لُڇَ پـُڇَ
جڏهن آڪاش تي،
تنهنجي ڳلن جھڙي لالاڻ،
ڇائنجي وئي تڏهن،
ذهن جي جهروڪن تي،
تنھنجي سرهي سرهي سار،
تري آئي،
ها مان!!!
سالن پڄاڻان،
توکي چوڏهين جي چنڊ جيان،
کڙندي جرڪندي ۽ چمڪندي،
ڏٺو هو،
ان خوبصورت احساس،
ان وڻندڙ ويچار
منھنجي سموري وجود کي،
مس الست ڪري ڇڏيو.
۽ مون ان ويل
سموري ڪائنات کي،
رقص ڪندي،
جهومندي محسوس ڪيو هو.
۽ مان توکي ڪينجهر ڪناري،
اتر واءَ جي ڀاڪرن ۾،
پنھنجي ٻانھن تي ستل،
۽ تنھنجي،
گهنگهور گهٽائن جھڙن زلفن ۽،
چڳن کي آڱرين تي ويڙهندي،
۽ تنھنجي مکڙي جي،
ڪنول کي پنھنجي ٻَکَ ۾،
ٽڙندو محسوس ڪيو
مان ته تصور ئي تصور ۾،
انهن سون ورنن لمحن کي،
هٿ ترين وچ ۾ ڀڪوڙڻ ٿي چاهيو.
لھندڙ سج جي لامن کي،
نير ۽،
ڪي ڊگهيون سنگهرون وجهي،
روڪڻ چاهيو،
ليڪن وقت واريءَ جيان،
منھنجي آڱرين جي وٿين مان،
وهي هليو،
۽ منھنجي چوڏس،
پاتالن کان پولارن تائين،
ججو بلاڙن جھڙي ڊيڄاريندڙ،
اڻ کٽ سانت سان گڏ،
گهاٽي ڪاري ڪوجهي،
اونداهي ڇائنجي ويئي،
۽ مان ڀيانڪ رات جي،
ساهه گُهٽيندڙ هنج ۾،
سڏڪا ڀري روئيندو رهيس
لڇندو رهيس......
پچندو رهيس......