شاعري

جوڀـن پـهريان ڏينهن

ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ خوبصورت شاعر اشرف پليءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. اڪبر لغاري لکي ٿو: ”ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن. “
  • 4.5/5.0
  • 6612
  • 1076
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اشرف پلي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جوڀـن پـهريان ڏينهن

اشرف پلي: دردِ جماليات جو شاعر

اشرف پلي: دردِ جماليات جو شاعر



هونءَ تـه سڄي سنڌ تخليقي جوهر سان مالا مال آهي پر ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن.
اشرف پنهنجي شاعري جي هن ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ کي ٻن حصن يعني غزل ۽ نظم ۾ ورهايو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته سندس شاعريءَ تي تبصرو به ٻن ئي ڀاڱن ۾ ڪجي.
غزل جي شاعريءَ ۾ داخليت کي وڏي اهميت آهي، جيڪا اشرف ڏاڍي خوبصورتي سان نڀائي آهي. سندس شاعري پڙهندي ڪٿي به ائين نٿو لڳي ته هن شاعري ڪرڻ جي ”ڪوشش“ ڪئي آهي، شاعري سندس اندر مان ائين اڇل کائي نڪتي آهي، جيئن برسات کان پوءِ صحرا ۾ حُسن ڦٽي نڪرندو آهي.

بي وڙي او هـوا! هن کي چـئجـان وڃي،
حال هـيڻـا اٿئي، تنهنجي رولاڪ جا.

جام جي شام هئي، ناوَ ڪنهن جي ڀلا،
ڪير پياسو ستو ، مئڪدن جي پٺيان.

روماني شاعرن وٽ جذبي (emotion) جي شدت هر ڳالهه کان وڌيڪ اهم هوندي آهي پر اها شدت جيڪڏهن حد کان وڌي وڃي ته جذبا ته جذباتيت (sentimentality) بنجيو پوي، جيڪا شاعري جي نصب العين جي مطابق نه آهي. جذبي سان گڏ جيڪڏهن فهم به هجي ۽ حسن ِ بيان به هجي ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ جماليات يقينن حيات بخش هوندي. اشرف وٽ شدتِ جذبات بي پناھ آهي پرسندس لهجو ڌيمو ۽ شائسته آهي. سندس جذبا آتش فشان بنجڻ جي بجاءِ ڪنڀار جي آوي وانگر اندر ئي اندر ٻرندا رهن ٿا ۽ سندس رَڇ پچائيندا رهن ٿا. کيس هڪ ئي ڀڙڪي سان خاڪستر ٿيڻ جي بجاءِ دکندو رهڻ ئي سٺو لڳي ٿو. شايد نينهن جو سبق، لطيف جي نهائين کان ئي پرايو اٿس.
زندگي لهندڙ ڪو پاڇو ٿي ويئي،
تون وئين هي دل ته لاشو ٿي ويئي.

آئون اندر جي اونداهي سان ڳالهايان،
مون کان ٿورو هاڻ پري ٿي چانڊوڪي

وڇوڙن جون سڀئي گرميون، اسان برسات جيئن ڀانيون،
سڀيئي غم جڏهن جانان، اوهان سان اورجي آيا.


سوز ئي سندس ساز آهي ۽ درد سندس نغمو. هن وٽ لذتِ هجر جو ذائقو نشاطِ وصل کان گھڻو اُتم آهي:
ائين عشق تنهنجو، اسان ۾ رهيو،
ڊٺل گھر ۾ جيئن ٿي تنهائي رهي،

ملون ۽ سڄو موھ وڃائي ڇڏيون،
انهيءَ کان چڱو آ، جدائي رهي.

هر صحرائي وانگر سندس مشاهدي جي نگاھ ڪافي تيز آهي پر مشاهدو ڪرڻ وقت هو منظر کان الڳ رهي تماشبين نٿو بنجي. هو منظر مان پنهنجا من پسند چٽا عڪس کڻي انهن کي پنهنجي احساس جي سانچي ۾ ڍالي، نڪور ۽ اڻ ڇهيا خيال ٿو تخليق ڪري:
مونکي آخر ته وکري هو وڃڻو پرين،
محل مون ٿي اڏيا، سمنڊ ۾ خاڪ جا.

رات، برسات ۽ ٻيو تنهائي، الا،
ڪوئي جاڳي ٿو، ڪا ياد آئي، الا.

پاڻ گدري مثل، وقت ڪاتيءَ جيان،
درد دل ۾ رهيو، گھر جي ڀاتيءَ جيان.

سمنڊ ۾ خاڪ جا محل، رات، برسات ۽ تنهائي جي تثليث، درد جي گھر ڀاتي سان تشبيهه، اندر جي اونداهي سان هم ڪلامي، اشرف جي تخليقي تخيل جا چند بي مثال نمونا آهن.
هو روايتي غزل کان پري آهي، کيس نه ته رقيب جو ڪو الڪو آهي نه ئي وري واعظ کان گھڻي شڪايت. هو سڀ درد، سڀ غم پاڻ اڪيلي سرکڻڻ لاءِ تيار آهي، خنجر جي تيز ڌار سان به ڀاڪر پايو ويٺو آهي. راز و نياز جون ڳالهيون ته وصل جي پربهار لمحن ۾ ٿينديون آهن، اسان جي شاعر وٽ ته وڇوڙي جو واسو آهي.
يادن جي اُڃي موسم، بچپن ٿو رلي جنهن ۾،
هن ڳوٺ اباڻي تي، ڪــو چـنڊ سـتـو آهي .

هو اول ۽ آخر عاشق آهي، محبوب جي هر ادا سان پيار ڪندڙ عاشق. محبوب جي طرفان مليل هر ڪڙائي کي چيت سان چکڻ وارو شاعر. تنهنڪري سندس شاعري تي به عاشقاڻو ۽ روماني رنگ حاوي آهي.

هو ڪٿي به ناصح يا مبلغ ٿي غزل جي رنگ ۾ ڀنگ نٿو وجھي. نام نهاد رهبر بنجڻ جي ڪوشش کان ڪوهين ڏور آهي. هو ته عشق کي امام سمجھي پنهنجو قبلو درست ڪري ٿو. اشرف اهو رنگريز آهي جنهن جماليات جي چولي تي درد جو رنگ چوکو ئي چاڙهيو آهي. سندس شاعري سوز آفريني ۽ دلفريبي جو حسين سنگم آهي:
رات لڙي جو جيئن ٺري ٿي چانڊوڪي
مون ۾ ڪيڏو زهر ڀـري ٿي چانڊوڪـي

مون اوهان جون اکيـون، ياد ڏاڍيون ڪيـون،
ها جـڏهن ڳوٺ تـي مـاڪ ڇانـئي هئي .
ٻولي (diction) به شاعر جي تشخص طئه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اوپرن ۽ ڳرن لفظن جو استعمال يا خيال جي آهنگ سان مطابقت نه رکندڙ ٻولي ابلاغ ۾ وڏي رڪاوٽ هوندي آهي. اشرف جي ٻولي ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. سندس ٻولي نج سنڌي، ڪومل احساسن جي ترجمان ۽ مٽيءَ جي خوشبو سان مهڪندڙ آهي:

يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جون پٺيان،
نيڻ ڇو ٿا وڃو، بي وڙن جي پٺيان.

اسان جي آڱرين آهي، اڻيو تن کي وڇوڙن ۾،
چنيءَ تي چٽ جيئن ڏينهڙا، اسان ڏي پورجي آيا.


اشرف جو نظم سندس غزل کان به وڌيڪ سگھارو آهي. غزل ۾ سندس پيڪر تراشي بيشڪ خوبصورت آهي پر نظم ۾ سندس عڪس تراشي ڪمال جي آهي. سندس عڪس جمالياتي، چٽا ۽ من موهيندڙ آهن. ٻين جا عڪس فوٽو گراف پر هن جا عڪس چرندڙ پرندڙ آهن،ائين جيئن ڪا وڊيو هجي. هو عڪس تراشي جي ذريعي روماني ۽ راحت بخش ڪومل جذبن جي اظهار کان وٺي، رزميـه ۽ حزنيـه ڪيفيتون طاري ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو.
هن وٽ تشبيهون الاءِ ڪٿان ٿيون اچن، آمد جواهڙو ڪمال اڄڪلهه گھٽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي:

تهان پوءِ وصل جا جاڳا،
مزارن جو اڱڻ ٿي پيا.

ڏکاري ٻار جي کِل جهڙو،
تصور ڳوٺ تنهنجي جو.

هو عڪس نگاري جي ذريعي جمال طرازي سان گڏ، فڪري سوال پڻ اٿاري ٿو:

سکا خاموش چپڙن جي،
هينئين ۾ حل ٿيل ماڻهو،
اکين کي روبرو گھرجي،
سجيل تربت جي مٽي ۾،
مري ۽ مات ٿيندڙ کان،
حسين زنده جواني جي،
عجب جهڙي خواهش هئي،
عجب جهڙي...............!

مٿيون تخيل سندس نظم ”عجيب خواهش“ جو ڪلائمڪس آهي، جيڪو بلڪل اشرف جي اندر جو آواز ٿو لڳي، صفا اشرف وانگر، نماڻو، ماٺو پر گھڻو ڪجهه پڇندڙ، خاموش للڪار وانگر، پرسڪون طوفان وانگر، گھٽيل ڳوڙهن وانگر۽ ڏکاري کِل وانگر. علامتن جي غلاف ۾ ويڙهيل هي هڪ سوال آهي ته تربتن ۽ مدفنن تي مٿو ٽيڪيندڙ حسين چهرا، خاڪ کان خوابن جي ساڀيان ڇو گھري رهيا آهن؟
”آدو ملاح“ سندس شاهڪار نظم آهي. هي نظم پڙهڻ مهل ائين لڳي ٿو ته ڪير دل کي مٺ ۾ نپوڙي رهيو آهي. مشرف حڪومت ۾ جڏهن سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا پئي ويا تن اسان جي شاعر کي جھوري وڌو. آدو ملاح جي سمنڊ سان گفتگو بذاتِ خود درد جو سمنڊ آهي. سڀ ڪجهه وڃائڻ جو احساس، پيرن هيٺيان زمين کسڪڻ جو احساس، پنهنجي شناخت گم ٿيڻ جو احساس، ڦرجي وڃڻ جو احساس..................

هائو صبح کان اڳ ۾ ايندا،
تڙ تان ڪير تڙڻ لئه مون کي،
پوڙهاپي ۾ ماريو ويندو،
نئون ڪو محل گھڙڻ لئه مون کي،

دل ۾ خنجر لهندي محسوس ٿئي ٿو. هي نظم مڪمل طور علامتي ۽ هرحساس دل سنڌي جي دل جي ڪيفيت آهي. سمنڊ جيڪو روزگار جي علامت به آهي ته ماءُ پيءُ وانگر مهربان به آهي، محبتن جو منچ (locale) به آهي ته انهن جو گواهه پڻ. پکي جيڪي آزادي جي علامت آهن انهن کي مارِي پنهنجي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙي ڇڏيندو:
ماري ڄار اڻيو جو آهي،
پنڇي سو ڦاسائي ويندو،
منهنجا سڀ اٻاجھا مهاڻا،
شهر وڏو ڳڙڪائي ويندو.

هر سنڌي ماڻهو ڄڻ ته آدو ملاح آهي ۽ سمنڊ سنڌ آهي. وڏڙن جا هڏڙا اسان جي تاريخ ۽ ماضي آهن، انهن تان هٿ کڻڻ جي بي پناهه اذيت، اسان جي اجتماعي خوف جي علامت، ويڳاڻپ، دربدري جو خوف، ڌرتي ڌڪاڻو ٿيڻ جو انديشو، تهذيب ۽ ترقي جي نالي تي سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جو تشخص مٽائڻ جي اسڪيم کي اشرف مس سان نه پر خونِ جگر سان لکيو آهي.
سندس نظم ”تحرير“ هڪـ قسم جو ڪيڏارو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو ذڪرڪندي ان تاريخي حقيقت ڏانهن اشارو آهي ته سنڌ به رسمِ منصوري نڀائي آهي. حق، سچ، رواداري ۽ انسانيت لاءِ رت ڏنو آهي، ڪنڌ ڪپايو آهي ۽ شاهه عنايت جهڙا شهيد ڏنا آهن. امن پسند سنڌ جي تاريخ، سنڌ سان جبر جي تاريخ آهي:

ان ۾ گھوڙن ٽاپولين تي،
ڪاري ڪائي دز اڏي ٿي،
جنهن جي پٺيان ڀاءُ مذهبي،
ڪنهن تي ڪارا هٿ کڻن ٿا،
نٿ ڇڄي ٿي، دانهن اُٿي ٿي،
پر نه انهن جا هٿ ڏڪن ٿا....

سندس نظم ”حويلي“ به هڪ درد ڪٿا آهي، انهن جي جيڪي حويلين جي آسائشن هيٺيان ڪنهن راز جيان دٻيل آهن:

ها وڇوڙي جي قهر کان بيخبر،
هوءَ وصل جون راحتون ڄاڻي نٿي،
۽ ڊسمبر ۾ ٿڌن ڳلڙن مٿان،
آڱرين جون چاهتون ڄاڻي نٿي.

حويلين ۾ قيد، محبتن کان وانجھيل وجود، بظاهر هر قسم جو سک چين، پر وڇوڙن جي لذتِ گريه کان نا آشنا، نه گلن جي نازڪ لمس مان ڪو حض حاصل ڪري سگھن، نه ئي وري آڪاش ۾ ٽڙيل تارن، چانڊوڪي جي ريشم، بادلن مان وسندڙ بوند بوند جي مسحورڪن مهڪ مان لطف اندوز ٿي سگهن. اشرف وٽ زندگيءَ جو جوهر عشق آهي، جيڪو لڳي ته پوءِ خار به گل آهن نه ته هر آسائش بي مزه ۽ زندگي بي ڪيف آهي.
نظم ”روپا ماڙي“ ۾ اهو اشارو آهي ته آزادي جي قيمت ڳري آهي پر سودو مهانگو ناهي. تاريخ شاهد آهي ته آزادي جي حفاظت لاءِ تلوار۽ ڪيڏارو ٻيئي ضروري آهن. اشرف تاريخ جو گهرو شعور رکي ٿو جيڪو هر وڏي شاعر لاءِ ضروري آهي. هو سنڌ جي تاريخ جي انهن واقعن جي چونڊ ڪري ٿو جن ۾ ڌرتي ۽ سچ جي حفاظت لاءِ اسان جي وڏڙن وسان ڪونه گھٽايو. شاندار ماضي جو شعور ان لاءِ بيدار ڪبو آهي ته حال ۾ ٿڌا ٿي ويل جذبا گرمائجن ۽ ڳهر کي ڳراٽڙي پاتل قوم جا ڪن ڌونڌاڙجن. ماضي کي جيڪڏهن جذبن کي سراڻ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ته ٺيڪ آهي پر حال جي حقيقتن کان فرار ٿي، ان ۾ پناهه وٺڻ سنگين قومي ڏوهه آهي.
نظم ”ايڊريس“ ۾ اشرف تخيل جي بي ڪران وسعتن جي بلندين کي ڇهيو آهي. پل پل ۾ تبديل ٿيندڙ منظر، بي رحم حقيقتن جي اداس عڪاسي آهن. ٽيشڻ جي تنهائي، اگھاڙو ٻار واٽر تي، سراءِ سامهون ڪو اويلو مسافر، نم جي ڇانوَ ۾ ويٺل مڙهو، جوان پٽڙن ۽ ڀڳل چوڙين جو ماتم، وچولو جھنگ، گمنام قبر، صحرا جي خاموشي.......هي سڀ اشرف جي ڪرشماتي تخيل، دردمند دل ۽ اندروني نظرجو ڪمال آهي. منظر نگاري کي شاعر اڪثر ڪري جمالياتي ۽ رزميه تاثر پذيري لاءِ استعمال ڪندا آهن پرهن نظم ۾ اشرف جي عڪس نگاري، ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جو دلخراش نوحو به آهي ته ڪاري جي قبر تي صفِ ماتم پڻ. هي نظم هر صاحبِ دل کي نه صرف لرزائڻ جي طاقت رکي ٿو پر ان کي هن رسم جي مذمت ڪرڻ ۽ اندر ئي اندر ٻه ڳوڙها ڀيٽا ڏيڻ تي پڻ مجبور ڪري ٿو.
”پوڙهي جي نوجوان کي صلاح“ پڻ زبردست نظم آهي. جواني جوکيپ ماڻهو کي انڌو بنائي ڇڏيندو آهي، هن کي هر شئي حسين لڳندي آهي. حقيقت جي روشني هن جي بينائي کان ڏور رهي ٿي. جواني جي رومانس ۾ سڃائي به سڪندري لڳندي آهي ۽ کيس خطرن ۾ به لطف ايندو آهي. ليڪن جڏهن جواني جي وير لهندي آهي ته رعنائي ختم ٿيو وڃي. پوڙهو نوجوان کي صلاح به ڏئي پيو ليڪن لاشعوري طور تي هو پڇتاءُ جي ڪرب مان به گذري پيو.
اشرف جي هر نظم ۾ نيون تشبيھون، انوکا استعارا، ٻولي جو تخليقي استعمال، معنويت جا تهه، علامتن جو فڪري استعمال ...... سڀ غيرمعمولي آهن. اسان وٽ ڪيترائي وڏا شاعر چوائيندڙ پنهنجي شاعري ۾ مايوس ڪندا آهن ۽ سندن سڄي شاعري پڙهڻ کان پوءِ مس وڃي ڪجهه شعر چڱا ملندا آهن پر انهن جي ابتڙ ڳولڻ سان به اشرف جي شاعري ۾ ڪو سقم ورلي ملندو. فن کان فڪر تائين، صنعت کان تخيل تائين ۽ ٻوليءَ کان لهجي تائين، هر شئي متاثر ڪندڙ آهي.
چوندا آهن ته فن ۾ فنڪار جيترو گھٽ نظر ايندو اوترو بهتر. اشرف يقينن انهيءَ راز کان واقف آهي. هو پنهنجي شعور۽ شاعري جي وچ ۾ نٿو اچي. ڪٿي به اڇاترائي نٿو ڏيکاري. اسان جي اڪثر شاعرن وانگر، مان مان يا آئون آئون جهڙو تڇ گردان نٿو ڪري. هن جماليات جو لباس، درد جي سڳڙن سان سبي، پنهنجي انا کي ان ۾ ڍڪي ڇڏيو آهي، هن شاعريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ترجيح ڏني آهي ۽ان تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ڇو ته هو انا جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڪونهي. هو ٽي ايس ايليٽ جي چوڻي تي پورو ٿو لهي ته، ”شاعري (شاعر جي) ذات جو اظهار نه پر ان کان فرار جو نالو آهي.“ انا ۽ خود پرستي شاعر ۽ قاري جي وچ ۾ فاصلا ۽ رڪاوٽون وڌائي شاعري جي ابلاغ کي سخت نقصان رسائي ٿي. ”پاڻ پرستي“ شاعر جي قد کي وڌائڻ بجاءِ ان کي گھٽائي ٿي.
اشرف جي شاعري کي سرسري طور پڙهي اڳتي وڌڻ ڏکيو ڪم آهي. سندس حسنِ ادائگي ڏاوڻ وجھيو ڇڏي ۽ ماڻهو اک ڇنڀ ۾ تخيل جي طلسمي دنيا ۾ پهچيو وڃي. اسان جو شاعر اڃا نوعمر آهي تنهنڪري ڪارل يونگ جي چواڻي وانگر هن جي وجود جو حدون وسيع ٿي رهيون آهن. هن عمر ۾ وکرڻ، ٽٽڻ ۽ پکڙڻ سٺو لڳندو آهي ليڪن چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ نئين سر جڙڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي سميٽڻ جو شعور بيدار ٿيندو آهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته سندس ”ٽٽڻ“ واري دؤر جي شاعري ايتري شاندار آهي ته سندس ”جڙي راس ٿيڻ“ کان پوءِ واري شاعري يقينن ڪمال جي درجي تي پهچندي. خدا کيس حوصلو ڏئي.

اسان جي اسان کي دعا آ اها،
پرين تو پڄاڻان پٿر ٿي وڃون.


اڪبر لغاري
01-09-2011