جوڀن
ڏور مندر ۾ سَنک وڄن ٿا
پوڄارڻ جي آشائن جا
ديپ ٻرن ٿا
منهن تان بين هٽائي ڪرشن
ساري رات اهيو ٿو سوچي
نکٽ نکٽ سان نينهن به ساڳيو
تارن جا اهڃاڻ اهي ئي
جن جي پرک پرائي راڌا
مون ڏي پنڌ ڪيا آهن
ماڻهو ماڻهو من به ساڳيو
هر ڪنهن ترنيءِ تن به ساڳيو
ساڳيو گنگا گهاٽ به آهي
جنهن تي گپيون گج اتاري
پنهنجا لڱ لسائن ٿيون
جر سمورو ڏيئا ٿي ٿو
اهڙا ڏيک ڏسائن ٿيون
هيرون تن جي تن جي خوشبو
گل گل کي پهچائن ٿيون
ساڳي لڙهه لڙاٽيل جمنا
چانڊوڪي جا ڏيک انهي تي
هڪڙي تارن ريک انهي تي
جيڪا واٽ ٻڌائي ٿي
پرئين پار پريتم جي
جنهن وٽ جيون با معنيٰ
جيڪو بين وڄائي ٿو
پنهنجي سُر سان سانوڻ جا
سارا سانگ سجائي ٿو
ساڳي مندر چانئٺ آهي
جنهن تي سيس نمائي ڇوريون
ڄڻ ته ازل جو ناچ نچن ٿيون
پياسا پياسا نيڻ نچوئي
پنهنجا آٽيل انگ مکن ٿيون
ڏيئا ڏيئا تن انهن جا
واريءِ مُٺ ڄڻ من انهن جا
پوءِ به نيڻ جهڪائي پنڊت
ڪهڙي رٽ لڳائي آهي
جوڀن، جر تي ڦوٽو، ڇاهي
سڀڪجهه جوٺي مايا آهي
مورک هي به نٿو ڄاڻي
جوڀن ٿو ڀڳوان جيئاري
جوڀن رات ڦڳڻ جي آهي
جنهن ۾ کهنبا ويس کڙن ٿا
جوڀن گاگهر پاڻياري جي
ڇُلڪا ڇُلڪا کاٽ هڻن ٿا
امرت امرت پل آ جوڀن
”ريءُ سرائي سَل“ آ جوڀن
سڀ ڪجهه ڄاڻي پو به نه ماڻي
ائين نه چئو، اڻ جهل آ جوڀن.