گناهه جهڙي رات
ڪهڙي ڪهڙي ياد رکان مان
پنهنجي دل جي ديول ۾
هڪڙي رات اماوس جي آ
جنهن ۾ کهنبي ويس ڪنواريون
چوڏس پرڻي رات جي خوشبو
انگ انگ منجهه اُلاءُ ٻري ٿو
انگ انگ ۾ برسات جي خوشبو
پورا پار وسڻ جا آهن
آگم جا اهڃاڻ اکين ۾
هرڪو سڏ سرهو ئي آهي
ڪانهي ڪا ڇاڪاڻ اکين ۾
چوٽي چوٽي گل چندن جا
موتيا هٿ ڪرائي ۾
هر ڪنهن سينڌ سموهي آهي
مهڪ ڀنيءِ پُروائي ۾
هر ڪنهن مومل ”تارن تبرون“
هاءِ ڪُهڻ جي ڪار اکين جي
ڳل تي ڳل ڳراٽيون ڪيئي
هاءِ سُرهي سيج سکين جي
چوڏس واءَ ورايل ڏيئڙا
ساري رات رميا آهن
ساري لوڇ لڱن مان ويئي
سارا درد ٿميا آهن
ڀيڄ ڀنيءِ جي ويل سڀن جو
انگ انگ آرس ٿي پيو آهي
سارو لوهه سڃيندو هاڻي
روح ته پارس ٿي پيو آهي
پئي ٿي هير صبح جي ڳائي
ڇم ڇم ڇم ڇم پايل ۾
ڪهڙي ڪهڙي ياد رکان مان
پنهنجي دل جي ديول ۾......