نوان محبوب
رڳو انجام تي سوچڻ
رڳو ڳالهيون جدائي جون
سدائين وصل کان باغي
سدا سوچون تنهائي جون
اهيو آغاز آ جانان
ته پو انجام ڇا ٿيندو
نه جي ڪجهه خاص ماڻيوسين
ته پوءِ عام ڇا ٿيندو
نوان محبوب، نئين سڪ جو
نئون هي فلسفو آهي
ملڻ، مرڪڻ کان اڳ وڇڙي
مرڻ ۾ ڪو مزو ناهي
رڳو محسوس ڪر جانان
اڪيلي چنڊ راتين ۾
محبت مجسمو ڪونهي
گھڙي توکي ڏسيان آئون
محبت تنهنجي پلڪن جي
ٿڌيري ڇانو جھڙي آ
محبت بين جوڳي جي
ڪنهن صحرا ۾ ڇيڙي آ
محبت سرڪ هڪڙي ۾
حياتي کي پيئڻ جھڙي
محبت چند لمحن ۾
سوين عمريون جيئڻ جھڙي
مگر جانان محبت کي
ڳراٽيون وصل جون گھرجن
پياليون پيار پنهنجي کي
ٿيون گھاٽيون وصل جون گھرجن
ذهن ڪشڪول خالي جيئن
هلي آ تنهن اندر اوتيون
ٿڌيون چانڊوڪيون گڏجي
ٻه ٽي پل روح هڪڙو ٿيون
جيئون گڏجي پيئون گڏجي
هلي آ پنهنجي ساهن جا
سمورا جام ڇُلڪايون
هٿن ۾ هٿ ڏيئي جھومون
هوا ۾ انگ لهرايون
ته جيئن وڇڙي وڃڻ کان پو
اگر ڪنهن موڙ تي گڏجون
ذهن جي سرد خاني ۾
ٻه ٽي ڀرپور ڀاڪر ۽
ٻه ٽي چانڊوڪيون تڙپن
ٻه ٽي ڳالهيون ڳراٽي جيئن
هينئين تي هيج مان هرکن
وڃڻ جي ويل دل جانان
چوڻ تو کي اهو چاهي
ملڻ مرڪڻ کان اڳ وڇڙي
مرڻ ۾ ڪو مزو ناهي.