لئنڊ اسڪيپ
خاموشيءَ جي پويان
سج لھي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي ان سانت ۾
ڀڳي ٺوڙهي جي ان شام ۾
هڪ صدين جي خاموشي آهي
جيڪا سمنڊ کان بہ گهري آهي
جنھن ۾ ادراڪ جا پل بہ آهن
ڪو راز بہ آهي جيڪو گل جي
پنکڙين جيان هرپل
پن پن ٿي ٽڙندو رهي ٿو
هڪ گم ٿيل تھذيب جو پڙلاءُ آهي
جيڪو پھاڙن جي سرمئي رنگ ۾ رڱجي
ڪا پراڻي ياد ورجائي ٿو.
آسان جا رنگ هن نيارا
سرمئي رنگ ۾ شفق جي لالي
ڄڻ ڪجليون اکيون هجن
درد جي گداز ۾.....
ڀڳي ٺوڙهي جي شام ۾.....
وجد جو خمار آهي انَ سانت ۾
سنڌوءَ جي خوشبوءِ جو وهڪرو
لڪي ۽ آمريءَ جي سونھن جو سنگم
خاموشي بہ همڪلام آهي
ڪا تہ ديوانگي آهي ان مجاز ۾
ڪجهہ تہ آهي ڀڳي ٺوڙهي جي ان شام ۾،
ننڍپڻ جون چند يادون آهن
پوپٽ، چنڊ، ستارا آهن
بادلن جھڙو جيون آهي
ڪوُ ڪُو ڪندي ريل هلي ٿي
لمحن ۾ وڃائجي ويل ننڍپڻ
جيئرو ٿي پوي ٿو ان پل
هاڻ روڊ ڪناري گاڏيءَ مان
جڏهن سرمئي پھاڙن کي ڏسان ٿي.
تہ ماضي، حال ۽ مستقبل يڪجا ٿي پون ٿا
هڪ خاموشي آهي
جنھن ۾ وقت لڙهي چڪو آهي.
هڪ سانت آهي.
جنھن ۾ لفظ تہ منھنجا آهن
پر آواز ڪنھن ٻئي جو آهي.
سرمئي پھاڙن جي پراسرار
خاموشيءَ جي پٺيان
سج لھي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي سانت ۾
ڀڳي ٺوڙهي جي شام ۾.....
○