پرولي
فضا خاموش واهڻ جون
گليون سڀ گيان ۾ آهن
سڀيئي صورتون تنهنجون
اکين جي ڌيان ۾ آهن
ڀنيءِ جو ولهه واهڻ تي
بدن ۾ باھ ٻاري ٿي
ٽُٽن ٿا انگ شيشي جيئن
تنهائي هانو ڏاري ٿي
لڱن جي لام تي ويهي
نچين ٿو ناچ تون مون ۾
ازل جي اُڃ اکڙين ۾
تڪيان ٿي تنگ رستن کي
اڃان هن واٽ جي ور تي
تتل واري ۾ ويڻن جيئن
پئي آ سوکڙي تنهنجي
کڻان ٿي، ٿيون سکيون ٽوڪن
ڇڏڻ تي دل نٿي سرچي
ڪجل جا ڪس اکڙين مان
ڌوئڻ تي دل نٿي سرچي
ترائي تو پٺيان مون لئه
وراڪو وڄ جو آهي
ڀريان ٿي ڇرڪ ۽ اکڙيون
الائي ڇا ته ڳولن ٿيون
اوهان کان پوءِ سانجھي جون
گليون سنسان ٿي ويون ۽
سمهي پيا سڏ صبوحن جا
منجھند مُرڪي نٿي مونسان
ذهن کي آخري منظر
اچن ٿا ياد ساوڻ ۾
لٿو پي سج سڙنگھون جي
وڻن جي پوئتان رڻ ۾
ترائي جي ڪنڌي تي مان
پريان هيٺاهين رستي تان
هوا ۾ ٿيڙ کائيندو
وئين پي دور تون ٿيندو
سندءِ مايوس اکڙين ۾
اڌورا سوال هئا ڪيئي
مگر تو ڪون ٿي سمجھيو
مُٺي هن دل جي ٻولي کي
”اچي پاڻي لئه پاڻياري
وساري گھر گھڙولي کي“
مسافر ڪاش سمجھين ها
انهي سولي پرولي کي