ڪَوِتا ڪھاڻي
هڪ پوڙهو بينچ
تي ويٺو آهي.
هو محسوس ڪري ٿو
ماکيءَ جي مکين جو ڀُڻڪو
جيڪي گلن جي چپن تان
رسَ چورائين ٿيون.
هوا ۾ ترندڙ خنڪي جي خوشبوءِ
جنھن ۾ باغ ۾ ٽڙندڙ
هر هڪ گل، ٻوٽي ۽ پن
جو ڇھاءُ شامل آهي.
هو محسوس ڪري ٿو
پنھنجي اندر هڪ ٿڌو ساھہ
جڏهن ٻارن کي خوش ٿي
ڊوڙندي ڏسي ٿو.
پل لاءِ سوچي ٿو.
زندگي ساڪن ناهي
ڪنھن مردہ منظر جيان
نہ ئي فقط موت جو انتظار آهي.
گهنجيل چمڙيءَ پٺيان نہ ئي
درد جي بي چين ڪندڙ
چڀن آهي.....
سندس چھري جي گهنجن ۾
هڪ ٻار لڪل آهي.
اکين ۾ ننڍپڻ جھڙو ئي تجسس
جهلڪندي محسوس ٿئي ٿو
ڄڻ هو ماضيءَ کي
ڳوليندو هجي،
پنھنجا وڃائجي ويل ننڍڙا
ساٿي ياد ايندا هوندس،
ماءُ جي هنج جو سُک
پيءُ جي شفقت جو ڇانورو
هڪ پرسڪون گهر جو اطمينان
شايد ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ
هو اهو بہ سوچيندو هوندو
تہ هن وقت تائين
هن ڪھڙيون شيون
وڃايون آهن.
هو پوءِ سوچي ٿو وڃائڻ هڪ حقيقت آهي
پوءِ هو اٿي ٿو
ائين ٻارن سان گڏ ڊوڙي ٿو
ٽھڪ ڏيئي تاڙيون
وڄائي ٿو.
هو ٻارن سان گڏ خوشيءَ جا ڪي پل گهارڻ گهُري ٿو
۽ ٻار ”چريو چريو “... چئي
هن جي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا!
○