ائڊريس
ننڊي ٽيشڻ تي گاڏي جي
جڏهن ڌڙ ڌڙ جھڪي ٿيندي
تڏهن بيچين پنڇين جيئن
اُڏامي شام جو آنچل
سموري سينڌ واهڻ جي
ڀري سنڌور نيري سان
سندءِ کيڪار ۾ کلندو
چئي آداب ڌيري سان
هينئون ٽيشڻ جي تنهائي
ڏسي ڪجهه خوف کائيندئي
مگر هڪ دلربا منظر
اڳيان ڄڻ منتظر هوندئي
اگھاڙو ٻار واٽر تي
مڇيون پڪڙڻ جي مسرت سان
صفا ٽمٽار ٿي تو ڏانهن
نهاري، ٿورڙو کلندو
وري پو ڪرت پنهنجي ۾
اهو مصروف ٿي ويندو
مصور ذهن پنهنجي ۾
انهي منظر کي سانڍيندي
اڳيان جي وک وڌائيندي
ٻه ٽي ٻارن سان گڏ کلنديون
صفا ئي نوجوان ڇوريون
مسافر لاڏ مان لنگھنديون
وڏو هُو موڙ رستي جو
انهن کان ٿورڙو اڳتي
ننڍو هڪ جوڙ رستي جو
اُتان کان ڇوٽڙي رستيءِ
وڃي ٿي سينڌ جيئن سرڪي
ننڍي هڪڙي سراءِ ڏانهن
مسافر تون متان سوچين
اُتي آرام جي لاءِ
گھڻو اڳ ۾، سرا سامهين
اويلي ڪنهن مسافر جي
اجائي موت تي سوچي
ڊهي ويران ٿي وئي آ
سرا کان ٿورڙو اڳتي
صفي جي ڀِت کي پائي
ڳراٽي نم کڙو هوندو
انهي جي ڇانو ۾ ويٺو
ٿڪل هڪڙو مڙهو هوندو
انهي جا نيڻ جي پڙهندين
صديون اتهاس جون ان ۾
ڀڳل ٺڪرين جيان ملندئي
جوان پُٽڙن جي لاشن جي
انوکي درد کان ويندي
ڀڳل چوڙين جي ماتم جي
انهي تاريخ کي پڙهندي
ائين محسوس ٿيندئي پيو
ته ڄڻ ڪو هانو پنهنجي ۾
لکين ٿوهر ڦُٽا آهن
مڙهي جون ڳالهيون ڄڻ، سئو
وراڪا سينڌ جا آهن
انهن ۾ جيڪڏهن الجھين
صديون نڪري نه سگھندي تون
اُتان کان ٿورڙو اڳتي
کجين ڄارين ۽ پپرن جو
وچولو جھنگ ٿو ڏسجي
انهي جھنگل سان وابسته
جنن، پرين ۽ ديون جون
هزارين ڳالهيون آهن
مگر اونداهي راتين ۾
اُتي اڪثر ٻه پاڇولا
ملي مرڪون ورهائن ٿا
اُهو جھنگل مٽيندي ئي
اڳيان هڪڙي قبر آهي
صفا گمنام اهڙي جو
نه ڀونئرن کي پتو آهي
نه خوشبوءُ کي خبر آهي
نڪو ڪتبو نڪو ئي گل
اگر جو واس ڀي ڪونهي
نڪو ٿس هيٺيان ڌرتي
مٿان آڪاش ڀي ڪونهي
چون ٿا سال کن پهرين
انهي واهڻ جي مٽي جو
مَرڪ هئي ڇوڪري هڪڙي
مگر ڪنهن جي محبت ۾
اها هئي خون ٿي ويئي
حسين جذبن ۽ ٽهڪن سان
هتي مدفون ٿي ويئي
چون ٿا هاڻ سڀ هن کي
قبر آهي هي ڪاريءِ جي
مسافر روح ۾ جيڪر
وسئي صحرا جي خاموشي
اداسائي سان ڀرجي دل
پڇي توکان جي ”ڪاري“ جو
انهن پيرن تي پُٺ تي تون
وري واپس هليو اچجان
شهر جي جھنگ ۾ ڪارو
اوهان جو منتظر هوندو
اوهان جو...............!