شبنم گُل جي شاعريءَ جا اُفق
هن مجموعي ۾ شبنم، سنڌي ڪلاسيڪي صنف، "وائيءَ" جي تخليق جي تجربي مان گذرندي، غزل، نظم ۽ هائيڪو جي قديم ۽ جديد صنفن کي ڪاميابيءَ سان اظھار جو ذريعو بڻايو آهي. انگريزي شاعريءَ جي طالب علم جي طور تي نہ صرف هوءَ روايتي صنفن جھڙوڪ، مرثيي (Elegy) ۽ قصيدي (Ode) کان واقف ٿي ڏسجي، بلڪہ پنھنجي شاعريءَ ۾ هن انھن صنفن جو اثر بہ قبول ڪيو آهي، سندس نظمن جي اداسيءَ تي مرثيي جي غمگينيءَ جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. شاعرہ "پنھنجي پاران" ۾ آڊن جي مرثيي " W.B.Yeats جي ياد ۾" کانسواءِ لارڊ ٽيني سن جي مرثين کي پڻ ساراهيو آهي، جن جو اثر سندس يادگار نظم "ڳڙهي جي گلن جي خوشبو" تي محسوس ٿئي ٿو.
شبنم، انگريزي رومانوي شاعريءَ جي تحريڪ جي نمائندن وليم ورڊز ورٿ، ڪيٽس، شيلي ۽ وليم بليڪ جي فطرت پرستيءَ کي ساراهي ٿي. سندس چواڻي تہ "خيال ۽ موضوع جي اعتبار سان سنڌي شاعري سدا بھار رهي آهي،" جيڪو بلڪل درست خيال آهي. شبنم جي خيال مطابق، شيخ اياز وٽ آفاقي سوچ ۽ سماجي شعور جي فراواني آهي. ساڳيو احساس اسان، ڪلاسيڪي روسي شاعر پشڪن، روس جي باغي شاعر بورس پاسترناڪ ۽ اٽلي جي شاعر لورڪا جي بي پناھہ نغمگيءَ ۽ تغزل ۾ نظر اچي ٿو. ان ڊگهي تمھيد لاءِ معذرت، ان پس منظر ڏيڻ بنان، شبنم گل جي شاعريءَ ۾ احساس جي نزاڪت، فڪروشعر ۽تغزل جو اندازو نہ ٿو ڪري سگهجي. پنھنجي ڳالھہ کي واضع ڪرڻ لاءِ فقط هڪ مختصر نظم "دعا" جو مثال پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.
تنھنجي مرڪ
ڄڻ هر زخم جي
ٽرافي هجي
تنھنجو هئڻ
منھنجي لاءِ
ڄڻ ڪا خاموش دعا هجي!
ساڳيءَ ريت احساس جي شدت ۽ موضوع جي ثروت منديءَ جي حوالي سان شبنم جي هڪ ٻي نظم جو مثال پيش ڪيان ٿو.
جيلن جي
اونداهين کولين ۾
تشدد جي
هر مُھر
اميدن جا ٽھڪ ٻرن ٿا
بي بسيءَ جي
زنجيرن مان
سچ جا ڪيئي ساز ڇڙن ٿا
ڇو تہ .......
هر اُهو ذهن جنھن ۾
شعور جي چڻنگ ٻري ٿي
ان ۾ ڪڏهن بہ
جذبن جو
بليڪ آئوٽ نہ ٿو ٿي سگهي!
(بليڪ آؤٽ)
شبنم گل جي شاعريءَ ۾ غزل، وائي، هائيڪو ۽ نظمن جا الڳ رنگ آهن، پر جيڪڏهن شاعريءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو وڃي تہ ٻين صنفن تي بنيادي طور تي نظم حاوي نظر اچي ٿو. سندس بي مثال نظمن ۾ گورک سلسلي جي ڪجهہ نظمن کان علاوہ لينڊ اسڪيپ، ڪوتا ڪھاڻي، رات جي پوئين پھر سان مڪالمو، پارا چنار، روح جي بند دريءَ کان ٻاهر، اداس ڇوڪري، اي خدا، تون ڪائنات جي مرڪ ۾ وسين ٿو، اُميد، خاموشي، بليڪ آئوٽ، ويھين صديءَ جو عشق، اڻ ڇپيل ڳالھيون، دعا، جدائي، ادارڪ، انڪم ٽيڪس، ھرشيءِ مدار کان هٽيل آهي، انڪار، غيرت، وقت، سزا، زندگي؟، نئين موسم جي ڦھلي آ خوشبو، مون توکي چاهيو هو، طويل نظم خود ڪلامي ۽ ٻيا نظم شامل آهن. جن مان چند مثال پيش ڪجن ٿا، شبنم گل جي نظمن ۾ ڪيئي ڀيرا متضاد ڪيفيتون سامھون اچن ٿيون.
هڪ ڪيفيت مطابق:
تنھائيءَ جي آسمان هيٺيان
گهورُ اونداهي
راھہ ۾ پري تائين
نہ ڪو جگنو
۽ نہ ئي تارو آهي
هيڏي ساري جڳ ۾
ڪير آهي ڪنھن جو!
(وحشت)
ساڳيءَ ريت هڪ ٻي ڪيفيت مطابق، اميد جو ڪرڻو روشن ٿئي ٿو.
جڏهن سڄي دنيا جا دروازا
بند ٿي ويندا آهن
تہ مايوسيءَ جي گهگهہ اونداهين ۾
وقت پنھنجي هٿن تي
شعور جا ڏيئا کڻي
مون تائين هلي
ائين ايندو آهي
جيئن هوائون
پھاڙن ۽ سمنڊن مان
رستو ٺاهي
اڳتي وڌنديون رهنديون آهن!
(اُميد)
جاپاني هائيڪو برصغير پاڪ ۽ هند جي زبانن ۾ ڪافي مقبول ٿيو. شبنم جي شاعريءَ ۾ هائيڪو جو هي مثال ڏسو:
اڻپورو هڪ سپنو،
دل ڪشڪول ۾
ڄڻ ڪو کوٽو سڪو!
وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي شبنم گل خوب نڀايو آهي. ڪجهہ مثال ڏجن ٿا. جنھن ۾ ڄامشوري جي شام، منڇر ۽ ڪينجهر جو ذڪر شامل آهي. جيڪي قابل ذڪر وايون آهن.
هي مثال ڏسو:
چنڊ مرڪي ٿو سنڌوءَ مٿان
اکين ۾ اڻ چيل قرار آهي
ڄامشورن جي شامن ۾
يا وري ٻي وائيءَ ۾:
وقت رقص ڪري ٿو ساز ڇلي ٿو لھرن ۾
سج ٿو ڏيئا ٻاري ٽھڪ ٻرن ٿا ٻيڙين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾
ـــ
نوري ڄام جي پريت جو محور آهي تنھنجو تن
نوري اڄ بہ جيئري آهي مھاڻين جي اکڙين ۾
ڪينجهر تنھنجي لھرن ۾
غزل، سنڌي شاعريءَ جي صنف نہ آهي پر پوءِ بہ شبنم پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌي غزل جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن.
ساٿي سارا وڇڙي ويا
گل هوا ۾ وکري ويا
ڏاڍ جي موسم ۾ اڄڪلھہ
شھر سمورا اُجڙي ويا.
ـــ
سپنا مرڪن ٿا
جذبا مرڪن ٿا
تنھنجي آمد سان
رستا مرڪن ٿا
ـــ
اکين ۾ اڄ پاڻي آهي
ڪائي ياد پرائي آهي
تون بن منھنجا سانول سائين!
خوشي نہ مون ڪاماڻي آ
ـــ
جنھن ۾ ڪائي هار نہ جيت
ڪيڏي آسا پاڳل پريت
هڪ هڪ ٿي سڀ وڇڙي ويا
رهيو نہ ڪوئي من جو ميت
ـــ
تنھنجي يادن جو هر پل
آهي ڄڻ ڪو تاج محل
من آ جنھن جو ٿوهر جھڙو
ظاهر ۾ تہ چنبيلي آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شبنم گل هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿي. "درد جي لئہ" ۾ ڏنل شاعري حساس، درد ۽ دردمنديءَ جي حامل آهي. هن مجموعي ۾ شاعرا سنڌي ڪلاسيڪي صنف وائي، غزل، نظم ۽ هائيڪو جي صنف کي ڪاميابيءَ سان اظھار جي ذريعو بڻايو آهي. وائيءَ جي ڪلاسيڪي صنف کي شبنم گل خوب نڀايو آهي ۽ غزل جا ڪامياب تجربا ڪيا اٿس. سھل، ممتنع يعني گھري ڳالھہ مختصر لفظن ۾ چوڻ جو لاڙو اردو شاعريءَ ۾ عام آهي. پر شبنم گل جنھن طريقي سان اهو انداز نڀايو آهي، اُهو پنھنجو مثال پاڻ آهي. "درد جي لئہ" جو مطالعو ڪندي قاري خوشگوار حسرتن منجهان لنگهي ٿو. اهو منفرد تجربو اهڙو آهي، جيئن مون کي شيخ اياز جي شعرن جو پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وقت ٿيو هو. ان اعتبار سان شبنم جي شاعري، ڪمند جي فصل جيان، شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل آهي.
احمد سليم
ـــــ 20 جولاءِ 2019
اسلام آباد