اعــلان
راهن ۾ ٿـُڏجي پيئي،
ڀٽڪي اسان جي بي مُلهه
وفا جي چِتا،
ڄڻ سالن ڪنان جلي پئي،
اسان جا بي تعبير سپنا،
چاهتن جي اڪيلي ڪونج جيان،
سرمئي آڪاس جي،
بي پناهه وسعتن ۾ ڀٽڪن پيا،
اسان جا احساس،
ڪنهن ناجائز ٻار جيان،
ڪنهن اونداهي گهٽيءَ جي موڙ تي،
رکيل ڊسٽ بن ۾،
زندگيءَ خلاف ڪيهون ڪري،
ڄڻ احتجاج ڪري رهيا آهن.
هر لمحو موت کان به بد صورت،
وڇوڙي جا عذاب کنيو،
ڪاريهر جيان ڏنگي پيو،
۽ پنهنجي شهر جي،
هر ماڻهو جو هٿ،
پنهنجي خون جگر ۾ ٻڏل ڀاسي ٿو،
ويران صبح،
هٿ ۾ ڊگهي تلوار کنيل وحشيءَ جيان،
منهنجي اداس وجود تي وار ڪرڻ لاءِ آتو آهي.
ٻن پهرن جي ساڙيندڙ نٽهڻ اس،
اسان جي بي سڪون من،
۽ سڃاڻپ وڃايل تن کي،
ساڙڻ جو ڄڻ قسم کڻي چڪي آهي.
نما شام،
اڻڀا وار کولي
ڪنهن وڌوا جيان پاراتا پيئي ڏيئي،
۽ گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ويڙهيل ڪاري رات،
ڪنهن ڏانئڻ جيان،
پنهنجي ڊگهن ننهن سان،
منهنجي جسم تان،
ماس روڙڻ لاءِ،
ڄڻ منهنجي مٿان اچي ڪڙڪي آهي،
۽ آءٌ اڃا ڪنهن معجزاتي وصل،
جي راحت کي،
مسلسل محسوس ڪري،
من اندر جي اجڙيل گلشن ۾،
محبتن جا گلاب پوکي،
بي رحم شهر جي هر چوڪ تي بيهي
وري مهڪندڙ محبتن جا،
اڻ کٽ چاهتن جا،
نه جهرندڙ جذبن جا،
اعلان پيو ڪريان....!!