تنھنجي ياد بہ هاڻ
پرچائڻ لاءِ نہ ٿي اچي!
جيئن پونين تاريخن
جو چنڊ پنھنجي جهڪي
روشنيءَ سميت
ڏيئي جي تيز لاٽ جيان
ٻري وري اُجهامي ويندو آهي
آسمان تان هوريان
پلئہ ڇڏائي رُسي ويندو آهي
ائين منھنجي اکين جي
بي خواب دريچن ۾
تنھنجي ياد جي ڪا لاٽ نہ ٿي ٻري
هاڻ منھنجي اکين کان رُٺل
سمورن سپنن کي نہ ڄاڻ تہ ڇو
تنھنجي ياد پرچائڻ لاءِ نہ ٿي اچي
مان ۽ منھنجون بي خواب اکيون
بي مھر موسمن ۾
روز پنھنجي ڪمري جي
ويران دري کولي
خالي رستن کي نھاريندا رهندا آهيون
خالي رستي تي هاڻ
ڪنھن بہ مهربان قدمن جو ٻيھر
ڪوئي جگنو نہ ٿو جرڪي
هاڻ تہ رستن تي بي نام اُداسي
خزان جي ويران پنن جي
مُھر هڻي ڇڏي آهي
هاڻ جڏهن اکين ۾
ماڪ جا ڪنول ٽڙندا آهن
لبن تي مرڪ جي باسي سُڳنڌ
ڦھلجي ويندي آهي
من ۾ ڪا شيءِ ڀري پوندي آهي
هر منظر ڌنڌ ۾ وڃائجي ويندو آهي
تڏهن تنھنجي ياد جي ٻانھن ۾ بہ
ڪائي پناھہ نہ ملندي آهي!
هاڻ جڏهن سپنن جي در تي
روايت جا پھرا جاڳندا آهن
لبن تي اڪثر مصلحت جي مُھر
لڳل هوندي آهي
زندگي جي گلي ۾ پيل ساهن جي مالا
وکرڻ لڳندي آهي
تڏهن تنھنجي ياد
جي ٻانھن ۾ بہ
ڪائي پناھہ نہ ملندي آهي !
○