مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 11 وضو سٺي صحت لاءِ بهترين نسخو آهي

اِذَا قُمۡتُمۡ اِلَی الصَّلٰوۃِ فَاغۡسِلُوۡا وُجُوۡہَکُمۡ وَ اَیۡدِیَکُمۡ اِلَی الۡمَرَافِقِ وَ امۡسَحُوۡا بِرُءُوۡسِکُمۡ وَ اَرۡجُلَکُمۡ اِلَی الۡکَعۡبَیۡنِ ؕ وَ اِنۡ کُنۡتُمۡ جُنُبًا فَاطَّہَّرُوۡا ؕ(المائدة: ٦)
”اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ اٿو ته پنهنجي منهن ۽ پنهنجي هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنهنجي مٿن تي مک ڪريو ۽ پنهنجا پير ڀيڏين تائين ڌوئو. ۽ جيڪڏهن توهان مٿي ميرا هجي ته پوءِ سڄو بدن پاڪ ڪريو.“

قرآن جي ڪيترين ئي حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتن مان هتي هڪ عظيم طبي نسخو بيان ڪيو پيو وڃي. هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن غير مسلم به انهيءَ پاڪائي يا وضوءَ جو نقل ڪندا جنهن جون برڪتون، اسان گذريل چوڏهن صدين کان حاصل ڪري رهيا آهيون.
قرآن جي هن آيت جي فائدي يعني جسماني پاڪائي جي برڪتن جي ڄاڻ به ويجھي ماضيءَ ۾ ئي حاصل ٿي آهي. اهڙا معاشرا جيڪي پنهنجو پاڻ کي تهذيب يافته سڏائن ٿا، انهن به رڳو گذريل سترهن سالن کان منهن ۽ جسم کي ڌوئڻ شروع ڪيو آهي. اسان انهن جي مقابلي ۾ انهيءَ نعمت مان چوڏهن سؤ صديون اڳ ئي فائدو ماڻڻ سکي ورتو هو. انهيءَ سلسلي ۾ سائنسي حقيقتن تي علم حياتيات جي ماهرن گذريل ويهن سالن ۾ ڪيتريون ئي کوجنائون ڪيون آهن. اچو ڏسون ته پاڪائي ۽ وضوءَ سان ڪهڙي طرح انساني صحت کي فائدو پهچي ٿو.
وضو جا ٽي اهم فائدا آهن:

[b]الف – رت وارين شريانين جي ڪم تي وضوءَ جا اثر
[/b]رت جي شريانين جي ڪم وارو نظام ٻن وڏن حياتياتي اصولن تي قائم آهي. پهريون اصول دل جو اهو ڪم آهي، جنهن سان رت کي خلياتي ريشن، يا ان کان به اڳتي، خاص طرح سان هر جيو گھرڙي تائين پهچائڻ آهي. ٻيو اصول جسم ۾ استعمال ٿيل رت کي دل تائين واپس پهچائڻ آهي. جيڪڏهن هڪ فعو به رت جو اهو ٻه طرفو چڪر بگڙي وڃي ته ڊائسٽالڪ (Diastolic) رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي. ڊائسٽالڪ دل جي ڌڙڪڻ جو اهو عمل آهي، جنهن سان دل جو ماس ڇڪ کان پوءِ ڍلو ٿي ويندو آهي، جنهن جي ڪري دل ۾ شريانين مان واپس ايندڙ رت ٻيهر ڀرجي ويندو آهي. رت جي انهيءَ دٻاءَ جي وڌڻ سان ڪراڙپ جي عمل ۾ تيزي اچي ويندي آهي، اهڙي طرح ماڻهو موت کي ويجھو ٿي وڃي ٿو.
انهيءَ ٻه طرفي رت جي چڪر جو سڀ کان اهم پاسو ڪهڙو آهي؟
انهيءَ سوال جو جواب ڪيترائي سال اڳ ملي چڪو آهي. اهو انهن رڳن يا شريانين جو صحتمند عمل آهي، جنهن سان رت کي دل کان شاهه رڳ تائين پهچايو ويندو آهي ۽ پوءِ وار کان به وڌيڪ سنهين نالين ۽ شريانين مان رت کي ٻيهر دل تائين پهچايو ويندو آهي. رت جون سنهيون ناليون يا نسون انهن لچڪدار ٽيوبن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون جيڪي دل مان نڪري سموري بدن ۾ پکڙجي وڃن ٿيون. جيئن جيئن انهن جو فاصلو وڌي ٿو، تيئن تيئن انهن جون شاخون سنهيون ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن اهي ٽيوب رڳو هڪڙو دفعو ئي سخت ٿي پنهنجي لچڪ گھٽائي ڇڏين ته دل تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي. انهيءَ کي طبي علم جي اصطلاح ۾ (Arteriosclerosis) يا شريانين جو سخت ٿي وڃڻ چيو ويندو آهي.
اسان جي زندگي جا مختلف پاسا، انهن شريانين جي سخت غير لچڪدار ۽ سسي وڃڻ جي ڪري ٿيندا آهن. طب جي علم ۾ اهو مضمون جيڪو تيزيءَ سان ٿيندڙ ڪراڙپ ۽ ڪمزوريءَ جو بنياد آهي، هڪ جدا ۽ تحقيق طلب شعبو آهي. غير مناسب غذا ۽ اعصابي رد عمل رت جي شريانين ۽ سنهين رڳن تي انتهائي نقصان ڪار طريقي سان اثر ڪندو آهي. جيڪڏهن رت جو رڳن جي سخت ٿيڻ واري عمل جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته ڇا ڪو اهڙو عملي طريقو اختيار ڪري سگھجي ٿو، جنهن سان انهيءَ زوال يا کوٽ کي روڪي يا گھٽائي سگھجي؟
رت جي نالين جو سخت، غير لچڪدار يا سسي وڃڻ ڪو اوچتو عمل نه هوندو آهي، پر اهو سلسلو هڪ ڊگھي مدت تي ٻڌل هوندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اهي ناليون جيڪي دل کان پري هونديون آهن، جهڙوڪه دماغ، هٿن ۽ پيرن جون ناليون، وڌيڪ اثر وٺنديون آهن. غير لچڪدار ٿي وڃڻ ۽ سسڻ جو عمل ٿورڙي رفتار کان شروع ٿيندو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان تيزي سان وڌندو ويندو آهي.
پر اسان جي روزاني جي زندگي ۾ هڪ خاص شيءِ آهي جيڪا هڪ طرح سان رت جي نالين کي متبادل طريقي سان ڦهلجڻ ۽ سسڻ واري عمل جي ذريعي ورزش مهيا ڪري ٿي. اها خاص شيءِ آهي پاڻي. پاڻي جيڪو گرمي پد گهٽ وڌ ڪندو آهي،گرم پاڻي رت جي نالين کي، جيڪي دل کان ڪجهه وِٿيءَ تي هونديون آهن، کولي يا ويڪرو (Dilate) ڪري لچڪ ۽ طاقت مهيا ڪندو آهي. اهڙي طرح ٿڌو پاڻي انهن کي سسڻ جي عمل مان گذاري ٿو. اهڙي طرح ورزش جو اهو عمل انهن عذائي شين جي، جيڪي نسن ۾ رت جي سست رفتار چڪر جي ڪري ڄمي وينديون آهن، ٻيهر رت جي دؤري ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي. اهو سڀ ڪجھه گرمي پد ۾ تبديليءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿيندو آهي. انهن سائنسي ۽ طبي حقيقتن کي ڄاڻڻ کان پوءِ هاڻي اهو ممڪن بڻجي ويو آهي ته آيت سڳوريءَ ۾ ڏنل انهيءَ نصيحت کي چڱيءَ طرح سان سمجهي سگھجي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وضوءَ ۾ هٿن پيرن ۽ منهن کي ڌوتو وڃي. ڇا اهو پنهنجو پاڻ ئي هڪ معجزو نه آهي؟ خاص ڪري ڇا آيت سڳوريءَ جي ٻئي حصي کي راز سمجھڻ ناممڪن آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”الله توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري؟“
الله تعالى اسان کي رت جي دوري جهڙو املهه انعام عطا ڪيو آهي. اُن جو ارشاد آهي ته اسان وضوءَ جو عمل ڪريون ته جيئن اسان تي الله تعالى جي نعمت ايئن هجي جو رت جو دؤرو اهڙي طرح متناسب طريقي سان قائم رهي جو اسان مڪمل طور تي صحتمند رهون.
پيارا پڙهندڙؤ! وضوءَ جي اڻ ڳڻين برڪتن مان هي رڳو هڪڙو تحفو آهي. اهو ناممڪن آهي ته انهيءَ حقيقت کي نظرانداز ڪيو وڃي ته وضوءَ جو عمل جسماني ۽ ذهني ڪمزوري ۽ ڏٻرائپ کي گھٽائي ٿو، جيڪا دماغ ۾ رت جي نسن جي سخت ۽ غير لچڪدار ٿيڻ جي ڪري ٿيندي آهي. وضو جون برڪتون سڀ کان وڌيڪ انهيءَ ماڻهوءَ جي صحت تي نظر وجھڻ سان محسوس ٿينديون جيڪو ننڍپڻ کان ئي انهيءَ جو عادي آهي.

[b]ب – وضوءَ جو وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ واري نظام تي اثر
[/b]لمفي (Lymphatic) دؤري تي وضوءَ جو اثر
رت جڏهن دؤرو کائيندو آهي ته انهيءَ ۾ ڳاڙهن جزن (Red Blood Cells) سان گڏوگڏ اڇا جزا (Leucocytes) به هوندا آهن. اڇن جزن کي دؤري ۾ رکڻ وارو نظام (Vessels) انهيءَ نظام کان ڏهوڻ تي سنهو (Thinner) هوندو آهي، جيڪو ڳاڙهن جزن کي دؤري ۾ رکندو آهي. انهيءَ بي رنگ مادي کي اسان ڪنهن ننڍڙي ڦٽ يا رهڙ جي ڪنارن کان ڳڙندي ڏسي سگھون ٿا. هاڻي اها گردش جسم جي سڀني جاين کي محفوظ رکڻ واري نظم هيٺ، پنهنجي جاءِ تي قائم رکي ٿي. هڪ جراثيم هڪ اڻ ڄاتل شيءِ يا ڪينسر جو جيو گھرڙو، جنهن جو سبب معلوم نه هجي، جڏهن جسم تي حملو ڪندو آهي ته جسم جو مدافعتي نظام، جيڪو رت جي دؤري ۾ شامل هوندو آهي، انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. جسم ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض جي ظاهر ٿيڻ جو دارومدار انهيءَ محفوظ رکڻ واري نظام جي خرابي تي هوندو آهي.
اهو دؤري ۾ رکڻ وارو نظام (Vessels) ڪيئن ڦهلبو ۽ سسندو آهي؟ انهيءَ جي باري ۾ اڃا تائين پوري طرح معلوم نه ٿي سگھيو آهي. پر پوءِ به ايترو معلوم ٿي چڪو آهي ته ٿڌ انهيءَ نظام تي اثرانداز ضرور ٿيندي آهي. عام نزلي ۽ زڪام دوران ڪنهن موذي مرض جو لڳي وڃڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سسڻ جي ڪري مدافعتي مادو مناسب مقدار ۾ انهيءَ جاءِ تائين نه پهچي سگھيو، جتي جسم تي نقصان پهچائڻ وارو جراثيم يا جيو گھرڙي حملو ڪيو آهي.
جسم جي مدافعتي نظام جي دؤري جو سلسلو عام طور تي وضوءَ جي ذريعي اڀارڻ واري عمل سان جڙيل آهي. جسم جي مدافعتي نظام کي، جيڪو بيمارين جي خلاف هڪ ڍال وارو ڪم ڪري ٿو، وضوءَ سان سگھ ملندي آهي. اهڙي طرح آيت جي آخري حصي ۾ جنهن نعمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي سو پوريءَ طرح ظاهر ٿي وڃي ٿو.
هِن موقعي تي اهو اعتراض به ڪري سگھجي ٿو ته جيڪڏهن رت ۾ حفاظت ڪرڻ وارو (Lymphatic) نظام وضوءَ سان سگھه حاصل ڪري ٿو، ته اهو هڪ اتفاقي ۽ بنا ڪنهن خاص ارادي جو نتيجو آهي. پر آيت ڪريمه وضوءَ جي لاءِ صاف ۽ سڌي سنئين حڪم جي ذريعي انهيءَ خيال کي غلط ثابت ڪري رهي آهي. مان اعتماد سان چوان ٿو ته جهڙي طرح وضو ڪيو ويندو آهي، انهيءَ جو مقصد جسم جي مدافعتي نظام کي سگھارو ڪرڻ آهي. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته:
1. جسم کي تحفظ ڏيڻ واري لمفي (Lymphatic) نظام جي صحيح طور عمل پيرا ٿيڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جسم جي ڪنهن ننڍڙي حصي کي به نظرانداز نه ڪيو وڃي. وضو انهيءَ ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿو.
2. جسم ۾ مدافعتي نظام کي چورڻ جي لاءِ مرڪزي جاءِ نڪ جي پويان ۽ نٿ ۾ هوندي آهي. وضوءَ ۾ انهن جاين جو ڌوئڻ خاص طرح سان شامل هوندو آهي.
3. ڪنڌ جي ٻنهي پاسن کان وضو جي ذريعي چرپر پيدا ڪرڻ، مدافعت واري لمفي (Lymphatic) نظام کي ڪم آڻڻ ۾ انتهائي اهم آهي.
مٿي ڏنل حقيقتن جي ڪري ڪوبه اهو نٿو چئي سگھي ته وضوءَ جو مقصد انساني جسم جي حفاظتي نظام کي سگھارو ڪرڻ نه آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙي مثال جي مدد سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته ڪيئن وضو ڪرڻ جو عمل انساني جسم جي مدافعتي نظام کي انتهائي مضبوط بڻائي ٿو ۽ اهڙي طرح الله پنهنجي مهربانيءَ جي مڪمل ٿيڻ جو اظهار ڪري ٿو.
انساني جسم جا سڀ کان سگھارا ۽ ويڙهاڪ جيو گھرڙا جن کي لمفي (Lymphocytes) چون ٿا، جسم جي پراهين جاين تي پهچن ٿا ۽ سخت حياتياتي سختين مان گذري جسم جي هر جاءِ تي هڪ ڏينهن ۾ ڏهه دفعا چڪر ڏين ٿا. انهيءَ دوران جيڪڏهن انهن جي ويڙهه ڪنهن جراثيم يا ڪينسر وغيره جهڙي موذي جيو گھرڙي سان ٿئي ٿي ته اهي ان کي يڪدم تباهه ڪري ڇڏين ٿا. ڇا اها الله تعالى جي طرفان انتهائي اعلى درجي جي نعمت نه آهي؟
جيڪڏهن ڪنهن وقت رت جي دؤري ۾ ڪنهن قسم جو ڪو نقص پيدا ٿي پوي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي وضوءَ جي عادت جي ذريعي ان کي ختم ڪري سگھو ٿا ته ڇا اهو قدرت جي عظيم مهربانيءَ جي تڪميل کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ ٿي سگھي ٿي؟

[b]ٻ – وضو ۽ جسم جي بيٺل بجلي (Static Electricty)
[/b]جسم ۾ بيٺل بجلي جو هڪ توازن موجود هوندو آهي ۽ هڪ صحتمند جسم جي ڪم ڪار (Physiology) جو انهيءَ بجلي واري توازن سان گھاٽو لاڳاپو آهي.
فضائي حالتون ۽ پلاسٽڪ مان ٺهيل پوشاڪون ۽ ضرورت جون شيون، جيڪي اڄڪلهه هڪ تمام وڏو مسئلو آهن، انهيءَ توازن کي خراب نموني سان متاثر ڪن ٿيون. تڪليف ڏيندڙ بيماريون، چمڙي جون بيماريون ۽ منهن جا گھنج انهيءَ جون چٽيون خاصيتون آهن. اسان مان ڪيترائي ماڻهو هاڻي انهيءَ بجليءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ لڳا آهن. انهيءَ جو اثر خاص ڪري ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان پنهنجي موٽر ڪار مان ٻاهر نڪري رهيا هوندا آهيون يا جڏهن ڪنهن پلاسٽڪ جي ڪار ۾ ويٺا هجون. طوفاني موسم جو به اهڙي ئي قسم جو اثر هوندو آهي. اڪوپنڪچر (Acpuncture) جنهن کي سئين سان علاج پڻ سڏيو ويندو آهي ۽ رڳن جي مچن جي علاج سان انهيءَ بجلي جي توازن ۾ کوٽ جو علاج ڪيو ويندو آهي اسان انهيءَ قسم جي تڪليف ڏيندڙ علاج کان بچي سگھون ٿا جيڪڏهن اسان ڏينهن ۾ پنج دفعا وضو ڪريون.
بيٺل بجلي جي مسئلن مان ڪيترن ئي قسم جون نفسياتي (Psychosomatic) بيماريون به پيدا ٿينديون آهن. انهن جي باري ۾ آءٌ تفصيل ۾ وڃڻ نٿو گھران. مان رڳو خوبصورتي جي باري ۾ ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه فيشن به اهم موضوع بڻجي چڪو آهي.
بيٺل بجلي جو سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار اثر کل جي اندران ويجھڙائي کان ماس تي اهڙي تسلسل سان پوندو آهي جو آخرڪار اهو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو وقت کان اڳ ئي گھنج پوڻ شروع ٿي ويندا آهن جن جي شروعات منهن کان ئي ٿيندي آهي. اهو عمل سموري جسم تي به اثر ڪندو آهي. هن موقعي تي پڙهندڙن انهن ماڻهن جي روشن منهن جو راز سمجھي ورتو هوندو، جيڪي سموري زندگي وضو ڪرڻ جا عادي رهيا آهن. جيڪو به ماڻهو پاڻ ۾ وضوءَ جي عادت وجهي ٿو، سو پڪ سان صحت مند ۽ وڌيڪ خوبصورت کَل وارو هوندو.
اسان جي زماني ۾ اهو هڪ معجزو ئي آهي جو انهيءَ خوبصورتي جي لاءِ ڪروڙين رپين جا خرچ ڪيا پيا وڃن پر انهيءَ کان ڏهوڻ تي وڌيڪ خرچ به وضو جي برڪتن جو مقابلو نٿو ڪري سگھي.
هڪ ٻيو سوال، ڇا وضوءَ جي متبادل يعني تيمم جو به بيٺل بجلي سان ڪو تعلق آهي؟
هائو! بلڪل تعلق آهي. آيت سڳوريءَ جو اهو حصو جيڪو وضو جي متبادل جي باري ۾ آهي، انهيءَ حقيقت کي چٽو ڪري ٿو ته بيٺل بجلي جي خلاف الله تعالى جي نعمت بلڪل پوري آهي. انهيءَ ڪري وضو جو متبادل به بيٺل بجلي کي گھڻي ڀاڱي گھٽائي ڇڏي ٿو.
هن جاءِ تي اسان قرآني معجزي جي هڪ ٻئي رخ کي به ڏسون ٿا. ڇو ته وضو جي متبادل جي اهميت کي صدين تائين نه پيو ڄاڻي سگھجي ۽ نه ئي ڪير اهو ٻڌائي سگھيو هو ته اهو اصل وضوءِ جي جاءِ ڪهڙي طرح والاري سگھي پيو؟
جيئن ته آيت مبارڪه کليل طرح سان بيان ڪري ڇڏيو ته وضوءَ جو پاڪائي ۽ صفائي وارو عمل پنهنجو پاڻ ئي علم طب جو هڪ شاهڪار آهي. پڪ سان اسان جي وقت ۾ ڪو ماڻهو اهو چئي سگهي ٿو ته مان ته اڳي ئي پنهنجو منهن ۽ هٿ ڌوئيندو رهيو آهيان. پر اسان کي اهو به وسارڻ نه گھرجي ته انهيءَ عادت جي عمر ته رڳو ستر سال ئي آهي. انهن قومن ۾ به جيڪي پنهنجو پاڻ کي دنيا جون سڀ کان وڌيڪ مهذب قومون سمجھن ٿا، انهيءَ کان سواءِ اها صفائي جيڪا رڳو هڪ تاڪيد تي ٻڌل هجي، اها ڪڏهن به اهڙي طرح لڳاتار ۽ باقاعدي نٿي ٿي سگھي، جيڪا عبادت جي اصل نظم و ضبط سان حاصل ٿيندي آهي.
اها فطري ڳالهه آهي ته وضوءَ جون برڪتون ۽ فائدا رڳو طبي حقيقتن تي ئي ختم ٿي ويندا آهن. اسان جو هي ڪتاب رڳو سائنسي تشريحن تائين محدود آهي، جڏهن ته انهيءَ جا بي حساب روحاني فائدا اڃا به وڌيڪ آهن.