پنھنجي پاران: وکريل گُلَ جيان مھڪندڙ احساس
شاعري فطرت کان اتساھہ وٺي ٿي. شعر جي هر ڀيٽ، تمثيل، استعارو، اهڃاڻ يا شخصي اهڃاڻ وغيرہ فطرت جي اتساھہ کان خالي نہ آهن. ان ڪري لوڪ ۽ صوفي شاعريءَ ۾ گفتگوءَ جا فطري مظھر هئيت يا نقشا واضح طور تي ملن ٿا. هن ڪائنات جو سرجڻھار بہ شاعر هوندو، جنھن فطرت جي روپ ۾ شاندار شاعري ڪئي آهي. شاعري سونھن ۽ دردَ جو سنگم آهي. سونھن فاني آهي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو درد آهي. شاعري جنھن جو آلاپ ٿئي ٿي، پر سونھن جو احساس ۽ يادگيري دائمي حيثيت رکي ٿي.
انگريزي شاعر جان ڪيٽس وٽ ٻئي ڪيفيتون ساڻ ملن ٿيون. سونھن جا پوڄا ۽ ان سونھن جي يادگيري ۽ ان ياد جو سوز کانئس شعر چورائي ٿو. موتمار بيماري ۽ محبت نہ ماڻي سگهڻ جو ڏک، ڀاءُ جي موت جو ڏک.
Ay, in the very temple of Delight
Veil’d Melancholy has her Sovran shrine.
ائين رابرٽ هيرڪ پڻ پنھنجي نظم ”ڊيفوڊلس“ ۾ زندگيءَ کي گرمين جي برسات ۽ ماڪ جيان سمجهي ٿو. هن لاءِ خوشين جا ڏينھن گُل جيان مختصر آهن.
انگريزي شاعريءَ جون ٻہ صنفون Elegy (مرثيو) ۽ Ode (توصيفي شاعري) مون کي پسند آهن. اوڊ طويل نظم آهي. هي اتم موضوع آهي، جيڪو درد جي رومانس ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو. ان جا موضوع فطرت سان پڻ واسطو رکن ٿا. پر مون کي غم جي انتھا ۾ مبتلا Elegy (مرثيو) وڌيڪَ موهي ٿو. جيئن انگريزيءَ جي شاعر ٿامس گري جو نظم “Elegy Written in a Country Churchyard” موضوع جي اعتبار سان لافاني آهي. هو هڪ ڳوٺ جي قبرستان ۾ بيٺو آهي ۽ مري ويلن لاءِ سوچي ٿو، جن جا گهر خالي ۽ چلھيون ٿڌيون ٿي چڪيون آهن، جيڪي هوا، وڻن ۽ زندگيءَ جي سونھن کان پري وڃي چڪا آهن. زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو درد جنھن نموني شاعراڻي احساس ۾ ڳالھائي ٿو ان ۾ گهرائي محسوس ٿئي ٿي. Alferd Lord Tennyson جو “Elegy in Memoriam” جيڪو طويل نطم آهي، هي نظم شاعر پنھنجي دوست Henry Hallam جي اوچتي موت تي لکيو هو، جنھن ۾ هو انھن دروازن لاءِ ٿو سوچي، جيڪي سندس دوست جي ڇھاءَ کان محروم رهندا. اهڙيءَ ريت جان ملٽن جي “Lycidas” ۽ W.H Auden جي “In Memory of W.B Yeats” قابلِ ذڪر آهن.
انگريزي شاعريءَ جي صنفن جو سنڌي شاعريءَ تي براھہ راست اثر نظر اچي ٿو. جيئن انگريزي شاعريءَ جون صنفون Sonnet, Elegy, Balled Blank Verse, Free Verse ۽ Lyric آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ترائيل، گيت مرثيي، قصيدي، نثري ۽ آزاد نظم طور موجود آهن. مثال: انگريزيءَ جي شاعر شيلي ۽ تنوير عباسيءَ جي شعر جو ترنم ملندڙ جلندڙ لڳو، جيئن شيلي جو نظم:
بادل آهيان، موج آهيان، ڪو سُڪل پن آهيان،
اي هوا. ڏي سھارو اڳتي وڌي کڻي وٺ مٿي مون کي،
زندگيءَ جي ڪنڊن ڀري سيج تي وکري ويو آهيان،
۽ هي جسم منھنجو سارو خون سان تر آهي.
تنويرَ جو تخيل ڏسو:
سانت مان تنھنجا ٽھڪ ايئن نڪتا،
ڄڻ تہ ڪنھن چھچ سائي ٻوٽي ۾،
اوچتو پيا ٽري ڪي ڳاڙها گُلَ.
سنڌي شاعريءَ ۾ نغمگيءَ جو تاثر تنوير جي هر شعرَ مان جهلڪي ٿو. اهڙن ماڻھن ڏي ڏسندي ئي دل خوش ٿيندي آهي، ڪن ماڻھن جي سانت ستارن وانگر هوندي آهي.
ساڳيءَ ريت شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ بہ آفاقي شعور موجود آهي، جيڪو سندس وسيع مطالعي جو ثمر آهي. شيخ اياز دنيا جي مختلف ٻولين جي شاعراڻي رمز مان ڪافي ڪجهہ پرائي ۽ نوان تجربا ڪيا . سندس شعر ۾ خيال ۽ ان خيال جي اظھارَ لاءِ صحيح صنف جي چونڊ، شاعر جو احساساتي جمال آهي. اياز غزل، گيت، وائي، بيت، نظم ۽ ٽيڙو لکيا ۽ هر صنف ۾ پاڻ مڃايو.
مونجهو، مَن ماندو،
ٻيو ڪاڙهو ڪاپار تي،
اونھاري آندو.....
وَهي پيو واھہ،
ڀَر تي پِپِرَ ڇانوَ ۾،
تون ۽ منھنجو ساھہ.
جيئن شيلي ۽ تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ نغمي، جو ساڳيو تاثر محسوس ٿئي ٿو، تيئن جان ڪيٽس ۽ مير تقي مير وٽ غم ۽ احساس محروميءَ جو ساڳيو ذڪر ملي ٿو. ٻئي شاعر بيماريءَ، بي وسيءَ ۽ ناڪام محبت جو زهر اندر ۾ اوتيندي، لازوال شاعري ڪندا رهيا. احساساتي غم ۾ ٻہ شاعر هڪ جھڙي شاعري ڪري سگهن ٿا. ڪيٽس پنھنجي مشھور نظم “Ode to a Nightingale” ۾ پنھنجي غم جو اظھار هن ريت ڪري ٿو:
Darkling I listen; and for many a time,
I have been half in love with easful death,
Call’d him soft names in many a mused rhyme,
To take into the air my quite breath,
Now more than ever seems it rich to die.
(ڪيٽس کي تنھائي موت سمان ڀاسي ٿي، هُو ڪيترا ڀيرا موت جو تصور ڪندي کيس شاعراڻا نالا ارپي ٿو. هن وٽ آسان موت جو رستو اهو آهي تہ هو موت سان دوستي ڪري).
ساڳيءَ ريت مير تقي مير جو شعر سندس اندر جي آواز جي ترجماني ڪري ٿو.
جن جن کو تھا یہ عشق کا آزار مرگئے،
اکثر ہمارے ساتھ کے بیمار مرگئے ۔
شاعرن وٽ زندگيءَ جي سونھن کي محسوس ڪرڻ جي سگهہ سان گڏ، زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو ڏک گڏ هلندي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌي شاعري خيال ۽ موضوع جي لحاظ کان سدا بهار رهي آهي. شيخ اياز وٽ آفاقي سوچ ۽ سماجي شعور ملي ٿو. ساڳيو احساس بورس پاسترناڪ، لورڪا ۽ پشڪن وٽ ملي ٿو. شيخ اياز وٽ عمر جي آخري حصي ۾ موت جو خيال حاوي نظر اچي ٿو.
موت ڪيا سڀ مات،
هوندا ڪير حيات،
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟
مُيون مالھڻيون،
سڪا موتئي گجرا،
ڪٺا رات ڪلاڪ،
ميڙو ناهي مڌ تي رڱ ڏنائون رات،
وهاڻي پرڀات،
کٽي کنڀ ڇڏي ويا.
ساڳي ڪيفيت پشڪن جي هن شعر ۾ پڻ ملي ٿي.
And where will fate send death to me?
In battle, in my travels, or on the seats?
Or will the neighboring valley
Receive my chilled ashes?
سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا بہ ڪيا ويا آهن. خاص طور تي نظم ۽ نثري نظمن ۾ نواڻ نظر اچي ٿي. شاعريءَ جون مختلف صنفون جھڙوڪ قصيدو، مثنوي، مسدس، مرثيو، مخمس، ترڪيب، مسمط، ترڪيب بند، قطع، جنگ ناما، مربع ۽ مدح وغيرہ نظمنَ جون صورتون آهن. نظمَ ۾ تاثر جي وحدت، فڪر ۽ خيال جو تسلسل اهميت رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ آزاد نطم ۽ نثري نظم مقبوليت ماڻي آهي. جيئن پشپاولڀ جو هي نظم ”ڪولھڻ“ سنڌي نظمَ جي پختگيءَ ظاهر ڪري ٿو.
پراچين سمي جي مان ڪا هستي آهيان
منھنجو من موهن جي دڙي جي مورتي،
آئون اُها ناچڻي آهيان
جنھن جا نرت ڪندڙ هٿ
ٻن سفيد اُڏامندڙ ڪبوترن جيان
پنھنجون چهنبون ملائي بيٺا آهن،
منھنجي پايل جي جهنڪار سان
مندر جون گهنٽيون سجاڳ ٿين ٿيون.
سنڌي شاعريءَ ۾ نون تجربن لاءِ ڪشادگي نظر اچي ٿي. خاص طور تي جاپاني شاعريءَ ۾ فطرت جي خوبصورتي عروج تي نظر اچي ٿي. عام منظرن ۾ بہ معنيٰ جا انيڪ رُخَ ملن ٿا. جاپاني هائيڪن کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ بہ هائيڪا لکيا ويا. جاپاني هائيڪا فطري رمزن سان سرشار نظر اچن ٿا.
رڳو عطر کپي
جو برف جي ذرن کي
گُل بنائجي
(باشو)
باشو هائيڪو کي روشن جمالياتي پرک سان فطرت ۾ ورهائي ٿو. جيڪي زندگيءَ جي عام منظرن بابت آهن. شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين سنڌيءَ ۾ هائيڪا لکيا آهن. جيئن امداد حسينيءَ، شيخ اياز ۽ ادل سومري جا هي ٽه سٽا آهن:
ڪنھن هي ڪالھہ چيو
”ڦول نہ ڦٽو تار تي،
منھنجي پاند پيو !“
(شيخ اياز)
اُڻ تُڻ هُر کُر، لوچ
پرزا پرزا ٿي پئو،
سچ نہ ڄاڻي سوچ
(امداد حسيني)
شاھہ، سچل سامي
پيار ڀري پرڀات جا
آهــــن پـــيـــاســي
(ادل سومرو)
شيخ اياز جي وسيع مطالعي جو عڪس سندس شاعريءَ مان واضح طور تي ملي ٿو. شيخ اياز جو مطالعو وسيع هو. هن جي خيال مطابق ٽي شاعر وڏي توجھہ جا مستحق آهن، جن ۾ انگلينڊ جو ازرا پائونڊ، آمريڪا جو ٽي ايس ايليٽ ۽ هسپانوي شاعر مائڪل دي ايونامنو شامل آهن.
انگريزي شاعريءَ جو عروج وارو دور ارڙهين صديءَ ۾ رومانوي تحريڪ سان شروع ٿئي ٿو. وليم ورڊس ورٿ جو پينٿئزم، جان ڪيٽس جو درد سان رومانس ۽ هيلينزم، شيلي جو فطرت ۾ مثبت ۽ تخريبي اثر جو ذڪر ڪرڻ، سيمويل ٽيلر ڪولرج جي طلسماتي ماروائيت، رابرٽ برائوننگ جي احساساتي ڪوملتا ۽ تلخ حقيقتن جو ٽڪر، وليم بليڪ جو معصوميت ۽ تجربي جي ڀيٽ ڪرڻ ۽ تصوف جون رمزون..... انھن شاعرن پوري دنيا جي شاعريءَ تي پنھنجو اثر ڇڏيو. سندن داخلي احساس پوري ڪائنات سان ڳنڍيل هو. بنيادي طور تي رومانوي شاعر فطرت پرست ۽ سونھن جا شيدائي هُئا. سندن شاعري سونھن، سچ ۽ محبت جي محور جي چوڌاري ڦري ٿي.
اها حقيقت آهي تہ انگريزي ادب جي شاگرد طور مون کي نثر توڙي شاعريءَ جي صنف ۾ وڏي رهنمائي ملي آهي. مون مشرقي توڙي مغربي شاعرن ۽ نثر نويسن جو جيڪو بہ مطالعو ڪيو آهي، ان جي ڪري مون کي شاعري توڙي نثري صنفن جي گهاڙيٽي جي ڪنھن قدر ڄاڻَ ملي آهي. منھنجو پنھنجو نقطہ نظر اهو آهي تہ نثر يا شاعريءَ جي ڪنھن بہ صنف تي قلم کڻجي تہ قلمڪار کي ان جي باري ۾ چڱي ڄاڻ هجي. شعر، ڪھاڻي، ناول، مضمون يا ڪالم سرجڻ ڪو ڪمال نہ آهي، پر انھن لکڻين کي طئہ ٿيل فارميٽ تحت تخليق ڪرڻ ڏکيو ڪم ضرور آهي. ٻي ڳالھہ اها تہ ليکڪ کي پاڻ طئہ ڪرڻ گهرجي تہ هُو اظھارَ لاءِ ڪھڙي صنف جو انتخاب ڪري، جنھن سان هو چڱيءَ طرح نڀائي سگهي.
شاعري خود ڪلاميءَ جو رد عمل آهي، پاڻمرادو گفتگوءَ جو ڏانءُ آهي، ٻڏتر جي ڪيفيت آهي، هڪ مستقل غير محسوس اداسيءَ جو نانءُ شاعري آهي. شاعر عام تخليقڪارن کان مختلف ٿين ٿا. شعور ۽ نيم شعور جي حالت ۾ هڪ اهڙي دنيا جا رهواسي آهن، جيڪا تصوراتي ۽ غير حقيقي آهي، جيڪا وهمن، پرفريب خيالن ۽ خوش فھمين سان سرشار لڳي ٿي.
شاعر مستقل خود فريبيءَ جي حالت ۾ رهي ٿو. خيالن جي اهڙي دنيا ۾ جتي ڪا بہ صورتحال ساڳي نہ آهي، پر هر پل بدلجندي رهي ٿي. اها دنيا عجيب، دلڪش ۽ طلسماتي آهي، جتي خيال خوش فھميءَ کي تخليق ڪري ٿو. جيڪا خوبصورت ۽ اڻ ڇھيل ٿئي ٿي. ڇو تہ شاعر وٽ هر احساس، جذبي يا منظر جي پنھنجي الڳ ترجماني آهي. هو داخلي اک سان پنھنجو الڳ نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. جيڪو تحرڪ حاصل ڪرڻ کانپوءِ تخليقي عمل مان گذري ٿو، جنھن کي فنڪار جو اُتساھہ (Artistic Inspiration) چيو وڃي ٿو. يونانين جو يقين هو تہ اُهو اُتساھہ Apollo يا Dionysus وسيلي شاعر کي ملي ٿو. اوڻويهين صديءَ ڌاري انگريزي شاعرن ڪولرج ۽ شيلي مطابق شاعر اهو تحرڪ خدائي ۽ روحاني طور تي حاصل ڪري ٿو. شاعر اُهو تحرڪ زندگيءَ ۽ ڪائنات جي رنگن مان دريافت ڪري ٿو. فطرت شناسي شاعر کي تخليق جي وسعت ۽ تصور جي اُڏام عطا ڪري ٿي.
جيڪڏهن شاعر نہ هجن ها تہ زندگي سونھن بہ احساس ۽ دردَ جي سوزَ کان خالي هجي ها. شاعر، غمگين دل کي آٿت ڏين ٿا. انگريزيءَ جي شاعر وليم بليڪ چواڻيءَ: ”شاعر ڏاهو، ولي يا ڪو پيغمبر آهي. هو ماضي، حال ۽ مستقبل جو ادراڪ رکي ٿو. هن کان زندگيءَ جو ڪو بہ ڳجهہ لڪل نہ آهي“.
اها حقيقت آهي تہ شاعري درد جو آلاپ ۽ ڏاهپ جو ڏنگ آهي. ڏاهپ جيڪا شاعر کي درد سان روشناس ڪرائي ٿي. شايد ان ڪري تہ شاعر وٽ پکين جھڙي دل آهي، جيڪا غير انساني روين ۽ قيد جي تصور کان بار بار ڇرڪي پوي ٿي. قيد احساس جو هجي يا طبعي وجود جو، ٻنھي صورتن ۾ درد اڻٽر آهي.
شاعر جا خواب امن، محبت ۽ برابريءَ سان سلھاڙيل آهن. هو سدائين امن جو خواهشمند رهي ٿو. جبر انفرادي هجي يا اجتماعي، شاعر کي بيچين رکي ٿو.
منھنجي شاعريءَ جي شروعات مارشل لا جي دور کان ٿي. هي اهو دور هو، جڏهن اسان مڪليءَ ۾ رهندا هئاسين. مڪلي سنڌ جو تاريخي شھر آهي. هن شھر جي فضائن ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هئي. درد جي خوشبوءِ جيان احساس بہ وکري مھڪي ٿو گل وانگر. منھنجو طويل نظم ”خود ڪلامي“ مڪليءَ جي ماحول ۾ رڱيل آهي.
منھنجي شاعريءَ سنڌ جي فطري منظرن، تاريخ، سماجي لقائن، تصوف، لوڪ ادب کان اُتساھہ حاصل ڪيو آهي. منھنجي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”آخري لفظ“ 1993ع ۾ ڇپيو هو. ان کانپوءِ هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ هي نئون شعري مجموعو ”درد جي لئہ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي ۾ ”آخري لفظ“ جي شاعري بہ شامل آهي. غير انساني رويا ۽ واقعا شاعريءَ کي بنياد فراهم ڪندا آهن. منھنجا اڪثر نظم زندگيءَ جي حقيقي حادثن ۽ ڀوڳنائُن جو اولڙو آهن. مون ”ڳڙهيءَ جي خوشبو“ نظم محترمہ بينظير جي شھادت تي لکيو. نظم ”ڪمال“ تعليمي ماهر فريدہ فيض ﷲ جي حوصلي جي نانءِ آهي، جنھن اکين جي روشني وڃائڻ کانپوءِ بہ تعليمي سفر جاري رکيو ۽ ٻاهران اعليٰ تعليم حاصل ڪري آئي. نـظم ”اداس ڇوڪري“ هر ٽئين گهر ۾ موجود آهي. ”آخري لفظ“ نظم مارشل لا جي ڏينھن جو يادگار آهي. اهو نظم، ان دور ۾ ٽنڊو ڄام جي شاگرد جي اکين مان نڪتو، جنھن مھل هو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هو. بعد ۾ يونيورسٽيءَ جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ اهو نظم پڙهيو ويو. نظم ”رات جي پوئين پھر سان مڪالمو“ پنھنجي شاگردياڻي طلعت جي حادثاتي موت سان منسوب ٿيل آهي. نظم ”پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي“ بنگلا ديش جي آدرشي ڪردار عشرت آخوند کي ارپيو آهي، جيڪا هولي آرٽيسن بيڪريءَ تي ٿيل دهشتگردن جي حملي ۾ مارجي وئي هئي. ”ساڃاھہ جو عذاب“ نظم مشال خان جي دکدائڪ واقعي تي لکيم. هر غير انساني واقعي تي منھنجي احساس مان درد جي سٽ اڀرندي آهي ۽ پوءِ اها ڪنھن غزل، گيت يا نظمَ جي صورت، صفحن تي نروار ٿيندي آهي. مون نثري صنفن کي وڌيڪَ وقت ڏنو آهي، جنھن ۾ ڪھاڻيون، ڊراما، ناول، مضمون ۽ ڪالم وغيرہ شامل آهن. انھن صنفن جي ڀيٽ ۾ شاعريءَ کي تمام گهـٽ وقت ڏنو آهي. پوءِ بہ شاعري منھنجي اها سھيلي آهي، جنھن سان دل جو حال اورڻ ۾ دل جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي.
مان خاص طور تي سنڌ جي آدرشي شاعر امداد حسينيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنھن بنا ڪنھن دير جي مون کي مُھاڳ لڳي ڏنو. سندس نثر توڙي شاعراڻو اسلوب اتم ۽ قابلِ فخر آهي. سندس لکيل هي لفط مان پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿي.
شبنم گُل
ـــــ 26 جون 2019
حيدرآباد ـــ سنڌُ