مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 8 قرآن زمين جي گردش کي ظاهر ڪري ٿو

وَ تَرَی الۡجِبَالَ تَحۡسَبُہَا جَامِدَۃً وَّ ہِیَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحَابِ ؕ صُنۡعَ اللّٰہِ الَّذِیۡۤ اَتۡقَنَ کُلَّ شَیۡءٍ ؕ اِنَّہٗ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۸۸﴾ (النمل:٨٨)
”توهان جبلن کي ڏسو ٿا ۽ سمجھو ٿا ته اهي هڪ جاءِ تي ڄميل آهن پر اهي به ڪڪرن وانگر وڌن ٿا. اها الله جي قدرت جي ڪاريگري آهي جنهن هر شيءِ کي حڪمت سان بيهاريو آهي، هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه توهان ڪريو ٿا.“

اچو ته پهريان انهن نڪتن جي نشاندهي ڪريون جيڪي هن آيت سڳوريءَ جي سائنسي دليل بازي جي سلسلي ۾ مدد ڏيندا.
1. جبل جيتوڻيڪ هڪ جاءِ تي ڄميل نظر اچن ٿا، پر اهي چرپر ۾ آهن.
2. جبلن جي اها چرپر ڪڪرن جي چرپر وانگر آهي.
3. جبلن جي چرپر ڪا تصوراتي يا ڪا نسبتي نه آهي پر اهو الله تعالى جي ڪاريگريءَ جو مظهر آهي.
مان هن آيت پاڪ جي سائسني تشريحن جي سلسلي ۾ ٻن اهم نڪتن جي نشاندهي ڪري سگھيو آهيان. حقيقت ۾ اِهي اُهي معجزا آهن، جيڪي هر کليل ذهن رکڻ واري سائنسدان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندا.
الف – جيڪڏهن اسان زمين جي ارضياتي خاڪي کي غور ڪري ڏسنداسين ته خبر پوندي ته اها مٽي ۽ پٿرن جي ٺهيل اُن سنهڙي تهه وانگر آهي، جيئن سنگتڙي جي ٻاهران ڇلر هوندو آهي. زمين جي قطر جو گھڻو حصو پگھريل ڌاتن ۽ ڇِپُن، جن کي ميگما (Megma) سڏيو ويندو آهي، جو جڙيل هوندو آهي. اهڙي طرح زمين جي اندر هڪڙو پٽڙو ڍانچو آهي جنهن جي چوگرد مختلف قسم جا سخت تهه آهن ۽ آخر ۾ مٽي ۽ ڇپون آهن. ٻين لفظن ۾ ٻاهرين پاسي کان جبل آهن.
جيئن ته هيءَ آيت ڪريمه ظاهر ڪري ٿي ته اها مڪمل طور قدرت جي ڪاريگري آهي، انهيءَ نقطي نظر سان ڏٺو وڃي ته ڳالهه يڪدم سمجھه ۾ اچي وڃي ٿي ته زمين جو غلاف پنهنجي مضبوطي جي باوجود هڪ تمام سست حرڪت جو راز رکندڙ آهي. اها چرپر، جيڪا تهه جي ڪنارن ويجھو وڌيڪ چٽي هوندي آهي، تنهن کي زمين جي طبقن ۾ رنڊڪ (Fault) چوندا آهن، جيڪا ٻرندڙ جبلن ۽ زلزلن جي لاءِ زمين جو دروازو کليل رکندي آهي.
جيتوڻيڪ آيت موجب زمين الله تعالى جي حڪم سان هڪ مضبوط بناوت رکي ٿي، پر انهيءَ جو ڍانچو (Core) انتهائي سست چرپر رکندڙ هوندو آهي جيڪو پاڻياٺن جسمن (Static Fluid) تحت هوندو آهي. اسان جي زمين جي مضبوطي، جيڪا پنهنجي ڍانچي تائين مختلف جسمن جي تهن تي ٻڌل آهي، پنهنجو پاڻ ئي الله تعالى جو معجزو آهي.
ب – ”هائو، جبل به ايئن ئي وڌندا آهن جيئن ڪڪر وڌندا آهن.“ جيئن ته ڪڪر آسمان تي هلندا آهن، تيئن جبل به فضائي طرفن ۾ وڌندا آهن. جيڪڏهن آيت سڳوريءَ کي وري ڏسون جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”توهان ڇا ٿا سمجھو ته اهي هڪ جاءِ ڄميل آهن،“ ڄميل هئڻ جو مطلب آهي مادي يا جسماني طور هڪ ئي جاءِ تي بي ست ۽ بي حرڪت رهڻ. پوءِ سوال آهي ته جبل ڪهڙي طرح ڪڪرن وانگر فضا ۾ چرپر ڪرڻ جي قابل هوندا آهن؟
انهيءَ جي رڳو هڪڙي ئي صورت آهي جنهن ۾ اها چرپر ممڪن ٿي سگھي ٿي؛ ۽ اها آهي زمين جي چرپر سان گڏ چرپر. حقيقت ۾ اهو آيت پاڪ جو اهم معجزو آهي ته ڪڪر جيڪي هوا سا گڏ تيزي سان چرپر ڪن ٿا، انهن جي رفتار لڳ ڀڳ ايتري ئي هوندي آهي جيتري زمين جي پنهنجي چڪر جي هوندي آهي. جبل به ڪڪرن وانگر ٽن طرفن (Three Dimensions) ۾ اڳتي وڌندا آهن ۽ اها چرپر مضبوط توازن واري خدائي ڪاريگريءَ جو نمونو آهي.
هن آيت ۾ سمايل ڏاهپ جي باريڪين کي هڪ دفعو وري ڏسو، جن ۾ جبلن جي فضائي واڌاري جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. يعني انهيءَ لحاظ کان زمين جي چرپر بيان ڪري ٿي جيڪا قدرت جي ڪاريگريءَ ۽ آسماني نظم جي مضبوط قانون جو هڪ حصو آهي. اهو قانون قدرت جي ڪهڙي ڪاريگري آهي؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ آسماني فزڪس (Austro Physics) چوي ٿي ته ڪائنات ۾ موجود سڀئي ستارا ۽ گرهه پنهنجي موجودگي کي ٻن متوازن قوتن جي هڪجهڙائيءَ سان قائم رکن ٿا. انهن مان هڪ ڪشش ثقل جي طاقت (Gravitational Force) آهي جيڪا ايڪي واري قانون جو نتيجو آهي. سمورا مقدار يا ڍڳ هڪ ٻئي کي پنهنجو پاڻ ڏانهن ڇڪي هڪ وڏي ڍير ۾ بدلائڻ جي اصول جي پيروي ڪن ٿا. ٻي طاقت جيڪا انهن جي قائم رهڻ لاءِ ضامن هوندي آهي اها آهي ڦرندڙ حرڪت سان پيدا ٿيڻ واري مرڪز گريز قوت (Centrifugal Force)۱. آيت ڪريمه انهيءَ قانون ڏانهن توجهه ڏياري ٿي ۽ اهو اشارو به ڪري ٿي ته جبلن جي ڪڪرن ڏانهن فضائي حرڪت مضبوطي جو اصول آهي. الله تعالىﷻ جو قرآن ڪريم ۾ اهو چوڻ ته ”هن آيت جهڙي ڪا آيت آڻي ڏيکاريو، اڃا به ڪو هڪڙو لفظ ئي آڻي ڏيکاريو،“ ان (الله) جي اهڙي قسم جي ڪمالن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.
آيت ڪريمه جي ٻئي حصي جي تشريح جو تت هن طرح آهي:
پهرين ڳالهه: توهان سمجھو ٿا ته جبل هڪ جاءِ تي ڄميل آهن.
ٻي ڳالهه: اهي ڪڪرن وانگر فضا ۾ وڌندا رهن ٿا.
ٽين ڳالهه: ڦرندڙ حرڪت، ثقلي قوتن کي نازڪ توازن ۾ رکندي، انهيءَ عمل با طريق (Process) ۾ مضبوطي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي.
چوٿين ڳالهه: ڦرندر حرڪت، جيڪا ڪائنات جي بنيادي قانونن مان آهي، الله تعالى جي ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي.
اهو سڀ ڪجھه چوڏهن سؤ صديون اڳ ان وقت ٻڌايو ويو. جڏهن انسانن جي ذهنن ۾ عجيب غريب قسم جا سوال پيدا ٿيندا هئا. وڌيڪ اهو ته اهي سڀئي حقيقتون ماڻهن کي اهڙي ته بهترين انداز ۾ ٻڌايون ويون جو انهن جي سادن ذهنن ۾ ڪنهن به قسم جو مونجھارو پيدا نه ٿيو، نه ته انهيءَ جي ڪري انهن جي لاءِ ذهني طور تباهي به اچي پئي سگھي. اهو ئي قرآن جو فن ۽ قرآن جو معجزو آهي.
جيتري تائين هن آيت جي آخري حصي جو تعلق آهي ته اها هڪ ٻِي عظيم آسماني سچائيءَ جو اظهار به آهي؛ يعني ”هو هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه توهان ڪريو ٿا.“ الله تعالى جنهن سڀني ڪائناتن کي هڪ مادي فن جي ذريعي پيدا ڪيو، هر شيءِ ۽ ڪائنات جي هر جاءِ تي حڪومت ڪري ٿو، بلڪل ائين جيئن ڪمپيوٽرن جي هڪ عظيم الشان نظام کي ڪم آندو ويو هجي. اهو نظام ظاهر ڪري ٿو ته ڪائنات جو هر واقعو حسابي لحاظ کان پاڻمرادو لکجي وڃي ٿو.
هر پلڪ اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل پروگرام الله تعالى جي قدرت جو مظهر آهي. ٿورو عرصو اڳ تائين اسان کي اهي ڳالهيون سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، پر اڄ موجوده دؤر جي نين کوجنائن جي ڪري، خاص ڪري اليڪٽراني ذهن ۽ ڪمپيوٽرن جي سلسلن جي ڪري، اسان جي سمجھه جو دائرو انتهائي وسيع ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ اسان تشبيهن جي دنيا ۾ رهون ٿا. جڏهن اسان بهشت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي گلن، باغن ۽ وهندڙ ندين جو خيال ايندو آهي. اسان بهشت کي هن دنيا جي خوبصورت شين جي مثال يا تشبيهه سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

____
۱  اها ظاهري قوت جيڪا ڪنهن مرڪز جي چوڦير ڦرندڙ شيءِ جي ٻاهرين پاسن کان عمل ڪري.