منھنجي سُڃاڻپ ۾ تون آهين
جي چاهين
ڪنھن دل ۾ راز جيان
لھي اچين
جي چاهين تہ
انڪشاف جي صورت
حرف حرف روشني بڻجي
فضائن ۾ وکري وڃين
جنھن بہ دل ۾ روشني آهي
ان جي عڪس سان هم آهنگ ٿي
جذبن جي ڌن تي
رڳن کي رباب ڪري ڇڏين.
۽ جي چاهين تہ
اونداهين ۾ ڀٽڪندڙ
تنھنجي نالي کان ناشنا دليون
پنھنجي محرومين جو بوجهہ کڻي
بي فيض ڌڙڪنديون رهن.
نہ انھن جي احساس ۾
لطيف جذبي جي ڪا چاشني هجي
نہ لھجي ۾ زندگيءَ جو
ڪو روح ئي محسوس ٿئي.
جسم انڌي منطق سان
هوس جي ساز تي
اڻڄاڻ بڻجي جهومندا رهن
دليون خواهشن جي زور تي
خوابن جي ساڀيا کي رکي گروي
عارضي خوشين جي سحر ۾ گم
اڻڄاڻائيءَ جي ڀنور ۾ ڀٽڪنديون رهن
جي تون چاهين تہ
حقيقت جي روشنيءَ ۾
ڪو من اُجاري ڇڏين
۽ ان من ۾ محبت جي صورت
ڪنھن نرم مکڙيءَ جيان ائين
ڦٽي نڪرين جو معرفت جي خوشبوءِ ۾
باطن جي دنيا مھڪي اُٿي.
جي چاهين تہ
وجود کي موسيقيءَ جو اُهو
عرفان عطا ڪرين
جنھن جي تارن مان
جيون لاءِ گلابي گيت
سحر انگيز سُرن جي صورت
فضائن ۾ وکري ويندا آهن
آئينو ڇا ٿو چوي؟
مان ڪيئن ٿي لڳان؟
ڪو مون کي ڪيئن ٿو سمجهي؟
وساري سڀ ڪجهہ مان
ابديت جي ان روشن راھہ
تي بيٺي آهيان
جتي طلب، جسم جي
دائري کان آزاد ٿي
مطلوب جي خيال جي
آئيني جو اولڙو بڻجي ويندي آهي
ڇو تہ جنھن پرزم مان
روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو
لنگهي ستن رنگن ۾ بدلجي ٿو
مان انھن ستن رنگن مان
هڪ روشن رنگ آهيان!
○