اي خدا...
تنھنجي نالي جو گيت آهي
۽ امر آهي هر اُهو احساس
جنھن ۾ ڌيان جي خوشبوءِ
۾ ويڙهيل انيڪ ڪومل
گل ٽڙن ٿا
تڏهن پاڻ کي وڃائي
احساس جي تارن تي
ڇيڙيل ان لئہ ۽ ساز جي
پڙلاءُ ۾ گم آهيان
جيڪو زندگيءَ جي
گھري راز جو همراز آهي
○○○
چانڊوڪيءَ جو حُسن
گُل جي خوشبوءِ
بلبل جو نغمو
لھرن جو گيت
رات جي سينڌ ۾ جرڪندڙ
ڪھڪشان جو عڪس
هڪ ئي هارموني ۾ ويڙهجي
هڪ ئي ردم تي رقص ڪندا آهن
تہ ننڊ ڌيري ڌيري اکين جو
پردو هٽائي شعور جي منزلن ڏانھن
سفر ڪندي آهي
۽ ڪائنات جي وسعت
سرمئي صبح جي تازگيءَ ۾
ڪوئل جي امر گيت جيان
ڌڙڪڻ لڳندي آهي
○○○
ز مين کان آسمان تائين
حد نظر تائين ڦھليل
تنھنجي تخليق ڪيل
هر منظرجيان وسيع
تنھنجو نالو
منھنجي من ۾ ائين آهي
ڄڻ سپ ۾ بند
موتي هجي ڪو
○○○
جڏهن سج لھندي سمي
شفق جي لالاڻ جي چنري
آسمان جي مکَ تي
ڦھلبي آهي
پکي مٺڙو ڪو گيت
آلاپيندي، پنھنجي آکيرن ڏانھن
ورندا آهن
تہ ازل کان ابد تائين
پنھنجي اصليت ڏانھن
موٽي وڃڻ جو احساس
شام جي پينگهہ ۾
سرشاريءَ سان جهومندي
سک سان سجدو ڪندو آهي.
○