شاعري

درد جِي لئہ

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شاعريءَ جي سفر ۾ هُنَ نھايت نفاست سان پنھنجي اندر جو اظھار ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس غزل، وايون، ھائيڪا ۽ نظم شامل آھن. شبنم گُل جي شاعري هڪ طرف سندس اندرَ جي دُنيا جي عڪسن جو اظھار آهي تہ ٻئي طرف هُوءَ سماجَ جي مختلف المين کي بہ اظھاري ٿي. هُنَ مختلف صنفن ۾ نھايت برجستگيءَ سان لکيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book درد جِي لئہ

خود ڪلامي

خود ڪلامي
صبح سمي

ذهن تي اجنبيت جو ڌنڌ
اکين ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي هلڪي آلاڻ جو تھہ
لبن تي ڪوماڻيل گل جيان
بي رنگ مرڪ
مون کي ورثي ۾ ڏنا آهن
وقت اهي انمول تحفا
ڇا ڇا نہ آهي دل ۾
حسرتن جا انبار
وحشتن جا واهيرا
۽ هي سودائي من ڪيئن
وقت جي گذرندڙ هر پل سان
درد جي اکٻوٽ کيڏندي بہ
ڌڙڪندو رهي ٿو....
ڀٽڪندي رهڻ، چين نہ اچڻ جي صورت ۾
جسماني بيمارين جي مسيحا طرفان
وري هڪ نئون نسخو مليو اٿم
(ڪاش! ڪوئي روح جا زخم ڏسي
انھن جو ڪو حل
دريافت ڪري سگهي ها !)
Tranxene, Survector, Frisium
ڇا منھنجي درد جو درمان ٿي سگهن ٿيون.
ڇا ٻرندڙ روح تي
آب زم زم جا ڇنڊا وجهي سگهن ٿيون!
پر پوءِ بہ مسيحا جو اصرار آهي تہ
زندگيءَ جي گھما گهميءَ ڏانھن
واپس موٽي اچڻ لاءِ
ٻہ طريقا ئي ٿي سگهن ٿا
هڪ تہ مضبوط قوت ارادي
۽ ٻيو احساس کي برف جيان
سرد ڪندڙ خواب آور دوائون
(مضبوط قوت ارادي جي باوجود
ڏکن جي بار سان ڪلھا
ٿڪجي ڪڏهن جهڪي
بہ پوندا آهن
۽ ڪڏهن مرڪي دوکا ڏيندڙ چھرا
اوچتو لڙڪن جي ساگر ۾
لڙهي بہ تہ ويندا آهن)
وقت جي هن گهڙيءَ
پنھنجي ڪمري ۾ بستري تي ليٽي
ننڊاکڙين اکين سان دريءَ کان ٻاهر
نھاريو اٿم
(جذبن سان گڏ سمورا منظر بہ
ڄڻ تہ سرد ٿي ويا آهن)
جتي چنبيليءَ ول تي
اڇن گلن مٿان ماڪ ڦڙا
ائين جرڪي رهيا آهن
ڄڻ ڪنھن جي اکين ۾
انتظار ويساھہ بڻجي
ستارن جيان جرڪندو آهي
چنبيليءَ جي ول هوائن جي
کيچل تي خوش ٿي
جهومي رهي آهي.
(خوشبوءِ سان واسيل
صبح جي اي هوا!
روح جي بند دريءَ اندر خزان جي موسم
تنھنجي مھربان هٿن جي منتظر آهي
پر شايد تون بہ غرض جي ماريل
دلين جيان وقت تي
ڪنھن جي ڪم نہ ايندي آهين)
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪيٽس تاريخ جي ڌنڌ مان ليئو پائي
مرڪي مون ڏانھن ڏٺو هجي:
My heart aches
and a drowsy numbness pains
my sense, as though of hemlock
I had drunk
زمان و مڪان جي احساس کان مستثنيٰ
اسان جا درد مشترڪ آهن
۽ اسان جي احساس کي
صدين جي ڌوڙ بہ نہ لٽي سگهي آهي
هڪ اک کان ٻي اک تائين
هڪ دل کان ٻي دل تائين
درد جو روپ ڌاري
احساس جو اهو سفر
ازل کان ابد تائين ائين ئي
جاري رهندو
۽ اسان مايوسي ۽ موت سان وڙهندي
زندگيءَ جا خواب ڏسندا رهنداسين
جنھن ۾ باطل تي حاوي سوڀ
اميد جي نديءَ جي شفاف
پاڻيءَ ۾ چنڊ جيان
جهرمر ڪندي رهندي آهي
اهڙي زندگيءَ ۾ دل جو درد
سرد جذبا، موت جي تمنا
احساس کي فنا ڪرڻ بدران
امر بنائي ڇڏيندا آهن-
۽ پوءِ اهو احساس
وقت جو هٿ ڇڏائي
زندگيءَ کي ڪو دلڪش عنوان
ڪا خوبصورت معنيٰ بخشي
وقت جي لئہ تي ڌڙڪندو رهندو آهي
ڇو تہ طبعي موت سان
روحاني موت جو ڪو واسطو ناهي
(جنھن ننڊ ۾ شعور
بيدار هجي
اها کليل بي تاثر اکين جي اڻڄاڻائيءَ کان بھتر آهي)
اُهو ذهن اُها دل جنھن وقت جي گذرندڙ
هر گهڙيءَ سان ڄاڻ جي سرحدن کي عبور ئي نہ ڪيو هجي
وقت جي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ
جيان آهي
جنھن ۾ شعور جا ڪنول
ڪڏهن بہ نہ ٽڙندا آهن
۽ جتي نہ ئي فاصلا
جداين جي راھہ تي مرڪندي
ملندا آهن
(جدائي تہ نظر جو دوکو آهي
روح جا رشتا خدا کان ڪائنات
۽ جذبن جي سچائيءَ تائين
ازل کان وصل جي ڏور سان
ٻڌل آهن)
پر اڻڄاڻ رهڻ ڌرتيءَ تي
رهڻ وارن جو سڀ کان وڏو الميو آهي
جيڪي اڻڄاڻ رهڻ چاهيندا آهن
ڏاڍ جي رات ۾ سسڪندڙ لمحن
۽ انھن آهن کان
جيڪي انسانيت جي چھري تي
زوردار چماٽ آهن
ان ڪوڙ کان، جيڪو چھرن کان سڃاڻپ کسي
وجود جي ڀتين کي کاٽ هڻي
کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي
ان نفرت کان جيڪا وقت جي
آسمان تان
خوشين جي چادر کسڪائي
کيس روشنيءَ کان محروم
ڪري ڇڏيندي آهي
اي راز ازل! ڪجهہ تہ ٻڌاءِ
روح جي شفاف آئيني تي
منافقتن ۽ مصلحتن جا
پھرا ڇو آهن!
ڇو قتل گاهن ۾ سچ ۽ صداقت جي
پوڄارين کي سوريءَ تي
چاڙهيو ويندو آهي؟
ڇو ضمير ۽ ڌرتيءَ جي غدارن کي
سمجهوتي جي سيج تي ويھاري
انساني آدرشن سان
هٿ چراند ڪئي ويندي آهي؟
محبت کي ڇو روايتن جو
سلو پوائزن ڏيئي
ماريو ويندو آهي؟
۽ خواب ڇو تعبير جي
آزاد پوپٽن جي تعاقب ۾
ناممڪن جي ڪنڊن سان
الجهي زخمي ٿيندا رهندا آهن؟
ڇو سپنن جي ساڀيان
سچ جي آئيني ۾ ڳولھي ويندي آهي؟
(سمورا آئينا تہ سچا
ناهن هوندا)
ڪيستائين اعتماد جو نازڪ آئينو
فريب جي پٿرن سان
ٽٽندو رهندو؟
ڪيستائين دوستيءَ جي آڙ ۾
ويساھہ گهاتين جا سلسلا جاري رهندا؟
ڪيستائين انسانيت کي
رنگ، نسل ۽ مذهب جي
بنياد تي
جبر جي باھہ ۾ ساڙيو ويندو؟
۽ ڪڏهن امن ۽ آزاديءَ جا جهنڊا
بي شناخت قومن جي ايوانن ۾ لھرائيندا
۽ ڪڏهن پنھنجي ڌرتيءَ تي
جلاوطنيءَ جي روايت
ٽوڙي ويندي
ڪڏهن.... آخر ڪڏهن.....!

شام سمي
سوچون صبح کان من کي
ڏنگينديون رهيون آهن
شام سمي دريءَ ۾ بيھي
ٻاهر نھاريو اٿم
تہ وڻن جي قطار مٿان
سج ڌرتيءَ تي رهندڙن جي
مسئلن ۽ معاملن کان بي نياز
افق جي هن پار ٻڏي رهيو هو.
جنھن تي الوداعي نگاھہ وجهندي
مون کيس چيو:
جن جي دنيا ۾ اميد، پيار ۽ پنھنجائپ
جي روشني ناهي
۽ جن جون خوشيون
ڏاڍ جي مھاديو جي مضبوط پڃري ۾ قيد
آزاديءَ لاءِ واجهائي رهيون آهن
اتي هڪ نئين ۽ روشن صبح جي
موٽي اچڻ جو يقين کڻي
مايوس ۽ اونداهين دلين تي
پنھنجا نرم ۽ روشن ڪرڻا
ضرور وڇائجانءِ!
(هتي ڪيترا تنھنجي روشنيءَ ۾
چٻرن جيان انڌا ٿي پوندا آهن
اهو ڄاڻندي بہ ته
زندگي، سچ ۽ سونھن جو سفر
روشنيءَ ۾ ئي طئي
ڪري سگهبو آهي)
پکين جون قطارون
شفق جي لالاڻ ۾
پنھنجي آکيرن ڏانھن واپس
وري رهيون آهن
واپسيءَ جي ذڪر تي
نہ ڄاڻ تہ ڇو اکين ۾
اونداهيءَ جا ترورا نچڻ لڳندا آهن
ڇو تہ جنھن موڙ تي پاڻ کي وڃايو هيم
اڄ بہ ان موڙ تي پنھنجي
واپسيءَ جي منتظر آهيان
منھنجي غلطي اها هئي تہ مون
روايت کان هٽي ڪري
سفر جي ابتدا
آغاز کان ڪرڻ بدران
انتھا کان ڪئي هئي
ان انتھا کان جنھن ۾
جنون جا آثار
اظھار کان مفھوم ۽ معنائون
کسي وٺندا آهن.
پنھنجي ڳولا جي ان سفر ۾
ادراڪ جو پاڇو مستقل
اڻ ڏٺل راهن
اجنبي خطن،
۽ بي شناخت لمحن ۾
همزاد جيان ازل کان
پنھنجي وجود جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.
هر ڪوئي پاڻ کي ڳولڻ
پاڻ کي سڃاڻڻ جي اهميت کان انحراف ڪندي
اندر جي روشنيءَ کان بي خبر
خارجي دنيا ۾ ڳولھا جي
ڪنھن نہ ڪنھن عمل ۾ مصروف آهي
(جڏهن تہ منزل ڏانھن ويندڙ رستا
من جي سچائيءَ مان ڦٽي نڪرندا آهن)
پوءِ بہ ڳولا جو عمل اڌورو
رهجي ويندو آهي
پر هر اڌوري ڪھاڻي
تڪميل جو لڪل اشارو بہ تہ ٿي سگهي ٿي!
اها ڳالھہ نہ سمجهڻ وارا اڪثر
منزل تي پھچي بہ
بي نام مسافتن جي ڏک ۾
اداس رهندا آهن......
شام جيڪا واپس موٽي اچڻ جو
اعلان آهي
گهر جو دروازو کليل آهي
کڄندڙ قدمن جا آواز
گهٽيءَ ۾ گونجي رهيا آهن
هتي ڪير ايندو......
شايد ڪوئي بہ نہ ......!
رات سمي
شام گيڙوءَ رتي رنگ ۾ ويڙهجي
ڪنھن ٿڪل جوڳيءَ جيان
اونداهيءَ جي ٻانھن ۾ وڃي
لڪي آهي
هوائون صدين جي صدائن جيان
امڪان جي سرحدن تان
تڙيل جذبن ۽وکريل خوابن جو ڏک ساڻ ڪري
اماوس رات جي هٿن ۾ منھن لڪائي
سڏڪي رهيون آهن
رات جا سوا اٺ ٿيا آهن
گذريل وقت ڪنڊي جيان
من ۾ اٽڪي پيو آهي
ان ئي سمي ڪڏهن
مڪليءَ جي قبرستان ۾ گهمندي
اجڙيل قبرن وٽان لنگهندي
مون کيس چيو هو:
”مان جڏهن بہ هتي ايندي آهيان
قبرون مون سان ڳالھائينديون آهن
انھن ۾ ستل جذبا، اڌوريون ڪھاڻيون
وڃايل مرڪون، انتظار ڀريون اکيون
۽ تاريخ جا ڊٺل اُهڃاڻ
مون سان ڳالھائيندا آهن،
قدمن سان وچڙي
هوائن ۾ اُڏامندڙ صدين جي
ڌوڙ کي مون ڪيئي ڀيرا سرگوشيون
ڪندي ٻڌو آهي،
جيڪا سدائين چوندي آهي:
ڪڏهن انھن جا قدم
منھنجي دز کي ڇُھندا هئا
جن خدا ۽ ڪائنات سان
روح جا رشتا سڃاتا هئا.
جن جي اکين ۾ ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ جھڙو جلال ۽ سچائي هئي
جن جا من مھراڻ جي موجن جھڙا
اجرا هئا
جن جي لبن تي ساميءَ جا سلوڪ
سچل ۽ حمل جا بيت ۽
چال ۾ عظمت جا اهڃاڻ هئا-
جيڪي مون سان ملي امر ٿيا
جن تاريخ جو آواز نہ سڃاتو
جن سچ جي ساز جو سڏ نہ ٻڌو
حيف انھن جي زندگيءَ تي آهي!
سوا اٺ گذري ويا
مون سميت
هوائن بہ سک جو ساھہ کنيو
(اها ئي گهڙي هئي جڏهن
هن زندگيءَ جي سرحد اورانگهيندي
مون کي الوداعي نظرن سان
ڏٺو هو)
اهو گلاب جو گل اڄ بہ
ان ڏينھن جيان تازو آهي
جنھن کي آخري سفر ڏانھن ويندي
سمي سندس پيشانيءَ سان ڇُھي
ڊائريءَ ۾
سنڀالي رکي ڇڏيو هيم
جيڪو دل جي لڙڪن جي
سائي ۾ سندس يادن جيان
اڄ بہ سدا بھار آهي.
تڏهن کان اڄ تائين
سوچيندي رهندي آهيان
هئڻ ۽ نہ هئڻ ۾ ڪھڙو فرق آهي
ڇا ساهن جي تسلسل جو
نالو آهي زندگي!
ڇا طبعي زندگي وجود جي هئڻ جي
نشاندهي ڪري ٿي؟
ڇا رڳو ان ڳالھہ تي ويساھہ ڪري
ويھجي تہ
شين جي حقيقت اها ئي آهي
جيڪا نظر اچي ٿي؟
(روحاني موت جي
نشاندھي ٿي وڃڻ کانپوءِ بہ شان سان جيئڻ وارن تي
زندگي کلندي رهندي آهي
ڇا اُهي ٽھڪ ڪنھن ٻڌا آهن!)
جن ڳالھين جو جواب موجود هوندو آهي
اُهي ڇو چپ جي چادر
۾ ويڙهجي وينديون آهن؟
ڪڏهن ڪڏهن اظھار جو حق
کسجي وڃڻ کان پوءِ
خاموشيءَ کي زبان ملي ويندي آهي
جيڪا روح جي فريڪوئنسيءَ تي
رابطي رکڻ جي
فن کان آشنا آهي
تنھائيءَ جي وجود مان
ڦٽي نڪرندڙ خاموشي
وجدان جي ساز تي ڇيڙيل
اُهو آفاقي گيت آهي،
جنھن کي چھري، نالي ۽ شناخت کان
محروم ڪڏهن بہ نہ ٻڌي سگهندا آهن-
سمنڊ جي لھرن جو شور، هوائن جا سُر
زندگيءَ جي چرپر
پکين جا گيت، جڏهن
خاموش ٿي ويندا آهن
تہ تنھائي ننڊ سان ڀريل اکيون کولي
پڇندي آهي!
ڇا، زندگيءَ جي گهما گهميءَ سان گڏ
احساس، بہ سمھي رهيو آهي.....!
احساس جيڪو تنھا لمحن جو منتظر
شعور جي ارتقا کان
مسلسل جاڳ ۾ آهي
وجود جي حقيقت جي ڳولا ۾
۽ ان محبت جي جستجوءَ ۾
جيڪا زندگيءَ جي اونداهين ۾
ڏيئي جي لاٽ جيان
روشنيءَ جي تسلسل کي
قائم رکندي پئي اچي
محبت، جنھن جي وسعتن ۾
هڪ سحر انگيز دنيا آباد آهي
جتي سڪون جون پريون
هٿن ۾ تڪميل جو جام جهلي
وصل جي ٻانھن ۾ رقص
ڪنديون آهن
پر اهو سپنو نہ ڄاڻ تہ ڇو
اکين جي سطح تي
هڪ پل کان بہ وڌيڪ بيھندو ناهي
۽ بدلجي ويندا آهن
ڏسندي ئي ڏسندي سمورا منظر
اکيون کلڻ سان هجر جو راڪاس
شھر دل جا رستا لتاڙي
ڏيئي ويندو آهي
تحفي ۾ صرف تنھايون
(ڪاش وقت جي اسڪرين تان روائينڊ ڪري
وري موٽائي سگهجن ها
ساڳيا لمحا).
۽ اها ئي ساڳي روشنيءَ سمان مُرڪ
جيڪا زندگيءَ جي
اونداهين ۾ لڳندي هئي
ڪنھن ديپ جيان
پر خاموشيءَ کان اظھار تائين
لفظ بي يقينيءَ جي
بي ترتيب رستن تي ڀٽڪندائي رهيا
اميد ۽ روشني فاصلن جي ڌنڌ ۾
اڻڄاتل رستن تي گم ٿي وئي
شايد محبتن جي مقدر ۾ ڦھليل
تاحد نظر رڳو رستا ئي آهن
جتي مسلسل ڀٽڪندي رهڻ سان
محبت جون منزلون
وڌيڪ دلڪش ۽ سحر انگيز لڳنديون آهن.
(اڪثر منزلون پري کان پاڻي
۽ ويجهو کان
رڃ نڪري پونديون آهن!)
شايد تڏهن مقدر
دل وارن جا قافلا
راھہ ۾ رُلائي
سندن اڻڄاڻائيءَ تي
مرڪندو رهندو آهي.

رات جو پويون پھر
چنڊ ڪنھن ٿڪل
۽ اداس مسافر جيان
پنھنجي منزل ڏانھن محو سفر آهي
رات ابديت جي روشنيءَ آڏو
هٿ ٻڌي عقيدت مان
ڪنھن داسيءَ جيان
ائين بيٺي آهي
جيئن ڪو راڳي
تنبوري جي ٽٽل تارن تي
وڃائجي ويل ڪوئي گيت
جهونگارڻ جي چاهنا ۾
گم صم بيٺو هجي،
ڄڻ انتشار جي ڊگهي سفر کان پوءِ
مرڪزيت تائين پھچڻ جي ڳولھا
پڄاڻيءَ تي پھچي وئي هجي
سوچن جي لامحدود وسعتن مان
ڪنھن هڪ نڪتي تي
مرڪوز ٿي وڃڻ تائين
ان هڪ پل ۾
وقت جي چھري تي پيل
رازداريءَ جو نقاب
کسڪي رهيو آهي
هئڻ جو احساس
ڪائنات جي نبض سان گڏ
ڌڙڪي رهيو آهي
موت جي دلڪش واديءَ ۾
گھري ننڊ، جاڳ جي تعاقب ۾
مستقل ڊوڙي رهي آهي
ننڊ، پنھنجا مھربان هٿ
اکين تي رکي ڇڏيا آهن
پر لاحاصل انتظار سان گڏ
اي رات!
اکيون ٿڪجي سمھي رهيون تہ ڇا
من تہ توسان جاڳندو رهندو
درد تہ توسان ڳالھائيندو رهندو!