دل جي ڳالهه
آئون بنيادي طور تي هڪ ڳوٺاڻو آهيان، ان ڪري ڳوٺاڻي فطرت منهنجي مزاجن تي پوري ريت ڇانيل رهي آهي، مون ڳوٺن جا اگھور ننڊ ستل ٻالڪ جھڙا اثر ڏٺا آهن جن ۾ باک جي ڦڻي ڌرتي جي ڳوري چهري تان اوندھ جا ڪارا ذلف هٽائيندي آهي ۽ پوءِ اُهي منظر منهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن مبالغه آرائين جي لهي آيا آهن.
هن ڀون جي ڳوري چهري تان
اوندھ هٽائي باک ڦڻي
تون ڳاءِ کڻي...........
ڳوٺ، جن ۾ ٽالهين جي وڏن وڻن تان پکي ”لڪڙي جل بني ڪوئلا“ جھڙيون سوڳ ڀريون لاتيون ٿا لنون ۽ توريئي جي کيتن مان ڌرتي نـوَ ورني ٿي ڀاسي، انهن ڳوٺن جي خاموش سانجھين ۾ مون پنهنجي شاعريءَ جا ڪردار ڳولي لڌا آهن. سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي هٿ سيڪيندڙ جھونا ڪردار، جيڪي پنهنجي عمر جا عشق ٻڌائيندي زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي ٿا وڃن. جيڪي جواني کي ڪاري رات ۽ پيريءَ کي اڇو ڏينهن چئي پڇتاءُ جو احساس اڀارڻ چاهيندا آهن پر بيخودي مان ”ڪاري رات“ جي لذتن تي ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ اهي ڪردار جن جي سينن ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪا ٿي کائي ۽ ڌرتي جو عشق محوِ رقص آهي.
مون وٽ منهنجي شاعريءَ لاءِ ڪا به واضح جسٽيفڪيشن ناهي، آئون بس لکندو رهيو آهيان بنان ساهي جي ۽ بنان فل اسٽاپ جي، پر ايترو ضرور چوندس ته شيخ اياز کي سنڌي شاعرن کان جيڪا شڪايت هئي ته اهي مطالعو نٿا ڪن، مون ڌرتيءَ جي ان قدآور تخليقار جي انهي شڪايت کي دور ڪندي هي سئو سوا شعر لکڻ لاءِ ان کان ڏهوڻا ڪتاب پڙهيا آهن، ان باوجود به منهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪا فڪري اڻاٺ يا مطالعاتي مشاهداتي کوٽ رهجي ويئي آهي ته اها منهنجي ڪم عقلي چئبي، مون کي ياد ٿو اچي ته شروع ۾ مون وٽ لکڻ لاءِ ڪو واضح سبب موجود نه هو سواءِ ”هن“ جي، جيڪا مون کي بي سبب گھڻو وڻندي هئي، پر هاڻ مون کي تخليقي طور متحرڪ رکڻ لاءِ سنڌ جون حالتون، لطيف جي شاعري ۽ روحل واءِ جو ادبي ماحول واضح سبب آهن.
منهنجي شاعري مون کي وڻ جي گھاٽي ڇانو جھڙن ماڻهن سان ملايو آهي، ماما جمن، سردار شاھ، اڪبر لغاري ۽ مير حسن آريسر منهنجا اهي محسن آهن، جن کان مون گھڻو ڪجهه سکيو آهي، انهن جي شفقت ۽ محبت مون کي هميشه لکڻ لاءِ اتساهيو آهي، ان کان سوا شاعري مون کي کوڙ سارا دوست ڏنا آهن، جن جا نالا لکان ته هوند ڪيترائي صفحا والارجي وڃن پر ها انور ساند جو نالو لکڻ ان ڪري به ضروري ٿو سمجھان جو هو مقبول هاليپوٽو ۽ قمر راڄڙ غمِ جانان کان غمِ دوران تائين منهنجي پاڇي جيان مون سان گڏ رهيا آهن.
منهنجي هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ڪيئي اوڻايون به ٿي سگھن ٿيون پر ان باوجود هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي آئون تمام گھڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. آخر ۾ آئون روايتن اهو لکڻ نٿو چاهيان ته فلاڻا فلاڻا دوست مون سان گڏ نه هجن ها ته آئون هي ڪتاب ڇپائي نه سگھان ها، ها پر اهو سچ آهي ته منهنجي ڀاءُ اڪبر پلي، پرويز ۽ ڀليڏنو ساند جو ڀرپور سهڪار نه هجي ها ۽ منهنجو استاد سائين مير مجاهد اگر ٽائيم نه ڏي ها ته آئون هي ڪتاب سولائي سان نه ڇپائي سگھان ها.
ساٿ سلامت
اشرف پلي
عمرڪوٽ
cell: 0346-6956636