حويلي
ها بهارن جي رنگينن کان پري
بند ڪوٽن ۾ پليل هُو ڇوڪري
ڄڻ ته ”سارا“ جو اڌورو نظم آ
هُن جي جوڀن جون سموريون ڪروٽون
۽ صبوحن جون سموريون آرسون
ڪنهن مصور جي تصور کان حسين
ڪن ستارن جيئن چمڪندڙ هُو اکيون
۽ جواني جي اُٻهري رقص کي
ڪا به عاشق اک ڏسي ناهي سگھي
عشق جي مفهوم کان اڻڄاڻ هُو
ڪنهن جي نيڻن ۾ ٻُڏي ناهي سگھي
هن گلن جي مهڪ کي پاتو نه آ
۽ ڀٽائي کي ڪڏهن ڳاتو نه آ
هوءَ نٿي ڄاڻي ته هي اڌ رات جو
ڇو ستارا ٿا ٽٽن آڪاش ۾
عشق ڪيئن ٿو روح سان ٻکجيو وڃي
ڪيئن ماڻهو ٿو ٻُڏي احساس ۾
هوءَ مسافر جي اکين ۾ درد جي
ڪون ٿي اتهاس کي پرکي سگھي
هوءَ جا رشتن جي صليبن تي ٽنگيل
سا نٿي وشواس کي پرکي سگھي
هوءَ وڻن تي چاندني جو ڏيک ۽
سبز کيتن کي ڏسي ناهي سگھي
آئيني جو عشق ٿو ڄاڻي اهو
هُو ڪڏهن ڪنهن کان رُسي ناهي سگھي
ها، وڇوڙي جي قهر کان بيخبر
هُو وصل جون راحتون ڄاڻي نٿي
۽ ڊسمبر ۾ ٿڌن ڳلڙن مٿان
آڱرين جون چاهتون ڄاڻي نٿي
هُو نٿي ڄاڻي ته بارش جو ڇهاءُ
عاشقن جي آڱرين جھڙو ئي آ
۽ ڪڪر جيئن ڏور کان ڌرتي چُمن
عشق جو بندهن به بس اهڙو ئي آ
ها، سڀن احساس جي ڌاڳن کان هُو
آ صفا اڻڄاڻ، الهڙ، بي خبر
پر هندوري جو سمورو فلسفو
هُو جواني کان گھڻو ڄاڻي پئي
۽ هندوري ۾ لُڏي ڄڻ عمر جو
ٻُور هُو ڇاڻي پئي،
ٻُور هُو ڇاڻي پئي........