سائين عبدالحق ساريو : وِڇڙيو آهي وِسريو ناهي
هي حساس دل جو مالڪ هو، هن وٽ هر انسان جو مرتبو اعلى درجي جو هو. هن وٽ ڪنھن ذات پات، مذهب، نسل ۽ دولت جي بجاءِ هڪ محبت جو پوتر جذبو هو. جنھن انسانن سان محبت جا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڇڏيا هئا. هو جڏهن پنھنجو اظھار لفظن سان نه ڪري سگهندو هو، تڏهن قلم ۽ لڙڪن جي زبان هن جي اظھار جو وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر ذريعو هئا. هو فطرت، سماج ۽ حضرت انسان جي پوڄا جي حد تائين احترام رکندو هو. هن کي ان سماج جي منافقتن ۽ روين ان حد تائين ايذايو هو جو هن مذهب ۾ پناهه ورتي هئي نه ته هي روشن خيال ماڻهو هو، جنھن جي شعور توڙي عمل ۾ ڪامريڊ سوڀي جا اثر هئا پر جڏهن انسان سماج سان وڙهڻ جو ست ساري نه سگهندو آهي تڏهن اهو گهڻي قدر ڪنھن نشي يا مذهب ۾ ئي پناهه وٺندو آهي. هن مذهب ۽ نشي ۾ پناهه ورتي هئي، تنھن باوجود به هن پاڻ کي ڪڏهن پرسڪون نه بڻائي سگهيو هو!!
هي جيڪو سماج جي خوبصورت اڏاوت لاءِ هميشه ڪوشان رهيو. هن ڪڏهن پنھنجي تر ۾ علم جون ڏياٽيون روشن ڪيون ته ڪڏهن لائبريري قائم ڪري سماج کي ٻين برائين کان بچائي، روشن راهه ڏسڻ لاءِ متحرڪ رهيو. هن جي اندر ۾ سدائين هڪ تڙپ رهي. جيڪا تڙپ هن کي سدائين عمل ۾ رکڻ لاءِ تڙپائيندي رهي هئي. هن جڏهن پنھنجي اظھار لاءِ قلم جو سھارو ورتو هو تڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ ۾ پنھنجو ادبي ٺڪاڻو قائم ڪيو هئائين. جيتوڻيڪ اُتي به هن کي روين جو شڪار بڻجڻو پيو هو تڏهن به هن ڪنھن کي ميار ڏيڻ بجاءِ ڪُنڊائتو ٿيڻ کي پسند ڪيو هو.
هن کي شاعريءَ جا ڀلي گُرَ نه ايندا هجن پر پوءِ به هن جي شاعري ۾ اظھار جو زبردست ڏانءُ آهي. جيتوڻيڪ اسان جا ڪجهه ڏاها ”آزاد نظم“ کي شاعري ئي نه ٿا سمجهن پر شايد انھن بي سمجهه سمجهوئن کي ڄاڻ ناهي ته جڏهن شاعر وٽ اظھار ڪرڻ لاءِ زبردست خيال موجود هجن ته اهو اظھار ڪنھن حدبندين جو محتاج ناهي هوندو. ٽي ايس. ايلٽ کان وٺي رابندر ناٿ ٽئگور، توڙي شيخ اياز کان عبدالحق سارئي تائين آزاد نظم ۾ هنن زبردست اظھار ڪيو آهي.
سائين عبدالحق ساريو جڏهن هو هاڻ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي تڏهن به سندس يادون، تخليق ۽ ڪردار اسان جي وچ ۾ موجود آهن. هي ڪتاب اسان جو ساڻس محبت جو هڪ اظھار به آهي ته اسان جو فرض به آهي. هن ڪتاب کي آڻڻ ۾ سائين عبدالحق سارئي جي لائق فرزند ڊاڪٽر امتياز سارئي جو خاص ڪردار آهي. ڪتاب جو مھاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ ڪھاڻيڪار سائين محمد علي پٺاڻ جا لک احسان آهن جنھن اسان جي حجت کي مانُ ڏيندي ۽ جلد کان جلد مھاڳ لکي ڏنو، حقيقت ۾ سندس مھاڳ ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ٻه اکر لکي ڏيڻ لاءِ پروفيسر ڄام جمالي جا به ٿورا جنھن پنھنجي دوست کي لفظن جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني آهي. اميد اٿئون ته هي ننڍڙي ڪاوش ئي سھي، اوهان وٽ گهربل مانُ ضروري ماڻيندي.
(لاڙڪاڻو 5- نومبر 2015ع)