گلن جي وڇاڻي، ستو ڪير هو؟ گلن جي وڇاڻي، ستو ڪير هو؟ ڀنل باک ٽاڻي، ستو ڪير هو؟ الا رات مومل سندي ڀاڪرين نهاريو ٿي راڻي، ستو ڪير هو؟ ٽِڪن ۾ لکين چنڊ جرڪيا پئي رلي اهڙي تاڻي ستو ڪير هو؟ نمي چنڊ جنهن کي نهاري ويو نٿو ڪو به ڄاڻي ستو ڪير هو؟