگهندي
تہ شايد.....
ڏيئي جي اها لاٽ
ڪنھن کي گم ٿيل منزل جي
ملي وڃڻ جو
ڪو اهڃاڻ ڏيئي وڃي
۽ خواهشن جي waste land ۾
ڀٽڪندڙ ڪو تنھا مسافر
(ان کان اڳ جو
اکين جا ستارا اُجهامي وڃن
جذبن جا گل ڪومائجي وڃن
۽ انتظار جون سموريون راهون
نااُميديءَ جي ڌوڙ ۾ لٽجي وڃن)
پنھنجي منزل، پنھنجي ماڳ ڏانھن
واپس موٽي وڃي
ها شايد واپس موٽي وڃي !
○