مقدمو
پر آدم جي پيدائش واري قصي ۾، قرآن جي پهرين سيپاري ۽ سورتِ بقره جي شروعات ۾ ذڪر آهي ته الله تعاليٰ جنهن بنياد تي ملائڪن کان آدم ؑ کي سجدو ڪرايو سو ان جو ”شين جي علم“ ۾ برتريءَ جي ڪري هو، جيڪو ملائڪن جي محدود علم جي مقابلي ۾ گھڻو وڌيڪ هو. ” وَ عَلَّمَ اٰدَمَ الۡاَسۡمَآءَ کُلَّہَا“(البقره، آيت ٣١). گھڻن ئي قديم ۽ جديد مفسرن موجب ”اسماء“ يعني نالن جو هتي مطلب ڪائنات جون سڀئي شيون آهن ۽ ويهين صدي جي شروع ۾ مصر جي عظيم مفسر قرآن مفتي عبده مطابق علم جي اها طاقت رڳو ابو البشر حضرت آدم ؑ کي عطا نه ٿي هئي پر سموري انسانيت جي فطرت ۾ شامل ڪئي وئي هئي ۽ انهيءَ جي ئي بنياد تي انسان کي سموري مخلوق مان سڀ کان افضل ۽ اشرف قرار ڏنو ويو.
وَ لَقَدۡ کَرَّمۡنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ وَ حَمَلۡنٰہُمۡ فِی الۡبَرِّ وَ الۡبَحۡرِ وَ رَزَقۡنٰہُمۡ مِّنَ الطَّیِّبٰتِ وَ فَضَّلۡنٰہُمۡ عَلٰی کَثِیۡرٍ مِّمَّنۡ خَلَقۡنَا تَفۡضِیۡلًا ﴿٪۷۰﴾
”۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين خشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ (سوارين تي) کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زياده مانَ وارو ڪيوسون“
(سورتِ بني اسرائيل، آيت ۷۰)
ڪائنات ۽ حياتيءَ جي باري ۾ قرآن ۾ ايتريون ته رمزون ۽ حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن جو انهن کي شمار ۾ آڻڻ مشڪل آهي. جيئن جيئن انسان جو علم وڌندو ويندو تيئن تيئن انهن حقيقتن جا راز ظاهر ٿيندا ويندا. ڇو ته قرآن ۾ زمين تي هلندڙ توڙي ريڙهيون پائيندڙ هر جيت جڻي ۽ ٻن پرن سان اڏامندڙ هر پکيءَ کي، انسانن وانگر قومون سڏيندي فرمايو ويو آهي: ”مَا فَرَّطۡنَا فِی الۡکِتٰبِ مِنۡ شَیۡءٍ“ يعني ”اسان پنهنجي ڪتاب ۾ هر شيءِ جي ذڪر ۾ ڪابه کوٽ نه رکي آهي.“ (سورت الانعام، آيت ٣٨)
انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڪائنات ۽ حياتي جي باري ۾ سڀئي اصولي ڳالهيون قرآن ۾ بيان ڪيون ويون آهن.
شروع واري زماني جي مسلمانن کي اهڙين ئي سائنسي حقيقتن رياضياتي، طبعياتي، فلڪياتي ۽ حياتياتي علمن ڏانهن متوجه ڪيو ۽ اڄ کان هن سؤ سال اڳ يوناني ۽ هندي علمن جي يلغار جي سامهون نه ته اهي بيوس ٿيا ۽ نه ئي اهي علم انهن جي ايمان کي لوڏي سگھيا. اڃا به قرآن انهن علمن ۾ کين حيرت ۾ وجھي ڇڏڻ جي حد تائين انهن کي ترقيءَ ۾ هٿي ڏني.
محمد بن موسى الخوارزمي، جيڪو عباسي خليفي مامون واري دؤر، يعني نائين صدي عيسوي جي شرعات ۾ هڪ نمايان رياضي دان، ماهر فلڪيات ۽ جاگرافي نويس هو ۽ جنهن کي اسلام ۾ الجبرا جو ابو آدم سمجھيو ويندو آهي، سو پنهنجي مشهور ڇاپيل عربي ڪتاب ”الجبر والمقابله“ ۾ چوي ٿو ته آئون هي ڪتاب انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان ته وراثت ۽ واپار جي جن مسئلن جو ذڪر قرآن ۾ آهي، تن کي آسانيءَ سان حل ڪري سگھجي. انهيءَ ڪتاب، جيڪو وچين دؤر ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، يورپ وارن کي اُن علم سان روشناس ڪرايو ۽ انهيءَ بنياد تي اُن جو نالو ئي ”الجبرا“ پئجي ويو، جيڪو اصل ۾ انهيءَ عربي لفظ ”الجبر“ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ انهيءَ جي نالي تي حساب جي هڪ خاص طريقي کي لاطيني ۾ alogorismus ۽ انگريزيءَ ۾ ڦيرائي algorithm لکيو ويو. اهي سڀئي الخوارزميءَ جون بگڙيل شڪليون آهن. اهڙيءَ طرح چوٿين صدي هجري ۾ ابوالعباس فرغاني ۽ ان کان پوءِ ساڳي صدي ۽ پنجين صدي هجري جي شروعات ۾ ابو ريحان البيروني دنيا جي عظيم ترين سائنسدانن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ البيروني ته پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ وسعت جي ڪري انهن سڀني مان نمايان سائنسدان هو. ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو پنهنجي سائنسي ڪتابن ۾ به قرآني آيتن کي ڪثرت سان استعمال ڪندو هو. ان جو هڪ مثال قيمتي پٿرن ۽ ڌاتن جي باري ۾ سندس مشهور ۽ عظيم ڪتاب ”الجماهر في معرفة الجواهر“ آهي. مسلمان سائنسدانن کي جيتوڻيڪ قرآن ۽ سائنسي علمن ڏانهن راغب ڪيو، پر انهن جو موضوع قرآن نه هو. جيستائين اسان جي قديم مفسرن جو تعلق آهي، انهن قرآن ۾ موجود ڪائنات جي باري ۾ آيل آيتن اندر زمين ۽ آسمان جي تخليق، سج ۽ چنڊ، تارن ۽ ڪتين، رات ۽ ڏينهن جي ڦيرگھير، سمنڊن، فضائن، خشڪي ۽ پاڻيءَ جي مخلوق وغيره جي تفسير ڪندي انهيءَ ئي معلومات کي ذڪر ڪري ڇڏيو، جيڪو يوناني علمي ورثي جي ترجمي جي نتيجي ۾ انهن کي مليو هو. بطليموسي فلڪياتي نظام، جيڪو ٻين صدي عيسوي کان سترهين صدي عيسوي تائين يورپ ۾ رائج هو، سو ئي مسلمانن ۾ به مڃيل هو ۽ انهيءَ بنياد تي قرآني آيتن جي اهڙي تفسير ڪئي وئي ته زمين ڪائنات جو مرڪز ۽ غير متحرڪ آهي ۽ سج ۽ چنڊ تارا انهيءَ جي چوڦير گردش ڪن ٿا. جڏهن ته قرآن ۾ اهڙي قسم جي ڪابه چٽائي موجود نه آهي. پنجين صدي جي شروعات ۾ هڪ مسلمان رياضيدان ۽ انجنيئر اهو نظريو پيش ڪيو هو ته سج اسان جي نظام جو مرڪز آهي ۽ زمين ۽ ٻئي سڀئي گرهه انهيءَ جي چوڦير چڪر هڻندا رهن ٿا. پر افسوس جو اهو نظريو، جيڪو پنهنجي وقت کان گھڻو اڳ هو، اُن وقت مڃوتي حاصل نه ڪري سگھيو. ابو ريحان البيروني پنهنجي بي مثال ڪتاب ”الآثار الباقيه“ ۾ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان پوءِ ڪوپرنيڪس ۽ گاليليو جي تحقيقن جي نتيجي ۾ آخرڪار سترهين عيسوي ۾ انهيءَ نظريي عام قبوليت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي فلڪيات جي ماهرن کي پنهنجي انهيءَ کوجنا جي نتيجي ۾، جيڪا قديم مسلمان عالمن جي نظرين تي ٻڌل هئي، يورپ وارن جي طرفان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
بغداد جي زاول کان پوءِ عام طور تي مسلمان علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پستي جو شڪار رهيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ڪو اهڙو عالي دماغ پيدا ٿيندو رهيو، جنهن ڪنهن خاص علمي ميدان ۾ نين حقيقتن جو انڪشاف ڪيو ٿي، جيئن چوڏهين صدي ۾ غرناطه ملڪ جو وزير لسان الدين الخطيب، جنهن تجربي ۽ مشاهدي سان علمي طور اهو ثابت ڪيو ته ڪوڙهه هڪ وچڙندڙ مرض آهي ۽ انهيءَ جو علاج ممڪن آهي. جڏهن ته ان وقت تائين يورپ ۾ اهو مرض هڪڙي آسماني آفت سمجهيو ويندو هو ۽ ان جو انهن وٽ ڪوبه علاج نه هو. يا وري ارڙهين صدي عيسوي ۾ اسلامي هندستان جو شاهه ولي الله، جنهن قومن جي عروج ۽ زوال جي سببن تي مجتهداڻو بحث ڪيو ۽ هڪ Orignal نظريو پيش ڪيو.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ مصري عالم طنطاوي جوهري (1870ع – 1940ع)، جنهن جامعه ازهر ۾ تعليم پرائي ۽ ان کان پوءِ انگريزي ٻولي پڙهي ڪجھه مغربي علمن جو به مطالعو ڪيو هو، پنهنجي ضخيم تفسير ”الجواهر في تفسير القرآن“ ۾ ڪائنات ۽ اُن جي تخليق جي باري ۾ آيل آيتن تي انتهائي تفصيل سان ۽ سائنسي انداز ۾ روشني وڌي آهي. پر هڪ ته هو سائنسدان نه هو. ٻيو ته سندس هڪ شاگرد استاذ حنفي احمد چواڻي هُن انهيءَ ۾ ”ايترو ته مبالغي کان ڪم ورتو آهي جو ڪيترين ئي قرآني آيتن جي اهڙي معنى بيان ڪئي اٿن جيڪا حقيقت ۾ ايئن نه هئي.“ اهو ئي سبب آهي جو ٿورڙي ئي عرصي کان پوءِ ان جي انهيءَ تفسير جي مقبوليت ختم ٿي وئي. هو پنهنجي انهيءَ تفسير جو مستقل اثر نه ته عالمن تي ڇڏي سگھيو ۽ نه ئي وري سائنسدانن تي.
ويهين صدي جي مصري سائنسدانن مان ڪيميسٽري جي پروفيسر محمد احمد الغمراوي (فارميسي ڪاليج، قاهره يونيورسٽي) ۽ هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر عزيز پاشا پنهنجن ڪتابن ۾ قرآن جي ڪجهه اهڙين آيتن تفسير جن جو تعلق سائنس يا ميڊيسن (طب) سان هو. انهن مان پهرين پنهنجي ڪتاب ”سنن الله الڪونيته“ (الله تعالى جو نظامِ ڪائنات) ۾ قرآن جي ڪجھه اهڙين آيتن جي عمدي سائنسي ۽ تفصيلي تفسير بيان ڪئي، جنهن جو تعلق Meteorology سان آهي. جڏهن ته ٻئي وري پنهنجي ڪتاب ”الاسلام و الطب الحديث“ (اسلام ۽ جديد طب) ۾ ڪائنات جي باري ڪجھه آيتن جي تفسير ڪندي انهن کي قرآني معجزو سڏيو آهي.
ان کانسواءِ ترڪي جي هڪ اهم شخصيت غازي احمد مختار پاشا (1832ع – 1919ع)، جيڪو ترڪ فوج جو اعلى آفيسر هو ۽ پوءِ سلطنت عثمانيه ۾ صدر اعظم (وزير اعظم) جي عهدي تي رهيو. پاڻ ترڪي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ڪتاب ”رياض المختار“ ۾ ڪائنات جي باري ۾ سائنسي انداز سان ڪجھه آيتن جي تفسير ڪئي اٿن. پر عربي ٻوليءَ ۾ ڪائنات جي باري ۾ لڳ ڀڳ هڪ سائنسدان جي قلم سان سڀني قرآني آيتن جي ڪيل تفسير آهي ”التفسير العلمي للآيات الکونيته في القرآن“ (ڪائنات جي باري ۾ قرآني آيتن جي سائنسي تفسير). انهيءَ جو لکندڙ استاذ حنفي احمد آهي، جنهن پنهنجي مصري تعليم کانسواءِ برطانيا جي درهم (Durham) يونيورسٽي مان به سائنس ۾ بي – اي آنرز ڪيو هو ۽ پوءِ مصر ۾ ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ٿي رهيو. هن جي اها تفسير جيڪا وڏي سائيز جي 454 صفحن تي ٻڌل آهي، ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ قاهره جي سڀ کان مشهور اشاعتي اداري دار المعارف وارن طرفان ٻه دفعا ڇپجي چڪي آهي. مون وٽ انهيءَ جو ٻيو ڇاپو موجود آهي جيڪو ٽي سال اڳ مون قاهره مان خريد ڪيو هو. افسوس آهي جو ڪتاب ۾ اشاعت جي تاريخ جو ڪوبه ذڪر نه آهي. منهنجي نظر ۾ هن وقت تائين انهيءَ موضوع تي لکيل ڪتابن ۾ اهو سڀ کان ڀلو ڪتاب آهي ۽ مان گھڻو ڪري انهيءَ مان لاڀ فائدو حاصل ڪندو رهندو آهيان.
پر جڏهن کان مون پنهنجي محترم دوست سيد فيروز شاهه گيلاني صاحب جي مهربانيءَ سان ڊاڪٽر نور باقي جو ڪتاب ”قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون“ ڏٺو آهي، تڏهن کان منهنجي سامهون ڄڻ ته هڪ نئين دنيا کُلي پئي آهي. ڊاڪٽر نور باقي، جيڪو هڪ Oncologist آهي، جنهن اونهائي ۽ جامعيت سان قرآن ڪريم جي انهن پنجاهه آيتن جي سائنسي تفسير ڪئي آهي، جيڪا زمين ۽ آسمان جي پيدائش، انسان جي پيدائش، زمين، جبلن، ستن آسمانن ۽ هوائن ۾ لڪيل اسرارن، ماءُ جي ڳنڀيرڻ، پاڻي حياتياتي قوت، دل جي حقيقت وغيره جهڙن پنجاهه موضوعن بابت آهي. اهڙي تحقيق اڄ تائين ڪنهن به سائنسدان نه ڪئي آهي. مصري ليکڪ احمد حنفي جو ڪتاب جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نور باقي جي لکيل ڪتاب جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو آهي، پر احمد حنفي جي معلومات ڊاڪٽر نور باقي جي معلومات جي ڀيٽ ۾ ڪافي پراڻي ٿي چڪي آهي. ٻيو اهو ته جن موضوعن تي ڊاڪٽر نور باقي بحث ڪيو آهي ۽ قرآن جي جن آيتن کي پنهنجي جاکوڙ ۽ بحث جو محور بڻايو آهي، انهن تي مٿي ذڪر ڪيل مصري ليکڪ ڪابه روشني نه وڌي آهي.
ٻي ڳالهه اها ته گذريل چاليهن پنجيتاليهن سالن ۾ ڊاڪٽر نور باقي چواڻي: Astrophysics جي نالي سان هڪ نئون علم وجود ۾ آيو آهي. اهڙي طرح Radiology ۽ Radiotherapy جهڙا نوان علم ۽ علاج جا نوان طريقا وجود ۾ آيا آهن. ڊاڪٽر نور باقي انهن نون علمن کي نظر ۾ رکندي منتخب ڪيل قرآني آيتن جي سائنسي تفسير ۾ تمام گھڻو لاڀ پرايو آهي.
ليکڪ جيڪا بي مثال پهرين ابتدائي تحقيق پيش ڪئي آهي، ان ۾ سورتِ الاعلى جي آيت نمبر ٥ (فَجَعَلَہٗ غُثَآءً اَحۡوٰی ؕ﴿۵﴾) ۾ قرآن جي تيل جي باري ۾ پيشن گوئي ٿيل آهي. اهڙي طرح سورتِ يٰس جي آيت نمبر ٣٦ (مِّنَ الشَّجَرِ الْاَخْضَرِ نَارًا) ۾ آڪسيجن جي باري ۾ قرآني پيش گوئي آهي. ساڳي طرح سورتِ الحجر جي آيت نمبر ١٩ (وَاَنْۢبَتْنَا فِيْہَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُوْنٍ) ۾ زمين جي حيرت انگيز ڪمپيوٽري نظام جو استنباط ۽ ٻيا انتهائي اهم موضوع آهن.
نه رڳو ايترو پر ڊاڪٽر نور باقي نج مذهبي يا اسلامي عقيدن کي به سائنسي انداز ۾ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو انتهائي ڪامياب نظر اچي ٿو. انهن ۾ وضو، روزي، دوزخ، جنت جي اسرارن، الله تعالى جي رب العالمين هئڻ جا اسرار ۽ سورتِ العصر جي تفسير ۽ حضرت عيسى ۽ آدمؑ جي تخليق وغيره جهڙا موضوع شامل آهن. اها ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي آهي ته ترڪي ۾ ڪمال اتاترڪ جي زماني کان قرآن جي عربيءَ ۾ ڇپائيءَ جي منع ٿيل هئي ۽ قرآن لاطيني حرفن ۾ ڇاپيو ويندو هو. سن 1950ع ۾ جڏهن ڪمال اتاترڪ جي چونڊن ۾ هارجي وڃڻ کان پوءِ صدر جلال بايار ۽ وزير اعظم عدنان مندريس جي حڪومت قائم ٿي ۽ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پهريون دفعو عربيءَ ۾ آذان جو آواز گونجيو ته مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪڙي ترڪ مسلمان دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ مان مڪي مڪرمه ۾ رهيل هيس. ان سان گڏوگڏ ترڪيءَ ۾ عربي ٻولي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهڻ جي اجازت ملي. انهيءَ کان ٽيهه پنجٽيهه سالن کان پوءِ هڪ وڏي عمر واري ترڪي خطاط حامد الآمدي عربيءَ ۾ انتهائي خوبصورت خط ۾ قرآن لکيو ۽ اهو 1974ع کان وٺي ترڪيءَ ۾ ڇپجي رهيو آهي ۽ هاڻي ترڪيءَ ۾ هڪ نئون نسل پيدا ٿي ويو آهي جيڪو اصل عربيءَ ۾ قرآن پڙهي سگھي ٿو ۽ هزارين قرآن جا حافظ ٻيهر پيدا ٿي پيا آهن. ڊاڪٽر نور باقي گھڻو ڪري انهيءَ ئي نئين ٽهي منجھان آهي. بنيادي طور تي جيئن مون پهريان به عرض ڪيو آهي ته هو نه رڳو هڪ سائنسدان، پر ميڊيڪل سائنس جي هڪ نئين مضمون Oncology ۾ ماهر آهي. ان سان گڏوگڏ هو الله تعالى جي فضل سان قرآن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪندڙ ۽ هڪ ايمان وارو ماڻهو آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اصل ڪتاب ۾ موضوع نمبر 33 ۾ ليکڪ کان هڪ ڀل ٿي وئي آهي. اها هيءَ ته هن عاد جي قوم ۽ هود ؑ جي قوم کي الڳ الڳ قوم ڪري ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هود هڪڙي نبيءَ جو نالو آهي ۽ عاد وري ان جي قوم جو نالو آهي. انهيءَ باري ۾ جيڪا قرآن جي آيت آئي آهي، انهيءَ ۾ ليکڪ کي لوطؑ ۽ هودؑ جي قوم جي باري ۾ مونجھارو ٿي پيو آهي. اهي ٻئي قومون هڪ ئي عذاب يعني مينهن جي ذريعي تباهه نه ٿيون هيون، لوطؑ جي قوم پٿرن جي مينهن سان تباهه ڪئي وئي هئي جڏهن ته هودؑ جي قوم، جنهن کي قرآن ۾ عاد جي قوم جي نالي سان سڏيو ويو آهي، سا انتهائي تيز ٿڌي آنڌاري يا ڪن مطابق گرم طوفان سان تباهه ٿي.
لوطؑ جي قوم، جنهن تي پٿرن جو اهڙي طرح مينهن وسيو جو الله تعالى زمين جي مٿاڇري کي مٿي ڪري ان کي اونڌو ڪري ڪيرايو هو، انهيءَ جو ذڪر سورت هود جي آيت نمبر 82 ۾ انهن ئي لفظن ۾ آهي. اهو سدوم جو شهر هو جيڪو اردن جي اولهه ۾ مردار سمنڊ جي ويجھو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 500 ميٽر اونهو آهي ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته مردار سمنڊ (Dead Sea) انهيءَ عذاب واري واقعي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو.
هن ڪتاب جي گذريل ڇاپن ۽ اصل انگريزي ڪتاب ۾ انهيءَ باري ۾ جيڪو لکيو آهي ته لوط ؑ جي قوم جا بت پرست ڪڪر ڏسي خوش ٿيا هئا، سا ڳالهه صحيح نه آهي. انهيءَ حوالي سان قرآن (سورتِ الاحقاف آيت ٢٤) عاد قوم جو ذڪر ڪيو آهي. موجوده ڇاپي ۾ انهيءَ جي اصلاح ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي انهيءَ صفحي تي ڪيترين ئي قومن جي تباهيءَ جو سبب قرآن جي حوالي سان هڪ سخت آواز جي ڌماڪي کي ڄاڻايو ويو آهي، سا ڳالهه به صحيح نه آهي. قرآن جي مطابق (سورتِ هود، آيت ٦٧ ۽ ٻيون آيتون) قوم ثمود کي سخت آواز جي ڌماڪي سان برباد ڪيو ويو هو، جڏهن ته نوحؑ جي قوم، لوطؑ جي قوم وغيره مختلف قسمن جي عذابن سان تباهه ڪيون ويون.
صفحي نمبر 185 تي (سورتِ الحاقه آيت نمبر٦) جي حوالي سان سخت ٿڌي ۽ تيز طوفان ذريعي قومِ عادم جي تباهيءَ جي لاءِ ليکڪ کي وچ اوڀر ۾ انتهائي يخ ٿڌي هوا جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ سائنسي تحقيق جو هڪ تڪليف ڏيندڙ سهارو وٺڻو پيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪيترن ئي قديم ۽ جديد مفسرن قرآن جي لفظ (ريح صرصر) جو مطلب سخت ٿڌي هوا يا طوفان ورتو آهي، پر گڏوگڏ ٻين مفسرن جهڙوڪ زفخشري وغيره ان جون ٻئي معنائون بيان ڪيون آهن. انهيءَ سورت جي آيت نمبر ٧ ۾ آهي ته اُن سخت طوفان جي ڪري، جيڪو ست ڏينهن ۽ اٺ راتيون ساندهه هلندو رهيو، سڀئي ماڻهو کجيءَ جي ٿڙن وانگر زمين تي مئا پيا هئا. ڪجھه مفسر انهيءَ جي معنى گرم هوا به لکن ٿا ۽ اُن جي تائيد انهيءَ صحيح حديث مان به ٿئي ٿي جنهن ۾ ”نصرت باصبا و اهلکت عاد بالدبور“ يعني الله تعالى طرفان صبح جي ٿڌڙي هير جي ذريعي منهنجي تائيد ڪئي وئي ۽ عاد وارن کي واهوندي هوا جي ذريعي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ اها اولهه کان لڳندڙ هوا ڏاڍي گرم ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح مسئلو هوا جي ٿڌ جو نه پر انتهائي تيز رفتار طوفان جو هو، جنهن پوري وسندي کي پٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙيون گرم هوائون وچ اوڀر ۾ گھلنديون رهنديون آهن. خدائي عذاب جي ذريعي انهن ۾ ايتري حد تائين تيزي ۽ هڪ هفتي جو تسلسل پيدا ڪيو ويو هو جنهن انهيءَ قوم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر نور باقي جو هي ڪتاب پهريون دفعو سن 1985ع ۾ ترڪي ۾ ڇپيو هو. اصل ڪتاب ترڪي ٻولي ۾ هو. اُن جو انگريزي ترجمو ترڪي جي هڪ مذهبي اداري طرفان شايع ٿيو هو. پاڪستان ۾ سيد فيروز شاهه گيلاني صاحب انهيءَ جو انگريزي ترڪي ترجمو ڇپرايو ۽ پوءِ اُن تان اردو ترجمو پڻ ڪيائين. اهڙي طرح هن ڪتاب کي پاڪستان ۾ به روشناس ڪرايو. هو اسان جي شڪرگذاري جو مستحق آهي جو هن اهڙي بينظير ۽ لاڀائتي ڪتاب کان پاڪستان وارن کي واقف ڪيو. پاڻ اردو ترجمي ۾ هڪ اهم واڌارو اهو ڪيو اٿائون جو ڪتاب ۾ اصل قرآني آيتون به ڏنيون اٿائين.
هن ڪتاب جي پڙهڻ سان هڪ احساس اهو به پيدا ٿئي ٿو ته هن جي لکندڙ جي دل هڪ سداحيات ايمان سان ڀريل آهي ۽ انهيءَ ئي ايمان ليکڪ جي لاءِ ڪائنات جي رازن کي سمجھڻ سؤلو ڪري ڇڏيو آهي. سن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي اڪيڊمي آف سائنس جي چيئرمين اي سي موريسن (Morison) جو ڪتاب Man does not Stand Alone ڇپيو هو، جنهن جو عربي ترجمو ”العلم يدعو الي الايمان“ (سائنس ايمان جي دعوت ڏئي ٿي) جي نالي سان ڇپيو هو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ڪائنات جي سوين مظهرن ۽ حيوانن جي عجيب ڳالهين کي پيش ڪري ثابت ڪيو ته اهو سڀ ڪجھه سمجھه کان وڌيڪ سگھه رکڻ واري خالق جي تخليق کان سواءِ ممڪن نه آهي. هن ڪتاب ۾ سڀئي ڳالهيون قرآني حقيقتن طور ثابت ڪيون ويون آهن ۽ اها ئي انهيءَ جي خاص ڳالهه آهي. وفوق کل ذي علم عليم.
[b]پروفيسر سيد رضوان علي ندوي
[/b] 20 ڊسمبر 1998ع