شاعري

لڙڪن جي زبان

مرحوم عبدالحق ساريو صاحب جي نظمن جو ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ حاضر آهي.
هو حساس دل جو مالڪ هو، هن وٽ هر انسان جو مرتبو اعلى درجي جو هو. هن وٽ ڪنھن ذات پات، مذهب، نسل ۽ دولت جي بجاءِ هڪ محبت جو پوتر جذبو هو. جنھن انسانن سان محبت جا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڇڏيا هئا. هو جڏهن پنھنجو اظھار لفظن سان نه ڪري سگهندو هو، تڏهن قلم ۽ لڙڪن جي زبان هن جي اظھار جو وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر ذريعو هئا. هو فطرت، سماج ۽ حضرت انسان جي پوڄا جي حد تائين احترام رکندو هو.
Title Cover of book لڙڪن جي زبان

مھاڳ : ساريي جي سارَ ۽ سندس لـُڙڪن ڀنل شاعري

ڌنڌلو ڌنڌلو ياد ٿو پويم 1980 ع جي ڏهاڪي جو شروعاتي زمانو، جڏهن مشهور اديب، صحافي ۽ نقاد هدايت منگيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ بگيءَ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ، شاعر ۽ سوشل ورڪ ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون انجام ڏيندڙ پنھنجي ويجهي دوست حاڪم منگيءَ پاران ڳوٺ ۾ قائم ڪيل سنڌي ادبي سنگت جي دستوري توڙي خاص گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته اتي ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ معصوم صورت وارو، عمر ۾ مونکان ڪجهه ننڍو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڳوٺ ٻنڊيءَ لڳ گلڻ واهڻ ڳوٺ جو رهاڪو عبدالحق ساريو اڪثر ويٺل نظر ايندو هو.
هو ادبي ڪلاسن ۾ تنقيدن لاءِ پيش ڪيل لکڻين تي سدائين لڄارو ٿيندي ”سٺي آ“ يا ”سٺو آ“ جهڙو مختصر جواب ڏيڻ کان ته تِرُ به اڳتي نه وڌندو هو، پر پوءِ جڏهن چانهه جو يا بي ضابطه ڪچهريءَ جو دور هلندو هو، ته به پنھنجي هاٺي ڪاٺيءَ ۾ سنهڙو ۽ سانوِرڙو مڇن جي ريههَ وارو هي ڇوڪرو ”هان “، ”هون“ کان وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهندو هو.
گهڻاگهڻا سال پوءِ جڏهن مان ليڪچرار بڻيس ۽ سڪرنڊ، دادو ۽ رتو ديرو جي ڪاليجن ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ پھتس ته اتي اڳواٽ موجود سنڌيءَ جي ليڪچرار، پنھنجي جگري دوست، سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار رزاق مھر سان گڏ ”سنڌي ڊپارٽمينٽ“ بجاءِ اردوءَ جي اڪيلي ليڪچرار منظور قريشيءَ جي ”اردو ڊپارٽمينٽ“ کي بيٺڪ بڻائي ويٺس.
ائين ڪجهه سال منظور قريشيءَ جھڙي انتھائي کلمک شخص جي سنگ ۽ ساٿ ۾ گذريا ته هڪ ڏينهن هو جوانيءَ ۾ ئي دل جي دوري سبب اجل جي راههَ وٺي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو!
۽ منظور قريشيءَ جي لاڏاڻي کي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو ته ان جي خالي جاءِ تي عبدالحق ساريو اردوءَ جي ليڪچرار جو آرڊر کڻي پهتو.
انوقت مونکي حيرانگيءَ سان گڏ گهڻي خوشي انڪري به ٿي ته نِجُ ٻهراڙيءَ سان واسطو رکڻ جي باوجود عبدالحق ساريي اردوءَ ۾ نه رڳو ايم اي پاس ڪئي هئي، پر پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان به ڪواليفاءِ ڪيو هئائين.
هاڻي هو اسانجو نه صرف ڪليگ ٿي ويو، پر هوريان هوريان دوستيءَ جي دائري ۾ به داخل ٿي ويو.
پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن سان گڏ حاڪم منگي به آيو. جنهن مونکي پاسي تي وٺي وڃي چيو،”ڀائو، هي عبدالحق ساريو ڏاڍو لڄارو آهي. کيس شعروشاعريءَ سان بيحد چاههُ آهي ۽ پاڻ ڪجهه آزاد نظم لکڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين. جيڪي چاهي ٿو ته توهان جي توسط سان ڪٿي شايع ٿين. انڪري مان هي سندس پارت لاءِ ئي خاص سيڙجي آيو آهيان.“ مون حاڪم کي چيو،”اسانجو ته ڪم ئي ڏيئي مان ڏيئو ٻارڻ آهي. سو تون بي فڪر ٿي وڃ.“
ان بعد مون باضابطه طور عبدالحق ساريي جا ”آزاد نظم“ پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ڪٿي ڪٿي اصلاح جي ضرورت محسوس ٿي ته سندس رضامنديءَ سان اها به ڪيم. جنهن سان گڏ مختلف ادبي رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ هن جي شاعري به موڪلڻ شروع ڪيم. جيڪا جيئن جيئن شايع ٿيندي وئي، ته عبدالحق ۾ لکڻ جو جوش ۽ جنون تيئن تيئن وڌندو ويو.
سال سوا جي ان سرگرميءَ کانپوءِ مون عبدالحق ساريي کي وزن بحر سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، پرسدائين ناڪامي انڪري نصيب ٿي، جو هن جو ان ۾ پئسي جيترو به سکڻ جو جذبو پيدا ٿي نه سگهيو.
۽ جڏهن مون اهو ڏٺو ته پوءِ کيس رڳو ئي ”آزاد نظم“ لکڻ جو چيم. جنهن تي عمل ڪندي هن ڪيترائي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا.
عبدالحق ساريي جو لکڻ جو هي سلسلو اڳتي هلي مضمون نگاري، ڪتابن تي تبصرا، خاڪن ۽ ڪهاڻيءَ پاسي به وڌيو ۽ هن ان ڏس ۾ ايترو گهڻو لکيو، جو اهو سهيڙجي ته پنج ست ڪتاب جُڙي سگهن ٿا.
”لڙڪن جي زبان“ نالي وارو هي ڪتاب، جنهن ۾ عبدالحق ساريي جا رڳو ئي ”آزاد نظم“ شامل آهن ۽ جيڪو هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي سهيڙي ڇپائڻ لاءِ ”سرسوتي“ ساهت گهر ڏوڪري جي روح روان عيسيٰ ميمڻ جي حوالي ڪيو هو، جڏهن مهاڳ لکڻ لاءِ منھنجي ٽيبل تي آيو ته هو ڄڻ پاڻ منھنجي اڳيان اچي بيهي رهيو.
۽ اهڙي مھل ۾ منھنجي ڪيفيت ”لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي“ واري ٿي وئي. مان هن جي ڪُمھلي لاڏاڻي تي دل ئي دل ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر ڀڄي ڀُري پيس ۽ سالن جي رفاقت جا ڪيترائي واقعا ۽ يادگيريون ڏک جا ڪارونڀار ڪڪر بڻجي ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ڇانئجي ويا...“
اڙي، هي هاڻي ته هتِ ويٺو هو. کلڻو ملڻو. ڪيڏا نه ڀوڳ چرچا ٿي ڪيائين. ڪلاس وٺڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ ڪتاب کڻي ڏسو ته، تيز تيز وکون کڻندو، ذري گهٽ ڊوڙندو پئي ويو.
۽ هيءَ بورڊ توڙي امتحانن واري موسم”عبدالحق ادا، منهنجو پٽ...“ ڪو ڪليگ چوندس. ”حاضر سائين، فڪر نه ڪريو...“ عبدالحق پيارا، هي منهنجو ڀاءُ...“ ڪو واقفڪار يا دوست سنگتي منٿ ڪندس. ”پرواههَ نه ڪر...“
ائين ڪنهن به غرض ۽ لالچ کانسواءِ سڀ سان نڀائڻ وارو. انڪري هن جي دوستن جو حلقو تمام گهڻو وسيع. جتان به گذرندو. هرڪو پيو ”سائين..سائين..“  چوندس. ٻانھن ۾ هٿ وجهي چانهه يا ٿڌو ضرور پيئارڻ کان اڳ ۾ وڃڻ نه ڏيندس.
ايڏي عزت ۽ مانُ ماڻيندڙ عبدالحق، جنهن جي چھري تي سدائين خوشگواري پئي جهمريون پائيندي هئي، سو نامعلوم سبب جي ڪري اداس اداس رهڻ لڳو، ته ٽاري ٽاري، هڪ ڏينهن ٽاري نه سگهيس ۽ پڇي ويٺو مانس، ”عبدالحق، توکي ٿيو ڇا آهي، جو هيئن غمگين، غمگين رهڻ لڳو آن؟“
اکيون کڻي مونڏانھن ڏٺائين ته ٻه ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي ڳلن تي لهي آيس.
”اڙي، تون روئين ٿو چريا.“
مان سندس چهري کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو ۽  هو سڏڪن ۾ ٻڏي ويو.
گهڻي دير کانپوءِ جڏهن کيس پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿيس  ته روئڻ جو ڪارڻ پڇيومانس. پر هزارين ڪوششن باوجود  ڪجهه نه ٻڌايائين.
پوءِ ان سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ سندس ويجهي دوست ۽ رازدار پروفيسر عبدالودود ميمڻ کان پڇيم ته هميشه وانگر کلندي اهو به ڪجهه ٻڌائڻ کان لنوائي ويو.
عبدالحق جي ان اداسيءَ واري حالت پوءِ اتي دنگ نه ڪيو ۽ وڌندي وڌندي اهڙي هنڌ پهچي وئي، جو هن جي ويجها رهندڙ سڀ ماڻهو حيران پريشان ٿي ويا.
هاڻي هو ڪاليج مان گهڻيون موڪلون ڪرڻ ۽ ماڻهن جي گهماگهميءَ کان پري ۽ پاسائتو رهڻ لڳو. پنھنجي مُنهن سان روئڻ ماڻهن کان لڪائي ڳوڙها اگهڻ هن جو معمول ٿي ويو.
انھن ئي ڏينهن ۾ هڪ نما شام جو فون ڪري چيائين،”سائين، صبحاڻي پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪجهه دوستن جي دعوت جو بندوبست ڪيو اٿم، سو اوهان طالب حسين چني (جيڪو منهنجو ۽ عبدالحق جو گڏيل۽ ويجهو  دوست آهي) سان گڏ لازمي اچجو.“
۽ دعوت ۾ جو ويس ته ڇا ڏٺم، اندازن سَوَ کان مٿي ماڻهو مدعو ڪيل، جن سائين پڃل شاهه عرف پير متاري جھڙو ٻاجهارو شخص به شامل، (جنهن سان پهريون دفعو ميل ميلاپ ته اتي ٿيو، پر بعد ۾ دوستيءَ جو ناتو اڃان گهڻو گهاٽو ۽ گھرو ٿيندو رهيو آهي) ته پروفيسر منير احمد ڀٽو به پنھنجي ٽولي سميت موجود، جن ۾ ڄام جمالي، عبدالودود ميمڻ ۽ عبدالواحد ميمڻ سميت ڪجهه ٻيا ليڪچرار به شامل، ان کانسواءِ ايڊووڪيٽ عبدالنبي ساريو، حاڪم منگي، ڊاڪٽر عبدالرشيد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي تَرَ راڄ جا پڙهيل لکيل توڙي اڻ پڙهيل معتبر ماڻهو به هڪيا تڪيا حاضر هئا.
دعوت جي شروعات ۾ عبدالحق جي گهر مان مختلف ٿانون ۾ پڪل طعام سندس پٽ ڊاڪٽر امتياز، ڀاءُ عبدالرزاق ۽ ٻين پٽن جي هٿان جيئن جيئن پهچندا ويا، ته ڏسندي حيرت جو مانڊاڻ مَن کي وڪوڙي ويو. تڏهن رڙ ڪري اتي ئي عبدالحق کي چيم، ”يار، هي ته شاهي دعوت ٿي وئي.“
کلندي وراڻيائين،”اوهان سميت هي دوست به ته قيمتي آهن. سو دل ته اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي گهريو،. پر جيڪو حال حَبيبان، سو پيش پريان.“
اندازن لک رپين کان مٿي خرچ واريون اهڙيون ڪجهه ٻيون به دعوتون عبدالحق پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪيون. جن ۾ مون سميت لڳ ڀڳ ساڳين ئي ماڻهن شرڪت ڪئي.
دعوتن وارن انھن ڏهاڙن ۾ منھنجي محبوب دوست انور پيرزادي جي طفيل اسان جي سنگ ۽ ساٿ ۾ آيل دوست ۽ لاکيڻي لطيف جي ڀِٽ جا رهواسي برادي قمبراڻي ۽ الهه رکيو ملاح منهنجا مهمان ٿي آيا ۽ مهين جو دڙو گهمڻ دوران عبدالحق سان جو مليا ته هو کين زوريءَ مون ۽ طالب حسين چني سميت پنھنجي ڳوٺ وٺي هليو ۽ اهڙي خاطر توازح ڪيائين، جيڪا ياد ڪري برادي ۽ ملاح جڏهن ملندا آهن ته عبدالحق جون ساراهون ڪندي نه ڍاپندا آهن...
انھن جي سِڪ۽ حُب ۾ هڪ ڏينهن مونکي ۽ طالب کي فون ڪري چيائين،”ڀٽائي سرڪار جي صبحاڻي واري جنم ڏينهن تي ڀٽ شاهه هلڻو آهي.“
اسين سندس ان حڪم نما حُجت کي ٽاري نه سگهياسون ۽ ويگن رستي خيرپور واري پل جو دڳ وٺي ڀٽ شاهه لاءِ نڪري پياسون.
هي عبدالحق سان منھنجي حياتيءَ جو پهريون ۽ آخري سفر هو.
اسان موري پهتاسين ته اوچتو الهه رکيو ملاح منھنجي سيل فون تي چيو،”سائين برادي صاحب ۽ مون اوهان جي آمد جو انتظار پئي ڪيو ته اچانڪ برادي صاحب کي دل جو دورو پئجي ويو آهي ۽ مان کيس کڻايون حيدرآباد جي راجپوتانه اسپتال پيو وڃان.“
الهه رکيي جي ان حادثاتي اطلاع اسان ٽنهي کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ اسان پنھنجي سفر جو رخ الهه رکيي جي گهڻو ئي چوڻ جي باوجود ڀٽ شاهه بجاءِ حيدرآباد ڏانھن ڪري ڇڏيو.
راجپوتانه اسپتال ۾ برادي قمبراڻيءَ سان ملي منھنجي اکين مان لڙڪن جون لڙهون اڃان ٺهڻ مس لڳيون ته عبدالحق صفا هٿن مان نڪري ويو ۽ کيس ٻار وانگر پرچائڻ ۾ طالب ۽ مونکي ڪيترو ئي وقت لڳي ويو.
اها رات اسان برادي صاحب سان ئي راجپوتانه اسپتال ۾ گذارڻ پئي چاهي، پر براديءَ سامت ۾ اچڻ کانپوءِ چيو ،”اوهان واپس وڃو ۽ مان ٺيڪ ٿيان ته پوءِ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڇانوَ ۾ ئي ڪچهريون ڪبيون.“
ساڳي رات اسان پوءِ سيوهڻ شريف آياسون. جتي قلندر شهباز جي درگاهه تي هڪ فقير عبدلحق آڏو هٿ ٽنگيو ته هن کيسي ۾ هٿ وجهي هزار رپين جو نوٽ ان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو.
عبدالحق جي اهڙي درويشي ۽ فقيريءَ واري انتهائي حساس ۽ انسان دوست طبيعت جا ٻه مثال ٻيا به منھنجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل آهن. جن مان هڪ رزاق مهر جو لاڏاڻو ۽ ٻيو علي ڏني شر جي شهادت. (جنهن کي هي ڪتاب منسوب ڪيو اٿائين)
وڏي عرصي تائين عبدالحق انھن ٻن شخصن کي ساريندي روئي روئي راههَ پاڻين جا ڀريندو رهيو.
حياتيءَ جي بعد واري سفر ۾ به عبدالحق انھن مان رڳو ڪنهن جو نالو ئي ٻڌندو هو ته اوٻاڪين پئجي ويندو هو.
ڪاليج جي نوڪريءَ واري سڄي دور ۾ سواءِ بيماريءَ وارن ڏينهن جي، عبدالحق ڪڏهن به ڪو ڪلاس مِس نه ٿو ڪيو. سياري توڙي سانوڻ صبح جو سوير ئي پنھنجي ڳوٺ مان نڪري ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي ڏوڪريءَ لڳ چنا پل تي پهچندو هو. جتان ڪڏهن ويگن، ته ڪڏهن ڪوسٽر يا بس ۾ چڙهي ڪاليج ۾، ڪاليج ٽائيم کان به اڳ داخل ٿي ويندو هو.
۽ هن جي بيماري وري ڪهڙي؟ يعني شگر يا ذابيطس نه؟ بس، اها اهڙو ته هن ذهن تي حاوي ٿي وئي، جو هو ڀٽائي سائينءَ جي هن بيت،
اڳي ايئن هُياس، جهوڪَڪ، جهوڙا، ڪتيين،
هاڻي ايئن ٿِياس، سانجهيئڙي جيئن سُپرين
جي هوبھو تصوير بڻجي پنھنجي ذات تائين محدود ٿي ويو. محفلون، ادبي سنگتون، ماڻهن جا ميڙاڪا هن کي ڀانءِ نه پئي پيا. هو انھن جي وچ ۾ پنهنجو ساههُ منجهندو محسوس ڪندو هو . تڏهن ئي ڳوٺ ۾ يعني گهر جي اڪيلي ڪمري ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ آخري دم تائين ماڻهن جي ميلن ۾ هن جي واپسي ممڪن نه ٿي سگهي.
انھن ڏينهن ۾ طالب ۽ مان زورو ڪري هن سان ملڻ ويندا هئاسين ته اسانجا نالا ٻڌي مجبور ٿي ٻاهر نڪري ايندو هو، نه ته ٻيو ڪير به خاني خان در تي ايندو هوس ته پاڻ کي کٽ تان نه اٿڻ جهڙو ڄاڻائي، ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
عبدالحق جي يادگيرين جا اهي سلسلا سمنڊ جي لهرن وانگر بي انت آهن. جيڪي جيڪڏهن گوڏو ڀڃي لکڻ ويهجن ته چڱو خاصو ضخيم ڪتاب وجود ۾ اچي سگهي ٿو. پر هِتي جيئن ته مونکي هن جي شاعريءَ جي ڪتاب بابت پنهنجا رايا پيش ڪرڻا آهن، انڪري سوچ جورخ ڪتاب طرف موڙيان ٿو ۽ اکيون هن جي “ موت ” عنوان واري پهرين آزاد نظم تي ڄمي وڃن ٿيون. جنهن ۾ عبدالحق چيو آهي ته،
توڙي جو مان،
موت کان،
ڏاڍو ڊڄندو آهيان،
ليڪن،
جڏهن تون،
وڇڙڻ جو ڳالهيون
ڪندي آهين،
تڏهن مونکي موت ئي،
نجات جو
اڪيلو ذريعو
سمجهه ۾ ايندو آهي...
۽ ان سان لاڳيتو ٻيو نظم ”جوڪ“ ۽ ”ڪبير گناهه“ پڙهان ٿو ته عبدالحق پنھنجي ”لڙڪن جي زبان“ سان پنھنجي اندر جا بنهين ڳجها راز سليندي نظر اچي ٿو ۽ اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿو، جيڪو اسان ۽ ٻيو ڪو به ماڻهو هن کان معلوم ڪري نه سگهيو.
يعني ته ۽ ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سرتاج شاعر ڀٽائي سائين جي هن بيت جي به لڳ ڀڳ ڪيفيت ساڳي ئي آهي ته،
جي تو سِڪڻ سِکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪنجهه،
سُپريان جي سورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجهُه،
اندر ايءُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.
خبر ناهي عبدالحق جو اهو ”پرين“ ڪير هو؟، جنهن جي سور کي هن سڄي عمر “ سکائون ڪري سانڍيو ۽ ڪڏهن به ماڻهن کي ان ”اهنج“ جو ”منجهُه“ نه ڏنائين.
۽ جڏهن هو هيئن چوي ٿو،
تو چيو هو،
 ”وري ٻيهر،
ملڻ جي،
ڪوشش به نه ڪجانءِ...“
ان ويل،
ايئن لڳو هيم
تون مونکان،
زندهه رهڻ جو،
حق کسي
رهي آهين...
ته هن سورائتي سفر جي راز جوسُٽ ڪجهه وڌيڪ سلجهندي محسوس ٿئي ٿو.
ائين ڏک جي تيل ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهندي هن جا شاعراڻا احساس ”پٿرن سان پيار، نظم ۾ اظهار جو ههڙو انوکو روپ به اختيار ڪن ٿا،
جڏهن،
زماني سان گڏ،
تنهنجي نرم
۽ نازڪ هٿن ۾
پٿر ڏٺم،
انوقت کان
آءٌ،
پٿرن سان
پيار ڪرڻ لڳو آهيان...
ساڳي طرح هن جو نظم “ لهو لهان ” پڙهجي ٿو ته ڪجهه وقت لاءِ ذهن هن جي لفظن مان اڀريل درد جي اونهي عميق ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ سوچ بي اختيار ٿي هن جي ساراهه سان ڀرجي وڃي ٿي. ڏسو ته ڪيڏي نه نمرتا مان چوي ٿو:
توهان،
ڀل مونکي
لھو لھان ڪيو
ليڪن،
مان ته گلن جو،
عاشق آهيان...
هاڻي سوچيو ته سھي، ”گلن جي عاشق“ کي اسان جو زمانو ڏئي ته ڇاٿو؟ رڳو ئي پٿر ۽ لهو لهان ڪرڻ جو سامان، ٻيو ڪجهه ڀي نه.
سو آزاد نظم جي هيءَ صنف، جنهن کي منهنجو استاد انور پيرزادو ”خيال جي شاعري“ ڪوٺيندو هو ۽ جنهن سان عبدالحق پنهنجو ناتو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين جَرَ ۽ پکيءَ وارو رکيو، ان ۾ هن پنھنجي اڻکٽ سورن جون ۽ پيار واري جذبي جون سوين صورتون اڀاريون آهن ۽ پنهنجن خيالن کي لهرن وانگر لکين لباس پهرايا آهن، جنهن جو اندازو انتهائي نويڪلائيءَ ۾ هن جو زير نظر ڪتاب پڙهندي بار بار ٿئي ٿو.
ائين ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي نظر جڏهن هن جي ”ڪچو گهڙو“ نظم مٿان اچي ٿي ته ”ابوءِ“ چئي ماڻهو پنھنجو اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو. سادن سودن لفظن ۾ ڏسو ته هو فڪر سان مالا مال ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ٿو ڇڏي. چوي ٿو،
جي،
سهڻيءَ جو پيار،
پڪو نه هجي ها،
ته هوءَ،
ڪچو گهڙو کڻي.
ڪنن ۾ ڪيئن ڪاهي پوي ها....
۽ جڏهن هو زماني جي ستم ظريفيءَ تي سوچيندي پنھنجي اندر جي نفيس دنيا ۾ ڀڄي ڀري چُور چُور ٿئي ٿو ته لفظ هن جي مَنَ جي جوڳيءَ سان ”سپر مارڪيٽ“ نظم ۾ هيئن گهايل لھجي ۾ ڳالھائيندي تخليق ٿين ٿا،
او جوڳي،
پنھنجي وفا
۽ ارمان
نفسا نفسيءَ جي هن دور ۾
نفرتن جي هن سپر مارڪيٽ ۾
پيرن هيٺان
لتاڙجڻ جي لئه
ڇو رکيا اٿئي؟
هڪ هنڌ تي عبدالحق جون معصوم اکيون جڏهن مسيحا کي پنھنجي اصل منصب کان پري مال ميڙو ۽ ماڻهوءَ مار ڪاسائڪي ڪرت ۾ رڌل ڏسن ٿيون ته سندس سوچ ”ڪاسائي“ نظم ۾ هنن لفظن جو لباس پائي آڏو اچي ٿي،
او مسيحا،
بيمار ماڻهپي
جي علاج بجاءِ
تون ته هاڻي
ڪاسائي ٿي ويو آهين...
”لڙڪن جي زبان“ يعني هن ڪتاب جي ٽائيٽل وارو نظم ته ڇهن سٽن ۾ فڪري لحاظ کان انتهائي اوچي پَدَ تي بيٺل نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هو چوي ٿو،
او پرين،
اکين جا اشارا
ته خوب ٿي ڄاڻين
ڪڏهن
لڙڪن جي زبان به
سمجهندي ڪر...
هن نظم جي سادن سودن لفظن ۾ ”اکين جي اشارن“ ۽ ”لڙڪن جي زبان“ جو تضاد ڏاڍي انوکي انداز ۾ پيش ڪري شاعر هر عام توڙي خاص پڙهندڙ کان ”واهه... واهه ...“ ۽ ”داد“ ته بي ساخته ۽ ڀرپور حاصل ڪري ٿو، پر سوچيندڙ ذهنن جو ”لڙڪن جي زبان“ يعني ڳوڙهن جي ٻوليءَ طرف جيڪو ڌيان ڇڪرائي ٿو، سو نه فقط سنڌي شاعريءَ ۾ نئون ۽ نرالو آهي، پر شاعر جي زندگيءَ کي به ”لافانيت“ جي تحفي سان شاعريءَ جي تاريخ ۾ نشانبر ڪندڙ آهي.
اهڙي طرح عبدالحق ساريي جو ”معصوم حسرتون“ نظم به هن جي غير معمولي شاعراڻي اڏام کي اسان آڏو پڌرو ڪري ٿو. ڇا ته اظھار جو انداز آهي،
موٽي آءُ،
ان کان پھرين،
جو نا اميديءَ جي صحرا ۾،
معصوم حسرتون
اڃايل هرڻيءَ جيان،
ڀٽڪي ڀٽڪي مري نه وڃن...
تمام ٿورن لفظن ۾ ڪنهن اتانھين جبل جيڏي ڳالهه ڪرڻ عبدالحق جي قلم جو ڪمال آهي. هي نظم ئي پڙهو،
مون
ڪڏهن سوچيو به نه هو
ته رابيلن جھڙي
ڇوڪري
وفا جي مھڪ کان
خالي هوندي....
هن نظم ۾ ”وفا جي مهڪ کان خالي رابيلن جھڙي ڇوڪري“ جو ڪردار چند سٽن ۾ ڪنهن ضخيم ناول جو بيحد ئي ”چالاڪ“ ، ”سفاڪ“ ۽ روح کي رنج پھچائيندڙ  ۽ خوابن ۽ احساسن کي وڍيندڙ ۽ ڪپيندڙ ڪردار لڳي ٿو.
هونئن به شاعري ان کي ئي چئبو آهي. لفظن کي ائين ئي ساهه کڻڻ کپي ۽ شاعر جي دانھن ان طرح ئي گرمٽ وانگر ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي دل ۾ سوراخ ڪري داخل ٿي ويندي آهي.
”ڳڀا ڳڀا“ نظم ۾ پنھنجي ملڪ جي عدالتي وهنوار تي پنھنجو ردعمل ظاهر ڪندي عبدالحق اجهو هيئن به لکي ٿو،
مان
عدالتن ۾
انصاف کي
ڳڀا ڳڀا
ٿيندي ڏٺو آهي
۽
جتي انصاف
بي موت مري رهيو هجي
اتي
امن جو مسافر پکيئڙو
زندهه رهي سگهندو...
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عبدالحق جي نظر پنھنجي شاعريءَ واري محبوبه جي ”چنڊ چھري“ تي رهڻ سان گڏوگڏ پنھنجي اوسي پاسي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي به ساڳي گھرائيءَ واري رهي آهي ۽ هو پنھنجي سڄي شاعراڻي سفر ۾ ڪٿي به ”غفلت جي چادر“ پائي ڪنهن ”بي خبري“ جي وڻ هيٺان ستل نظر نٿو اچي.
سو روشن خياليءَ جو مثال بڻيل، يارن جي يارَ، پنھنجي اولاد لاءِ دوستن جھڙي پيءُ، پرائمري استاد کان ڪاليج ليول جي شاگردن لاءِ شفيق استاد جي سڃاڻپ رکندڙ اسانجي عبدالحق ساريي جو هي ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ ڪيترن ئي حوالن سان اسانجي سنڌي شاعريءَ ۾ خوبصورت اضافو آهي ۽ اهڙو اثاثو آهي، جنهن تي شاعريءَ جي تاريخ ناز ڪندي آهي.

[b]محمد علي پٺاڻ
[/b]لاڙڪاڻو
24 آڪٽوبر 2015ع