پاڻي
ڏور امبر تان چنڊ ڏسي ٿو
ڪيڏي وحشت آهي اکين ۾
هُن کي جل ٿل پاڻي کان،
پاڻي جيڪو نيل گگن مان
برسي ميگهه ملهارون بنجي
دل جا مير سمورا ڌوئي
پهرينءِ پيار جون سارون بنجي
پاڻي جو ڇڙواڳ درياءُ ۾
شاعر جي تشبيهه جيان آ
پاڻي جو بي روڪ ندي ۾
سامايل ڪنهن وينگس جي ڄڻ
جوڀن جي ته رواني آهي
جنهن ۾ چنڊ چڳن کي ڌوئي
جنهن تي مور پرن کي ٺاهي
پاڻي جيڪو سمنڊ سڄو آ
سو ته ملاح جي اک مان بکندڙ
ڄڻ ته مڇي جي موهه جيان آ
پاڻي جنهن بن ساري دنيا
ڪاري ڪنهن اندوهه جيان آ
ڏور امبر تان چنڊ ڏسي ٿو
ڪيڏي وحشت آهي اکين ۾
هُن کي تنهن ئي پاڻي کان
سامهون هُن جو ڏٻرو هيسيل
ٻالڪ بُک وگهي ٿو تڙپي
اُن جي اک ۾ پاڻي آهي
جيڪو ڪنهن طوفان جيان آ
جنهن ۾ هن جي ننڍڙي دنيا
ڪک پن جيئن اُڏاڻي آهي
هُن جي اک ۾ پاڻي آهي.