ننڍي کنڊ جو ماتم
چوڏهين جي چنڊ جيان،
جڳمڳائيندڙ ننڍو کنڊ!
پنهنجي ئي ريٽي رت ۾،
سوين دفعا لهو لهان ٿيو،
شاهه ڀٽائي،
سچل سرمست،
نظام الدين اولياءَ،
بابا فريد،
بلهي شاهه
۽ خواجه معين الدين چشتيءَ جو تصوف
گيڙو رتيون الفيون اوڍي،
تڏهن دنيا تياڳي ويو.
جڏهن محبتن جي پيامبر،
ڪنور ڀڳت کي،
رڪ اسٽيشن تي ڪٺو ويو هو.
۽ جڏهن ڀڳت سنگهه،
چندر شيڪر آزاد
سڀاش چندر
۽ هيمون جي لازوال قربانين
رنگ لاتو.
۽ انگريز سامراج جي
ڀوري ڪتي ڀونڪڻ بند ڪيو.
تڏهن حرامي سامراجين،
سازشن جي نئين ڪوفي،
”بئڪنگهم پئليس“ ۾ ويھي.
ننڍي کنڊ جي روح کي وڍي،
ٿالهين ۾ سجايو،
۽ ڪشمير کي اڻ نبريل ڇڏي،
هميشه هميشه لاءِ نفرتن جو ٻج ڇٽي،
نئون سامراجي روپ وٺي،
ڀيانڪ ڏند ڪڍي بڇڙا ٽھڪ ڏنا.
۽ پوءِ ڪشمير
ننڍي کنڊ جي مقدس روح ۾،
ناسور جي شڪل ورتي،
تڏهن کان،
شاهه ڀٽائي جي سپني جھڙي سنڌ
جي ڪپھه جھڙن نرم ۽ نازڪ پيرن ۾،
غلاميءَ جا زنجير،
هڪ ڀيرو وري وڌا ويا.
5 لک بنگالي ڪنواريون ناريون،
مائرون بڻجي،
انساني ضمير تي چٿرون،
ڪنديون رهيون.
اڃا ننڍي کنڊ جا لڙڪ
نه سڪا هئا ته
شيو سينا ۽ ”بي جي پي“ جو
ناجائز جنم،
نهروءَ جي سيڪيولرازم جي روح ۾،
بد نما داغ جيان پڌرو ٿيو،
جن عبادتگاهن جي تقدس کي پائمال ڪري،
بابري مسجد،
گولڊن ٽيمپل
۽ چرچن کي مسمار ڪري،
انساني ڀائيچاري جي بدن تي،
خوفناڪ جانورن جيان چڪ هنيا.
۽ ڌرتي ماتا کي رت ۾ وهنجاريو.
هينئر گجرات ۾ وري،
هندو انتهاپسنديءَ جو سوئر،
معصوم انسانيت جي ماس ۾
پنهنجا ڀيانڪ وڄ کپائي،
ان جي خوبصورت ۽ دلڪش چهري تان،
ماس روڙي،
دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت جي پَتِ کي،
وائکي ڪري رهيو آ
ايٽم بم جي خالق،
عبدالڪلام کي،
ننڍي کنڊ جي تاريخ جي روح ۾،
خوفناڪ تباهيون ڦهلائڻ لاءِ،
هندوستاني صدارت جي ڪرسي تي،
ويهاريو ويو آ،
ڏور ڪٿي،
دهلي جي ڦٽ پاٿن تي،
غريبن ۽ اڇوتن جي بستيءَ ۾،
گانڌيءَ جي ”اهنسا“ وارو نظريو
اڻڀا وار کولي،
سيني تي ڌڪ هڻي
ماتم ڪري رهيو آ.
۽ ٽيليويزن اسڪرين تي
ٻنهي ملڪن جا جنگي ماهر،
پهرين ۽ ٻئي ايٽمي حملي،
جي تباهه ڪارين جي اڳڪٿي
ايئن ڪري رهيا آهن
ڄڻ ڪنهن مزاحيه فلم جي،
پريميئر شو تي ڳالهائي رهيا هجن.....!!!