مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 10 زمين ۾ قوت جو راز

وَ اٰیَۃٌ لَّہُمُ الۡاَرۡضُ الۡمَیۡتَۃُ ۚۖ اَحۡیَیۡنٰہَا وَ اَخۡرَجۡنَا مِنۡہَا حَبًّا فَمِنۡہُ یَاۡکُلُوۡنَ ﴿۳۳﴾
”انھن ماڻهن جي لاءِ مئل زمين هڪ نشاني آهي. اسان انهيءَ کي جيئرو ڪيو ۽ انهيءَ مان اَن ڪڍيو جنهن کي اهي کائن ٿا.“ (يٰس: ٣٣)

ان کان اڳ جو اسان هن آيت جي اصل موضوع تي بحث ڪريون، اچو ته پهريان انهن نڪتن جي نشاندهي ڪريون ٿا جيڪي هن آيت ۾ سائنس جي باري ۾ آهن.
1. هن ۾ لفظ ”مئل زمين“ استعمال ٿيو آهي نه ڪي ”مئل مٽي.“ مطلب جي اصل ۾ اشاري طور زمين جي سڀني قسمن جي مٽي ٻڌائي وئي آهي.
2. آيت ۾ اهو فرمان ته ”اها نشاني آهي“ الله تعالى جي حڪم ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.
3. اسان جي ڄاڻ موجب شروعاتي قدرتي حالت ۾ زمين ڪنهن به قسم جي جاندار مخلوق کان خالي هئي.
4. هن آيت سڳوريءَ جي ذريعي اهو اعلان ڪيو پيو وڃي ته مٽي، جيڪا پنهنجي سطح تي مئل نظر اچي ٿي، اصل ۾ جيئري آهي. رڳو انهيءَ کي هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته هيءَ آيت پنهنجو پاڻ ئي هڪ معجزو آهي. ڇو ته اڄ کان رڳو هڪ سؤ سال اڳ ئي اها کوجنا ٿي ته مٽيءَ جي اندر جيئري مخلوق يعني انتهائي ننڍڙا جسم (Organisms) ملن ٿا. اها رڳو چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته اها به کوجنا ٿي ته لڳ ڀڳ سموري زميني مٽي جو 80 سيڪڙو، بيڪٽيريا جراثيمن تي ٻڌل آهي. اهڙي طرح اها مٽي جيئري مخلوق جو ڳڙهه آهي.
5. آيت جي ٻئي حصي جي حساب سان حباً مان سايون ڀاڄيون، خاص ڪري اَنُ مراد آهي؛ جيتوڻيڪ حباً عام طور هڪ ننڍڙي جسم يا ذري کي ظاهر ڪري ٿو. اسان آيت جي اندروني معنى انهيءَ پاسي کان ڏسنداسين.
6. هيءَ آيت سڳوري اهو به اعلان ڪري ٿي ته مٽيءَ جي ذريعي زندگي ٻوٽن تائين پهچي ٿي ۽ اتان کان اها اسانجي زندگين جي آهي جيڪا حياتياتي ڪيميا (Biochemistry) جي نقطي نظر کان تمام اهم ڳالهه آهي.
جيتوڻيڪ هن آيت جو لفظ ”حباً“ عام مفهوم ۾ استعمال ٿيو آهي پر اهو ته انهيءَ کي کاڌو نه ويندو آهي. جڏهن ته وات جي وسيلي اها خبر پوي ٿي ته انهيءَ کي کاڌو ويندو آهي، انهيءَ جي ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ خوارڪ کي ثابت ڪيو ويو آهي.
هن آيت پاڪ کي، انهيءَ جي بارڪين سميت سمجھڻ جي لاءِ اسان کي زندگي ۽ توانائي جي بنيادي نظرين کي، سڀ کان پهريان سمجھڻ گھرجي. ڇو ته گذريل ڪجھه سالن ۾ توانائيءَ جو زندگيءَ بابت نظريو گھڻي ڀاڱي بدلجي، پنهنجي اندر لڪيل معنى جي بلڪل ويجھو اچي ويو آهي. ماضيءَ وارو حياتياتي علم هاڻي گھڻو پوئتي رهجي ويو آهي.
زندگي هڪ رياضياتي پروگرام آهي جيڪو تمام وڏي ڪيميائي ماليڪيول تي لکي ڇڏيو ويو آهي. قرآن اها حقيقت، جيڪا هاڻي معلوم ٿي آهي، چوڏهن سؤ سال اڳ انهيءَ ارشاد جي ذريعي ظاهر ڪري ڇڏي هئي ته ”اسان ان کي پاڻيٺ جي هڪ ڦڙي مان پيدا ڪيو. اسان انهيءَ کي صورت ڏني.“ (سورت عبس، آيت نمبر19)
الله تعالى مٽيءَ ۾ نائٽروجن مهيا ڪري سڀ کان پهريان جراثيم (Bacteria) پيدا ڪيو. ڪيميائي لحاظ کان هي ليباٽري جا محلول (Synthesis) آهن. يعني اهي هوا کان نائٽروجن وٺي گرفت يعني جوهري ميلاپ جي طاقت استعمال ڪندي، مرڪبَ تيار ڪرڻ جو عمل آهي. اهي جراثيم نائٽروجن کي اهڙي طرح استعمال ڪن ٿا جو هائيڊروجن سان ملي هڪ ٿي ويندا آهن. انهيءَ مقصد جي لاءِ انهن کي پاڻي ۽ مينهن جي ضرورت ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري اسان ڏسون ٿا ته مينهن وسندي ئي مٽيءَ مان ڄڻ ته زندگي ڦٽي پوندي آهي.
ٻئي قسم جا زميني جراثيم (Bacterias)، جن کي تجزياتي گروپ (Analytical Group) چوندا آهن، قدرت جي نظام موجب هڪ خاص عمل ڪن ٿا. اهي هر شيءِ کي، جيڪا زمين تي ڪري ٿي، ٽوڙي مروڙي، محلول ٺاهي جراثيمن جي لاءِ مرڪب تيار ڪرڻ (Synthesizing) جو رستو ٺاهيندا آهن. نتيجي طور مٽي هڪ عظيم ڪيميائي ڪارخاني سان هڪجهڙائي رکي ٿي. جيڪڏهن ان مان پاڻيءَ کي ڪڍيو وڃي ته مٽي جي هڪ گرام جو گھڻو حصو جراثيمن (Microbes) تي مشمتل هوندو آهي.
ٻوٽن جي علم ۾ مٽي کي مڪمل طور تي هڪ جيئرو ڍانچو سمجھيو ويندو آهي؛ يعني زمين تي زندگيءَ جي شروعات کان ئي مٽي کي هڪ زنده حقيقت طور مڃيو ويو آهي. هن آيت پاڪ جو هڪ معجزو اهو به آهي ته هن اسان کي اها ڄاڻ چوڏهن سؤ سال اڳواٽ ئي ڏئي ڇڏي هئي.
جيئن ته هاڻي زندگيءَ جو نظريو سمجھه جوڳو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري هاڻي مان پنهنجي بحث کي هڪ ٻئي اهم موضوع ڏانهن کڻي وڃان ٿو.
جيئن توهان ڄاڻو ٿا ته غير مسلم ۽ بي دين ماڻهو ڪيئن نه حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي، مختلف جيتن جڻين ۽ جراثيمن جي پيدائش جي باري ۾ ماڻهن جي ذهنن کي مونجھاري ۾ وجهي ڇڏين ٿا. بي دينن چواڻي: زمين تي مخلوق جي شروعات هڪ جيو گھرڙي (Cell) کان ٿي ۽ ارتقا جي ذريعي پيدائش جو عمل ٻوٽن ۽ مختلف قسمن جي جاندارن جي پيدائش جي صورت ۾ وڌندو ويو. انهيءَ کي ارتقا جو نظريو (Theory of Evolution) سڏيو ويندو آهي. انهيءَ جي ڪري ڪيترائي ئي اٻوجھه ذهن حيران ٿي وڃن ٿا. الله تعالى جا بيان ڪيل زندگيءَ جا ڪم، جيڪي مٽيءَ کي جيئرو ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح ٻجن مان ٻوٽن جي پيدائش، ارتقا جي نظريي جي بلڪل خلاف آهي. قرآن ۾ ڏنل حقيقتون بلڪل صحيح آهن، جڏهن ته ٻيا نظريا بلڪل غلط آهن.
پيدائش جو ارتقائي نظريو اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيئن ته اڳي ئي بيان ٿي چڪو آهي ته اهو سمجهيو ويندو هو ته زنده مخلوق مختلف ڪيميائي ڍانچن تي مشتمل هئي. ننڍي مخلوق ننڍن ڪيميائي مرڪبن واري هئي، جڏهن ته وڌيڪ ڏکيائين واري مخلوق جي لاءِ اهي مرڪب مختلف هئا. جيو گھرڙي (Cell) جي اندر رياضياتي پروگرام جو موجود هئڻ ڪنهن جي به علم ۾ نه هو. جيتوڻيڪ حياتياتي ڍانچي جي ارتقا پهرين وک سمجھيو ويندو هو پر حقيقت ۾ مخلوقات جي وڌڻ جي سلسلي ۾ اختلاف هڪ رياضياتي پروگرام ۾ موجود هئا. انهن پروگرامن جي بلڪل بي عيب هئڻ ۾ ڪوبه سوال نه آهي ۽ نه ئي انهيءَ مان ڪنهن ارتقا جو ثبوت ملي ٿو. جڏهن ته هڪ جيو گھرڙو صفرا (Bile) جي مدد سان ۽ زمين ۾ نائٽروجن ٺاهڻ وارا جراثيم پنهنجو پنهنجو عمل ڪن ٿا ته اهو چوڻ ڏکيو نه آهي ته انهن مان ڪهڙو وڌيڪ اهم عمل ڪري ٿو. بهرحال علم ڪيميا جي حساب سان نائٽروجن کي هائيڊروجن سان ڳنڍڻ يا ملائي هڪ ڪري ڇڏڻ گھڻو ڏکيو عمل آهي. اهڙي طرح بيڪٽيريا کي سڀ کان سادي مخلوق سمجھيو ويندو آهي، پر ان جو ڪم نه ته تنتي نظام ئي ڪري سگھي ٿو، جيتوڻيڪ اها جراثيمن جي ترقي يافته شڪل آهي؛ ۽ نه ئي ڪا انساني ڏاهپ. مثال طور جڏهن ڪيڙن مار دوا DDT جو تمام گھڻو استعمال ماحول ۾ تمام گھڻي تباهي مچائي رهيو هو، عام گھريلو مک، جنهن کي سادي، ننڍي پيماني واري مخلوق سمجھيو ويندو آهي، تنهن پنهنجي تنتي نظام ۾ اهڙو پاڻيٺ پيدا ڪري ورتو جو انهيءَ دوا سان مک کي مارڻ ناممڪن بڻجي ويو. جيڪڏهن انساني دماغ ۾ هڪ تنت پنهنجي طور تي هزارين سال به جاکوڙيندي رهي ته به اهڙي قسم جو علاج ۽ احتياط پيدا نه ڪري سگھندي.
هاڻي ٻڌايو، ڪهڙو جيو گھرڙو ارتقائي عمل ۾ مصروف آهي؟ بيشڪ انسان سمورين مخلوقن مان سڀ کان ڀلي ۾ ڀلي مخلوق آهي پر جيئن قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هو آسماني پروگرام کان ٻاهر ڪجھه نٿو ڪري سگھي جيڪو سندس لاءِ مخصوص آهي، نه ته هو ڪيئن هڪڙي مک کان هارائجي ويو؟
اهڙيءَ طرح هاڻي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اهو ثابت ٿي وڃي ٿو ته ارتقا جو نظريو اصل ۾ انسان جي پنهنجي ذهن جي گھڙيل ڳالهه آهي. سمنڊن جي تهن ۾ چمڪندڙ عضون واريون مڇيون لکين سالن کان تري رهيون آهن. جهڙي طرح چمڙا راڊار واري خاصيت جي ذريعي قديم زماني کان اڏامي رهيا آهن. اهو ته موجوده دؤر ۾ ئي ٿيو آهي جو انسان انهن خاصيتن کي ڳولي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
جديد حياتياتي علم ۾ زندگيءَ جي باري ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته مخلوقات جي جيني فارمولي (Genetic Code) جي وراثتي هئڻ جي باوجود ڪنهن جي اندر صلاحيتون ڪيئن رکيون وينديون آهن، جڏهن حياتياتي نظام پنهنجي پيءُ ماءُ کان سڀئي خاصيتون وراثت ۾ حاصل ڪندو آهي؟ اهو ڪهڙي طرح سمجھه ۽ سوچ کان پري صلاحيت حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ جي تسلسل کي جاري رکندو آهي؟ جيڪڏهن جيئري مخلوق هڪ ڪمپيوٽر جهڙي نظام کي ظاهر ڪري ٿي ته پوءِ هيءُ نظام يا پروگرام ڪهڙي طرح بنا ڪنهن نقصان جي هڪ نسل کان ٻئي نسل کي ملي ٿو؟
انهيءَ سوال جي جواب ۾ جديد علم حياتيات (Biology) مڃي ورتو آهي ته هڪ خاص پروگرام جهڙو جيني فامولا (Genetic Code) هر ڪروموزوم (Chromosome) تي اڪريل هوندو آهي ۽ پاڻمرادو ئي هڪ فامولو هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿيندو آهي. اهو جيني نقطو جيتوڻيڪ جيو گھرڙن ۾ به گَهرَي نظر سان هڪ جهڙو نظر ايندو پر حقيقت ۾ انهن جيو گهرڙن ۾ جيڪي جنيني (Embryonic) هوندا آهن، انهن ۾ ۽ ٻئي پاسي هڏي جي مِک وارن جيو گھرڙن جي پاڻ ۾ لاڳاپي کي صحيح طور تي بيان نٿو ڪري سگھجي.
الله تعالى اعلان ڪيو آهي ته ”اهو ئي انهن سڀني ميون کي ڄاڻي ٿو جيڪي پنهنجن ڇڳن مان نڪرندا آهن، اهو ئي ڄاڻيندو آهي ته ڪهڙي مادي ڍڪي ٿي آهي.“ (سورت حٰم السجده، آيت نمبر 47). هن آيت سڳوريءَ جي هن حصي جي معنى هيءَ آهي ته رڳو الله تعالى جي طرف کان ئي هر جيو گھرڙي کي هڪ ترتيب سان رياضياتي پروگرام ڏنو ويندو آهي.
مٿين آيتن مان گڏيل طور اهو مفهوم نڪري ٿو ته زندگي ۽ توانائيءَ جا ٻه مختلف پاسا آهن. ماليڪيول يعني جيڪي ننڍڙا جسم (Organism) جوڙيندا آهن، اهي ان جي مادي حصي کي ترتيب ڏيندا آهن. جڏهن ته انهيءَ ۾ رياضياتي پروگرام مهيا ڪرڻ جهڙڪر ڪمپيوٽر جو پروگرام ترتيب ڏيڻ آهي. هڪڙي طرح سان هي پروگرام جاندار يعني مخلوق جي قسمت آهي.
قسمت جي نظريي ۾ اسان اها ڳالهه ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون ته هر واقعي کان پوءِ حتمي طور تي انهيءَ جو نتيجو به هوندو آهي. جيئن ته سورتِ يٰسين جي آيت نمبر 12 اسان کي هڪ عظيم راز ٻڌائي ٿي ته سموري مخلوق جي باري ۾ لوح محفوظ اندر انهن جي ذاتي صلاحيتن کي لکيو ويو آهي. اهو اعلان زندگيءَ جي لاءِ به اٽل قانون آهي. هر شيءِ هڪ ٽاري جو جيو گھرڙو آهي. هڪ گل يا هڪ مثاني جو جيو گھرڙو ڪهڙي طرح عمل ڪندو؟ انهيءَ جو هڪڙو فارمولو ۽ پروگرام جوڙي الله تعالى جي قدرت سان هڪ جيوگھرڙي جي جڙيل ڪمپيوٽر ۾ لکيو ويو آهي.
هن آيت سڳوريءَ جي، جنهن کي اسان سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻئي حصي ۾ زندگيءَ جي تسلسل جو اصول بيان ڪيو ويو آهي. هتي اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته مٽيءَ ۾ زندگيءَ جي شروعات ڪري ۽ زمين ۾ لازمي حياتياتي مواد گڏ ڪري، الله تعالى ٻوٽا پيدا ڪيا جيڪي ٻي جاندار مخلوق جي لاءِ بنيادي ڍانچو مهيا ڪن ٿا.
جيئن ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته هن آيت سڳوريءَ ۾ ”حباً“ يعني اَنَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي اهو هڪ ٻوٽي جو ٻج آهي ۽ ٻئي پاسي هڪ مڪمل جيو گھرڙي جو ساز و سامان آهي. يعني اهي سڀئي مادي جزا جيڪي هڪ جاندار کي ٺاهين ٿا، انهيءَ ۾ موجود آهن. اها حقيقت ويجهي ماضي ۾ به انسان جي ڄاڻ ۾ نه هئي. انهيءَ جي ڪنهن کي به پڪ نه هئي ته هڪ داڻي ۾ هڪ ئي وقت نشاستو (Carbohydrate) ۽ پروٽين جي اندر، جيڪي سڀني جاندارن جي لاءِ انتهائي اهم هوندا آهن ۽ جسم جي واڌ ويجھه ۽ بيمارين جي ڪري پيدا ٿيڻ واري ڪمزوريءَ جي تلافي ڪندا آهن؛ سڻڀ، حياتين (Vitamins) ۽ معدنيات ملن ٿيون. ايتري تائين جو ڪجھه عرصو اڳ تائين ته اهو سمجھيو ويندو هو ته ڪڻڪ ۽ انهيءَ قسم جي ٻين ٻوٽن مان طاقت واري خوراڪ حاصل نٿي ڪري سگھجي پر اَنُ ”حباً“ اصل ۾ اهي بنيادي جزا رکندڙ هوندو آهي جيڪي زندگيءَ جي لاءِ ضروري هوندا آهن.
اها حقيقت به چڱيءَ طرح ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ٻوٽن ۽ جانورن جا جيو گھرڙا هڪ طرح سان هڪجهڙيون عمارتي سرون (اڏاوتي خام مال) آهن. منجهن فرق سندن پهريان کان ترتيب ڏنل پروگرامن ۾ هوندو آهي.
هن آيت جي اندروني معنائن مان هڪ اها به آهي ته الله تعالى جي حڪم سان طاقت واري مٽي هڪ آري گھر(Incubator) جو ڪم ڏيندي آهي، جنهن ۾ جسميا بڻجندا آهن. اهو راز آيت جي ٻئي حصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
گرمي ورتل (Fertilized) آنو ٽن بنيادي طريقن سان ترقي ڪندو آهي:
1. ڪنهن ٻوٽي وانگر زمين جي اندر.
2. هڪ آني جي کوپي اندر، جيئن عام طور تي جانورن جي باري ۾ آهي.
3. ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾، جيئن کير ڏيڻ وارن جانورن (Mammals) ۾ ٿيندو آهي.
حقيقت ۾ سائنسي نقطه نظر سان ان جو هڪ ئي مقصد، يعني جسميي ۾ زندگيءَ کي آهستي آهستي مستحڪم ڪرڻ آهي. هڪ گرمي ورتل آني جي واڌ ويجھه لاءِ هڪ خاص مدت گھربل هوندي آهي، ته جيئن انهيءَ مان هڪڙو نئون جسميو بڻجي سگھي. علم حياتيات جي حساب سان اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ ٻج جا جراثيم (Cells) پاڻ ۾ نسل جي واڌ ويجھه واري عمل ۾ اهڙي طرح مصروف رهندا آهن جو هڪ نئون جسميو وجود ۾ اچي ويندو آهي. انهيءَ وچ ۾ ٻج کي حفاظت جي ضرورت ٿيندي آهي جنهن لاءِ ان کي پنهنجي ٻاهرين ماحول مان خاص ڪيميڪل ۽ بجلي پارا (Ions) پاڻ ڏانهن ڇڪي ڪم آڻڻا پوندا آهن، جنهن جي باري ۾ اسان هن وقت تائين پڪ سان ڪجھه نٿا چئي سگھون. اهڙي طرح سان اهو هڪ خاص پروگرام مطابق زندگيءَ کي جياري وٺندو آهي.
هن آيت سڳوريءَ ۾ الله رب العالمين انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هُن ئي زمين کي اها خاصيت عطا ڪئي آهي. زمين جي رڳو هڪڙي خاصيت جي ڪري داڻي جي واڌ ويجھه ظاهر ڪئي وئي آهي.
اصل ۾ زمين جي اها خاصيت قيامت جي ڏينهن ڏانهن به ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ اهو به رياضياتي انداز ۾ ته هن آيت ڪريمه جون رمزون ٻيهر ظاهر ٿينديون ۽ مردا اوچتو جيئرا ٿي پوندا.
هن آيت جي ذريعي آدم جي مٽيءَ مان پيدائش به ٻن طريقن سان ظاهر ٿئي ٿي. جيئن ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته حضرت آدمؑ کي مٽيءَ جي گپ واري حالت مان پيدا ڪيو ويو هو. هن آيت جو انهيءَ موضوع جي حوالي سان مطالعو اڳتي هلي ايندو، في الحال جيڪا اهم ڳالهه آهي سا هيءَ ته الله تعالى پنهنجي قدرت سان مٽي کي زندگيءَ جي خاصيت عطا فرمائي. آيت جي ٻن حصن مان بلڪل ظاهر ٿي وڃي ٿو ته الله تعالى مٽيءَ کي زندگيءَ سان گڏوگڏ اها توانائي به عطا ڪئي، جنهن جي مدد سان وڌيڪ زندگيون وجود ۾ اچن ٿيون ۽ وڌن ويجھن ٿيون، جنهن جو مثال ان جي نڪرڻ جو راز آهي.
سورت يٰسين جي آيت نمبر 32 ۾ جهڙي طرح سڀني ماڻهن جو قيامت جي ڏينهن ٻيهر پيدا ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو آهي، هيءَ آيت ڪريمه هڪ طرح سان قيامت جي ڏينهن ٻيهر پيدا ٿيڻ واري راز جو سلسلو، مٽيءَ مان زندگيءَ کي جيئرو ڪرڻ واري راز سان ملائي ٿي.
جديد دؤر ۾ اسان زميني حياتيات (Biology) جي باري ۾ گھڻو ڪجھه سکيو آهي. مان هن ڄاڻ جو هڪ تت قيامت جي نسبت سان پيش ڪريان ٿو. جيئن ته پهريان بيان ٿي چڪو آهي ته مٽيءَ ۾ اهي سڀئي خاصيتون موجود آهن، جيڪي هڪ ٻج جي ذريعي هڪ جسميو بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن. يعني مٽي هڪ زرخيز ٿيل جسميي کي اهڙي طرح زندگي ڏئي ٿي، جيئن ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ زرخيز بيضو زندگي حاصل ڪري ٿو. هڪ زرخيز ٿيل آنو (Fertilized Egg) ۽ ٻج هڪٻئي سان ايتري ته هڪجهڙائي رکن ٿا جو اهي ٻئي جيني ڪوڊ (Genetic Code) وارا ٿيندا آهن ۽ نئين سري سان پيدائش جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. جيني ڪوڊ، زندگي ۽ خاصيت جو اهو راز هوندو آهي، جيڪو پيدا ٿيڻ واري جسميي ۾ داخل ٿيڻ هوندو آهي. اهو جيني ڪوڊ مقدار ۾ هڪ سينٽي ميٽر جي ڏهين حصي جيترو ٿيندو آهي. انهيءَ لاءِ جيڪڏهن حيرت ۾ وجھڻ جي لاءِ انهن سڀني انسانن، جيڪي هن وقت تائين جيئرا رهي چڪا آهن، انهن سڀني جا جيني ڪوڊ گڏ ڪيا وڃن ته اهي پاڻي پيئڻ واري هڪڙي گلاس کي به ڀري نه سگھندا.
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه هئڻ گھرجي ته جيڪڏهن الله رب العزت گھري ته اهو انساني ٻج کي مٽيءَ ۾ به تيار ڪري سگھي پيو. بيشڪ، الله هن آيت ۾ ارشاد ڪيو آهي ته: ”انهن جي لاءِ بي جان زمين به هڪ نشاني آهي. اسان انهيءَ کي زندگي بخشي ۽ اناج ڪڍيو،“ هڪ سائنسي قانون بيان ڪري ٿو. اها آيت صاف ظاهر ڪري ٿي ته ڪهڙي طرح قيامت ۾ ٻيهر پيدائش جو عمل، علم حياتيات جي استدلال سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
آيت سڳوريءَ ۾ بيان ڪيل حقيقتن ۽ سائنسي نتيجن جو تت هيءُ آهي ته:
1. مئل زمين ۾ زندگيءَ جي واڌ ويجھه ڪو معمولي واقعو نه پر هڪ انتهائي عاليشان معجزو آهي. واقعن جي اها ترتيب جنهن کي اسان زندگيءَ جو نالو ڏيون ٿا، مٽيءَ ۾ زندگيءَ جي راز مان ظاهر آهي.
2. قيامت به ٻيهر جيئرو ٿيڻ واري راز سان ويجھڙائيءَ کان لاڳاپيل آهي. قيامت جي باري ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو رکندڙ ماڻهو جيڪڏهن زمين ۾ الله تعالى جي طرف کان رکيل نئين سر زنده ٿيڻ ۽ انساني حياتيءَ جي رمزن تي ويچار ڪري ڏسي ته ان کي خبر پئجي ويندي ته سندس شڪ شبها بي بنياد آهن.
3. زندگيءَ جو وجود سڀ کان پهريان بنيادي طور پهريان کان ترتيب ڏنل رياضياتي پروگرام آهي. قديم ۽ ترقي يافته جاندارن جو فرق پنهنجي مرضيءَ ۽ ظالماڻين دعوائن تي آڌاريل آهي. هر جاندار هڪ مڪمل پروگرام جي نمائندگي ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ئي زندگيءَ جي ارتقا جي باري ۾ نظريو بنيادي اصولن جي لحاظ کان رڳو هڪ شڪ شبهو ۽ ڌوکو آهي.*

_________
*
§ انساني زندگيءَ جي ارتقا جي نظريي (Theory of Evolution) جي غلط هئڻ تي مختلف وقتن تي شهادتون ملنديون رهيون آهن. اڄ جي سائنس جي مدد سان اهو نظريو پنهنجي بنيادن سوڌو لڏي ويو آهي. مثال طور قديم جرمني ۾ نينڊر ٿل (Neander Thal) جيڪو موجوده انسان جي اڌ انساني آبادي جو وڏو ابو ڏاڏو سمجھيو وڃي ٿو، جي باري ۾ 62 هزار سال اڳ جي ڄاڻ حاصل ٿي آهي. ان موجب ذهني ۽ جسماني طور ان وقت ۽ موجوده دؤر جي انسان ۾ ڪوبه بنيادي فرق نه مليو اهي. اڃا به عراق جي شنيدر غار مان مليل انساني پڃرن مان خبر پئي آهي ته قديم زماني جو انسان همدردي ۽ سماجي معاشري تي مشتمل هو. مثال طور هڪ اهڙي انسان جو پڃرو مليو آهي، جيڪو جسماني طور اپاهج هو. ان جو هڪڙو پير نه هو ۽ ٻانهن به ساڻي هئي. ان جي باوجود به هو ٽن سالن جي ڄمار کي پهتو. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ايتري وقت تائين انهيءَ معاشري ان جي سار سنڀال پئي ڪئي. انهيءَ زماني جي انسان جو دماغ به اڄ جي انسان جي دماغ کان ڪجھه وڏو هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن انهيءَ کان ڪم گھٽ ورتو هو. اها تحقيق هارورڊ يونيورسٽيءَ جي دماغي بناوت جي ماهر ٽيرنس ڊيڪن (Terrence Deacon) ڪئي آهي. اهڙي طرح موجوده اسرائيل ۾ نزرٿ (Nazareth) جي ويجھو، قغزه جي غارن مان به قديم انسان جي باري ۾ معلومات حاصل ٿي آهي. انهيءَ موجب پڻ ارتقا جو نظريو غطل ثابت ٿيو آهي. فرانسيسي يونيورسٽي بورڊ (Bordeauzx) جي علم الانسان جي ماهر برنارڊوينڊر ميش (Bernard Vandermeerch) چواڻي: قديم انسان به وڏو ترقي يافته هو. هو غارن ۾ پٿرن جا هٿيار ٺاهڻ جا ڪارخانا هلائيندو هو. پنهنجي جسم ۽ لباس تي مختلف قسم جا رنگ استعمال ڪندو هو. پنهنجي مري ويلن کي دفن ڪندو هو ۽ پنهنجي اپاهج ماڻهن جي سار سنڀال لهندو هو. مائونٽ سينائي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر جيفري ليٽ مين (Laitman) جو چوڻ آهي ته قديم انسان جي باري ۾ ويهين صديءَ جي شروع ۾ اهو نظريو ته هو موڳو ۽ وحشي هو.
شيرون بگلي (Sharon Begley) ۽ فيونا گليزز (Fiona Gleizes) جي چوڻ موجب وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن قديم انسان جي باري ۾ صحيح نظريو قائم ڪري سگھجي، نه ته جيئن پوگو (Pogo) چيو هو ته اسان نينڊر ٿل يعني انسان جي سڀ کان قديم شڪل سان مليا آهيون ۽ اهي ”اسان“ ئي آهيون. اهڙي طرح قرآن جو نظريو وري وري ثابت ٿئي، جڏهن ته ڊارون ۽ ٻيا بي دين انسان وري وري غلط ثابت ٿي رهيا آهن. (مترجم)