شاعري

لڙڪن جي زبان

مرحوم عبدالحق ساريو صاحب جي نظمن جو ڪتاب ”لڙڪن جي زبان“ حاضر آهي.
هو حساس دل جو مالڪ هو، هن وٽ هر انسان جو مرتبو اعلى درجي جو هو. هن وٽ ڪنھن ذات پات، مذهب، نسل ۽ دولت جي بجاءِ هڪ محبت جو پوتر جذبو هو. جنھن انسانن سان محبت جا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڇڏيا هئا. هو جڏهن پنھنجو اظھار لفظن سان نه ڪري سگهندو هو، تڏهن قلم ۽ لڙڪن جي زبان هن جي اظھار جو وڌيڪ بھتر ۽ مؤثر ذريعو هئا. هو فطرت، سماج ۽ حضرت انسان جي پوڄا جي حد تائين احترام رکندو هو.
Title Cover of book لڙڪن جي زبان

خوابن جو مقتل گاهه

خوابن جي مقتل گاهه ۾،
معصوم ۽ ماڪ ڀنل،
گلاب جي گل جهڙا،
حسين سپنا
هڪ ئي ڌڪ سان،
قتل ڪيا وڃن ٿا،
خواب!
جيڪي غريب جي زندگيءَ جو
ڪل حاصل هوندا آهن.
خواب!
جيڪي فيڪٽريءَ ۾ (OVER TIME) ڪندڙ
مزدور جي نيڻن ۾ جڳمڳائيندا آهن.
۽ جڏهن سندس مقدس پيشانيءَ تان
پگهر ڦڙا،
ترڪندا، ٿـڙندا، ٿاٻڙجندا
سندس ٿڪل ۽ اداس نيڻن ۾،
اچي ڪرندا آهن.

ته هراسيل خواب اتان به،
ڪنهن اوچتي مصيبت جي احساس کان،
آويلي مهل واهيرو ڇڏيندڙ،
پکين جيان،
اوچتو ڀڙڪو کائي اُڏري ويندا آهن.
آرسي سامهون رکي
ڀنڀور زلفن مان،
چاندني چونڊيندڙ،
غريب جي نياڻي،
جيڪا غربت سبب ڪڏهن به ڳاڙهو وڳو،
اوڍي نه سگهي،
تنهنجي نيڻن جي چائنٺ تي پھچندي ئي خواب
دم ٽوڙي ويندا آهن،
هاڻي ته اسان جي ديس ۾،
خوابن جي فصل کي به،
اُلڪن جي اڏوهي کائي وئي آهي.
۽ ساڀيائون سياهه راتين ۾،
ڪاريون ڪري ڪُٺيون ويون آهن!