لفظن جي مصوري
بي ترتيب اکر بي نانءُ ٿيندا آهن، پر جڏهن اکرن کي ترتيب ايندي آهي ته اهي ئي اکر لفظن جي شڪل وٺندا آهن ۽ پوءِ هنن کي صورت ۽ نانءُ ٻئي هوندا آهن، پر هڪڙي ٻي ڳالهـ به آهي ته بي ترتيب لفظ بي جان شين جيان ٿيندا آهن پر جڏهن انهن بي جان لفظن کي ترتيب ڏبي آهي ته لفظ جاندار ٿي پوندا آهن. پوءِ اهي جاندار لفظ ڪنهن ڪيفيت، ڪنهن احساس، ڪنهن خيال جي شڪل وٺندا آهن. اهي جاندار لفظ انهي ڪيفيت احساس ۽ خيال کي زنده ڪري ڇڏيندا آهن. ترتيب لفظن ۾ روح ڦوڪيندي آهي لفظ وري ڪيفيت احساس ۽ خيال ۾ روح ڦوڪيندا آهن لفظن جي روح ڦوڪڻ سان ڪيفيت، احساس ۽ خيال زنده ٿي پوندا آهن. لفظن جي انهي صورت جي پيرن ۾ جڏهن لئي ۽ ردم جي ڇير ٻڌبي آهي پوءِ انهي ڇير جو ڇمڪو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ۾ اها ڪيفيت شدت سان طاري ڪري اهو احساس شدت سان اڀاري ۽ اهو خيال اڃان پختو ٿئي ته اها آهي شاعري. ۽ باڪمال شاعري اها آهي جنهن جي سٽ پڙهندي ئي توهان شدت سان اهو محسوس ڪريو ته اها سٽ اوهان جي ئي حالت جي ترجماني ڪري ٿي توهان انهي سٽ جي سٽ ۾ ٻڏي ٻاهر نڪرڻ واري وس ۾ نه هجو، شاعري محسوس ڪرائڻ جو آرٽ آهي انهي ڪري ئي شاعري محبت جيئن آهي شاعري درد جيئن آهي انهي ڪري جيئن توهان محبت کي محسوس ڪريو ٿا ائين شاعري کي به محسوس ڪريو جيئن توهان درد کي محسوس ڪريو ٿا ائين شاعري کي به محسوس ڪريو،
ڄڻ ڪو رڇ رڳن ۾ آهي
جنهن جو پانڌ ڇڪي ٿو ڪوئي
هاڻ جيڪڏهن توهان انهن سٽن کي پڙهندوءَ يا ٻڌندو ته توهان کي هڪڙي لمحي ائين محسوس ٿيندو ته توهان جي بدن جي بي ترتيب رڳن ۾ رت بدران رڇ جون اهي بي ترتيب ليلون واريون تارو آهن ۽ انهن جو پانڌ ڪوئي ڇڪي رهيو آهي ۽ توهان درد جي شدت مان پنهنجو پاڻ گذرندي محسوس ڪندا ۽ اهي سٽون اوهان کي محسوس ڪرائينديون، اشرف پلي جي هن ڪتاب ۾ اهڙيون بي شمار سٽون موجود آهن جيڪي محسوس ڪرائين ٿيون.انهن سٽن ۾ اها ست آهي
۽ هن جي شاعريءَ ۾ هڪڙي ٻي ڳالهـ به آهي يا ائين کڻي چئون ته اها ڳالهـ به هن جي شاعري جو روح آهي. جنهن سان هن جا نظم لفظن مان منظرن ۾ تبديل ٿين ٿا، پڙهجن لفظ ٿا پر خيال منظرن کي محسوس ڪري ٿو. اها لفظن جي مصوري آهي ۽ اهو ئي آرٽ آهي اها ئي لفظن جي مصوري هن کي ٻين کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. هڪڙي انگريز ڏاهي جي اهڙي مصوري لاءِ راءِ آهي ته ”تصوريت ڄاڻ کان وڌيڪ بهتر آهي“ ۽ هي انهن مان آهي جيڪي لفظن کان عقل ۽ دليل جا گهوڙا ڊوڙائڻ وارو ڪم وٺڻ جي بدران هنن کان مصوري جو ڪم وٺن ٿا
اگهاڙو ٻار واٽر تي
مڇيون پڪڙڻ جي مسرت سان
صفا ٽمٽار ٿي توڏانهن
نهاري ٿورڙو کلندو
وري پو ڪرت پنهنجي ۾
اهومصروف ٿي ويندو
اهين شاعري کان مصوري وارو ڪم وٺڻ وارو آرٽ اشرف کي اچي ٿو. هن جي هن ڪتاب ۾ صبوح گوتم جو گيان ڏيندڙ بڻجي ٿو وڃي اهو گوتم جيڪو پاڻ گيان جو گونا گون دريا ۽ ڌيان جي ڌيمي ندي هو، انهي ئي گوتم جي ڀڪشوئن جو مذهبي ڪتاب ڌم پڌ به شاعريءَ ۾ آهي. ڪٿي ڪٿي اشرف جي شاعري سنسان ريلوي پليٽ فارم تي ريل جي سيٽي جو آواز بنجي وڃي ٿي ۽ هو مڙهي جي نيڻن ۾ صدين جو اتهاس ڏسي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪيترا رنگ آهن جيڪو هر پڙهندڙ کي پاڻ محسوس ڪرڻا آهن،
هو جنهن جو اوتارو سهڻي صادق سائين جي قٻي کان چند قدمن جي فاصلي تي آهي ۽ ايتري ئي فاصلي تي وفا ۽ ڪريم پلي به آهن. ۽ هن راتين جا اوجاڳا ته روحل جي ساندن سان گڏجي به ڪٽيا آهن پر هن جي واٽ پنهنجي آهي ۽ هن جو پنڌ به پنهنجو آهي. باقي سهڻي صادق سائين جي قٻي جون ڪيفيتون اوهان کي هن جي سٽن ۾ ساهه کڻنديون ڪٿي به ڪونه محسوس ٿينديون، نه ئي ڪريم جي ڪافي جو رنگ آهي.
هي هن جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي ۽ پيار جو پنڌ ته اکين سان ئي ڪرڻو آهي پوءِ انهي پنڌ ۾ هڪڙي وک به وڏي معنيٰ آهي، هن جي هي پهرين وک آهي ۽ اهو به پيار مان کنيل وک، پاڻ جي پنهنجي منهن ويهي ماٺ واندڪائي ۽ اڪيلائي ساڻ ڪري سچي دل سان هن جي خيال جي خيمي ۾ داخل ٿينداسين ۽ ڪيفيتن احساسن ۽ محسوسات جي مئي ڏوڪينداسين ته اکيون منظرن جا مزا ضرور ماڻينديون باقي اڃان پنڌ گهڻو آهي ۽ واٽ تي ويساهين به کائڻي ڪونهي.
خالد ڪنڀار
نهٽو مهراڻو ٿر