پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي
پرھہ ڦُٽيءَ جي منظر جھڙي
هوءَ بنگالي ناري
ڪيڏي نہ سُندر ۽ سڀاويڪ
اکين ۾ خوابن جو اڻ کٽ سمنڊ
مُرڪ جنھن جي رابيل سمان
گُلن، پوپٽن ۽ بادلن جھڙيون
سندر ڳالھيون هن جون
ڪومل احساس هو ڇانوري سمان
سو ورهائيندي نہ ٿڪبي هئي
آسمان ۾ اُڏامندڙ پکي
کيس ساڀيائُن جيان ڀاسندا هُئا
ڪو جيون ايترو سک سانت وارو
ممڪن ٿي سگهيو ٿي ڀَلا ؟
خوشيون بہ زمين جي رنگن
سان رڱيل فطرت سمان هرپل
رنگن جي ورکا ڪنديون هيون
انسانيت جي مذهب تي
ويساھہ رکندڙ هوءَ
جنھن سڄي ڄمار
سچ سونھن ۽ امن جي ڳالھہ ڪئي
هن ڪڏهن سوچيو بہ نہ هوندو تہ
انھن خوبين جي بدلي ۾ هوءَ
اونداهين جو کاڄ بڻبي
ڏاڍ جي راهن ۾ دهشت گردن هٿان
هڪ ڏينھن مارجي ويندي
موت کان ڪجهہ ڏينھن اڳي
پنھنجي اسٽيٽس تي خوبصورت
ڳالھہ لکي هُئائين،
”اڄ خوبصورت صبح مان
خوش آهيان.
عام طور تي چيو وڃي ٿو تہ:
هڪ وڻ کان ٻيلو شروع ٿئي ٿو
مرڪ سان خوشيءَ جو آغاز
هٿ، روح کي ٽيڪ ڏئي ٿو
هڪ لفظ سان مقصد جُڙي ٿو
هڪ ميڻ بتي اونداهيءَ کي
ميساري ٿي ڇڏي
هڪ ٽھڪ اداسيءَ کي
فتح ڪري ٿو وٺي،
ڇھاءُ، خيال رکڻ جو ڏانءُ آهي،
هڪ زندگي گهڻو فرق آڻي سگهي ٿي،
پوءِ ان جي شروعات اڄ کان ڇو نہ ڪجي!“.
مان سندس لفظن تي ويساھہ رکندي بہ
سوچيان ٿي تہ هڪ خوبصورت
ڏينھن جيڪو وقت جي هٿن مان
واريءَ جيان ترڪي ويندو آهي
وري ڪڏهن نہ واپس ورڻ لاءِ !
○