شاعري

جوڀـن پـهريان ڏينهن

ڪتاب ”جوڀن پهريان ڏينهن“ خوبصورت شاعر اشرف پليءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. اڪبر لغاري لکي ٿو: ”ٿر جو ريگستان ڄڻ شاعريءَ جو گلستان آهي. حليم باغي، سائينداد ساند، وفا پلي، سردار شاھ، حاجي ساند، جمن دربدر، خطائي ٿيٻو ۽ ٻيا کوڙ سارا همعصر شاعر اهڙا آهن جن جي شاعري پڙهي بت مان سريڙون نڪريو وڃن. انهن سان ئي گڏ، انهن جهڙو ئي پر بي حد نرالو، البيلو، نماڻو، ماٺيڻو، بي نياز ۽ بي پرواھ شاعر اشرف پلي، جنهن جي مٽي عمرڪوٽ جي آوي ۾ پچي راس ٿي ۽ ٿر جي صدين جي عشقيه ۽ لوڪ روايتن جا مٿس ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽيل ٿا ڏسجن. “
  • 4.5/5.0
  • 6612
  • 1076
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اشرف پلي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جوڀـن پـهريان ڏينهن

آدو ملاح1

آدو ملاح1


سمنڊ ڪنڌي تي جھونو آدو
جھُڙ ۾ چنڊ لڪي ٿو ڪوئي
ڄڻ ڪو رڇ رڳن ۾ آهي
جنهن جو پانڌ ڇڪي ٿو ڪوئي
هينئنڙو ونجهه جيان ٿو ٽوڙي
بيهڪ دل جي پاڻي جي
آدو سڏڪي ڳالهه ڪري ٿو
پنهنجي پيار پڄاڻي جي
سمنڊ پرھ جو تنها تارو
کڙندي کوڙ جدايون ڏسندو
ايندو سج سولي وانگي
خالي هي سڀ جايون ڏسندو
هوندا ڪون ککيءِ جا کارا
جن جي ڇٽ وڻي ٿي توکي
پاڻان ڪيئن پليندس آئون
دل هي سين هڻي ٿي توکي
هائو، صبح کان اڳ ۾ ايندا
تڙ تان ڪير تڙڻ لئه مونکي
پوڙهاپي ۾ ماريو ويندو
نئون ڪو محل گھڙڻ لئه مونکي
ها، پر توتي سمنڊ صدورا
ساڳيو تارن ڇٽ به هوندو
تنهنجو ڪوئي مٽ نه هوندو
ڇولي ڇولي ۾ پيو ڇُلندو
چنڊ به ڇوري ٻار جيان
تنهنجي ڀر ۾ محل اڏيندا
ڪاري ڪارونڀار جيان
ها تنهن محل مٿانهان بيهي
توکي جوان نگاهون ڏسنديون
توتي هيل اسوءِ جا آگم
عاليشان نگاهون ڏسنديون
۽ او سمنڊ صدورا سائين!
هوءَ جا ڀونءِ ڏسين ٿو سامهين
جنهن ۾ هڏ لٽيا مون آهن
پنهنجي بابي ڏاڏي جا
تنهن تي پڪنڪ پوانئٽ ٺهندي
ڏاڍيون رنگ رهاڻيون ٿينديون
ٻانهون چيلهه وڻن تي ول جيئن
ڪيئي وَر وراڪا ڏينديون
ها پر ڀيڄ ڀني جو تو ۾
پنهنجا پير پساري ڪوئي
پنهنجي رنگ برنگي دنيا
ويهندو ڪين وساري ڪوئي
لَسَ ۾ عڪس پرين جا پائي
ڪو به نه هاڻ کٿوري ڏيندو
ڪو به نه آدو مهاڻي وانگي
توکي عمر سموري ڏيندو
سمنڊ نه ساڳي سيوا هوندي
هاڻ نه آڌي ڌاري ايندي
توتي ڏيئا ٻارڻ ڪائي
پنهنجو پاڻ وسارڻ ڪوئي
جن سين موجون ماڻا تنهنجا
جن سين پيار پراڻا تنهنجا
جن سين شامون رنگ رتوليون
سانجھيون چندن واس جيان
اڄ سي ويندا ڏور هليا
ويندڙ ڪنهن احساس جيان
تن جي سار سٽيندي توکي
کامي نيٺ کٽيندي توکي
لونءُ لونءُ منجهه لَٽيندي توکي
هرڪا گندري گھاوَ جيان
شيشي جيئن وڃي ٿو گذري
هي غم منهنجي هانو منجھان
ماري ڄار اُڻيو جو آهي
پنڇي سو ڦاسائي ويندو
منهنجا سڀ اٻاجھا مُهاڻا
شهر وڏو ڳڙڪائي ويندو.


1 مشرف حڪومت ۾ جيڪي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا پي ويا، هي نظم انهن ٻيٽن جي اصل وارث ” آدو ملاح“ جي سمنڊ سان آخري گفتگو آهي