موضوع نمبر 29 پروگرام ۽ تقدير
”جنهن پيدا ڪيو ۽ سنئين لڱين ڪيائين. جنهن تقدير ٺاهي ۽ پوءِ (سڌي) واٽ ڏيکاري.“
اسان هن آيت مبارڪه کي ٽن طريقن سان واضح ڪري سگھون ٿا:
(الف) انهيءَ حڪم ڏنو. ان پيش ڪيو.
(ب) ان قسمت ڏني. ان تقدير مهيا ڪئي ۽ مڪمل ڪري ڇڏي.
(ٻ) ان پروگرام ٺاهيو ۽ انهيءَ پروگرام کي تڪميل جي آخري مرحلي تائين پهچايو.
هيءَ آيت اهو بنيادي قانون آهي جنهن تي علم طبعيات ۽ علم حياتيات جو دارومدار آهي. اها هڪ اهڙي سائنسي سچائيءَ کي بيان ڪري ٿي، جنهن جي سمجھه کانسواءِ طبعي ۽ حياتياتي عجائبن کي سمجھڻ ناممڪن آهي. انهن ٻنهي سائنسي علمن جي لاءِ به ان جي رازن کي سمجھڻ رڳو گذريل پندرنهن سالن ۾ ئي ممڪن ٿي سگھيو آهي.
سورت الاعلى شروع ئي هنن لفظن سان ٿئي ٿي جن جي معنى آهي ”تسبيح ڪريو (شان بيان ڪريو) انهيءَ وڏي شان واري پالڻهار جو جنهن پيدا ڪيو ۽ سنئين لڱين ڪيو.“ ان کان يڪدم پوءِ هيءَ آيت مبارڪه اچي ٿي. ايئن پوءِ الله تعالىﷻ پهريان پيدا ڪري ٿو، پوءِ خوبصورت تناسب ٺاهي ٿو؛ ان کان پوءِ پهريان ته ان جو پروگرام تيار ٿيو پيو آهي (حڪم ڪري ٿو ۽ تقدير ٺاهي ٿو). پوءِ پنهنجي رحمت جي صدقي آخر تائين رهڻ واري پروگرام کي هڪ تحفو عطا ڪري ٿو.
ايئن اڄڪلهه جي نسبت سان هيءَ ٽين آيت سڀني ننڍين وڏين مخلوقن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي.
اچو ته هاڻي ڪيترن ئي حيرت ۾ وجهندڙ عجوبن مان، هن آيت جي رازن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ انهيءَ حقيقت جو مشاهدو ڪريون ته هيءَ آيت ڪهڙي طرح علم طبعيات ۽ علم حياتيات جو هڪڙو بنيادي قانون آهي.
[b]1. ايٽمن ۽ ماليڪيولن جي زندگيءَ جو داستان
[/b]هڪڙو ايٽم، هڪ مخصوص چارج واري مرڪز جي چوڌاري، مخصوص تعداد واريون ڪاٽو چارجون (Electrons) رکندو آهي. پوءِ هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هڪ عنصر آڪسيجن جڏهن ته ٻيو ڪاربان ڇو آهي؟ جيئن ته الله تعالىﷻ هر ايٽمي مرڪز جو پروگرام ٺاهي رکيو آهي ۽ اهڙي طرح ان جي اوسي پاسي موجود توانائيءَ جي مدارن جو به پروگرام جوڙيل آهي، تنهن ڪري انهن کوپن (Shells) ۾ مقرر ڪيل رفتارن سان، خاص تعداد ۾، ڪاٽو چارجن يعني اليڪٽرانن جو پروگرام پڻ ٺاهيو ويو آهي.
قادر مطلق جي رحمت آهي جو انهيءَ پروگرام کي هڪ تحفي وانگر ڪم آندو وڃي ۽ اهو انهيءَ ڳالهه جي ضمانت به ڏيندو آهي ته ان جو ڏنل پروگرام پورو ٿي وڃي. ايئن ايٽمن کي خدائي قانون کان جدا نٿو سمجھي سگھجي.
طبعيات جي جڳ مشهور ماهر هائزنبرگ (Heisenberg) جي ”بي يقيني واري اصول“ (Principle of Uncertainty) مطابق اهو ممڪن ئي نه آهي ته هڪ ايٽمي مرڪز ۾ ٿيندڙ انفرادي طبعي حالتن بابت ڪا اڳڪٿي ڪري سگھجي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ايٽم پنهنجي حيثيت ڪهڙي طرح قائم رکندا آهن؟ انهيءَ جو جواب اهو آهي ته الله تعالىﷻ شروع کان ئي انهن جو اهو پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ هو ئي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکي ٿو ته اهي ايٽم پنهنجو مقصد پورو به ڪن. هتي اهو چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو ته ڪهڙي طرح بنا اڳواٽ احساس يا علم جي، دنيا جو هڪ مشهور ماهر طبعيات هن آيت پاڪ جي سچائيءَ کي ثابت ڪري رهيو آهي.
[b]2. نامياتي جيو گھرڙا (Organic Cells)
[/b]جيئن ته مون هڪ ٻي آيت جي تشريح جي سلسلي ۾ بيان ڪيو آهي ته زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل ۾ پروگرام مهيا ڪرڻ جو معاملو آهي. ٻين لفظن ۾ بنيادي اوسر وارو جيو گھرڙو جيڪو دماغ ۾ هوندو آهي يا هڪ گل يا هڪ پوپٽ ۾ هوندو آهي، هڪجهڙو ئي هوندو آهي. اهي سڀئي DNA جي کوپن ۾ داخل ڪيل پروگرامن جي اختلاف ۾ پوشيده آهن. آسان لفظن ۾، بنيادي تعميراتي بلاڪ جو جيو گھرڙو، جيڪو دماغ ۾ هجي يا هڪ گل ۾ هجي يا وري هڪ پوپٽ ۾ هجي، هڪجهڙو ئي هوندو آهي. اهي سڀني DNA جي جيني ڪوڊ يا فارمولن سان ٺهيل هوندا آهن. سندن زندگين ۾ جيڪو به فرق هوندو آهي سو انهن جي جيني ايڪن جي رياضياتي پروگرامن ۾ فرق جي ڪري هوندو آهي. جهانن جي پالڻهار هر هڪ کي هڪ مخصوص تقدير عطا ڪئي آهي ۽ انهيءَ تقدير جي حصول ۾ کين مدد ڪئي ويندي آهي. اها ئي اها جاءِ آهي جتي علم حياتيات جي سائنس به ويجھڙائيءَ ۾ ئي پهچي سگھي آهي ۽ آهستي آهستي هن آيت ڪريمه ۾ بيان ڪيل بنيادي قانونن جو شعور حاصل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان کان اڳ انهن اختلافن جي وجوديت يا جسماني ڍانچي ۾ پيدا ٿيڻ واري فرق جي سبب کي سمجھيو ويو. ائين هزارين گمراهه دانشورن کي ارتقا واري فضول نظريي جي ڪڍ لاتو ويو. جيڪڏهن رڳو هڪ سؤ سال اڳ ئي سائنسدانن کي قرآن ۾ موجود سائنسي قانونن جي ڄاڻ ٿي وڃي ها ته، لکين ماڻهن جا ذهن هر ڏهاڙي انهيءَ بي مقصد مادي پرستيءَ جي زهر سان ڀريل نه هجن ها ۽ دنيا اڄ جي خطرناڪ وهمن ۾ نه ڦاسي ها.
[b]3. ستارا (گرهه)، ڪهڪشائون ۽ انهن جي خدائي پروگرامن جي تقدير
[/b]سڀ کان پهريان اهو سمجھيو ويندو هو ته گرهن جي جوڙجڪ نو تاري (Novae)* جي ڪري ٿيندي آهي. اڳتي هلي اها دريافت ٿي ته ڪهڪشائون (جيڪي اربين ستارن تي مشتمل آهن) انهن ستارن جهڙن آسماني جسمن (Quasars) مان ٺهن ٿيون جيڪي ڪهڪشائن جي لاءِ ٻجن جو ڪم ڏين ٿيون. هڪ پروگرام (حڪم) هيٺ ڪهڪشائون پنهنجو پاڻ ئي آسماني جسمن (Quasars) ۾ هڪ ٻج وانگر تيار ٿي انتظار ڪنديون آهن. جڏهن الله تعالىﷻ جو حڪم ٿيندو آهي تڏهن ڪهڪشائون ڄڻ ته جوڀن ۾ اچي، اهڙي طرح ٽڙي پونديون آهن جيئن اڻ ڳڻيا اربين ستارا هوندا آهن.
هاڻي ڏسو ته ڪهڙي طرح هن آيت جي تفسير تخليق کي بيان ڪري ٿي ته اهو الله تعالىﷻ پروگرام ٺاهي ٿو (پهريان کان حڪم ڏئي ٿو) ۽ هڪ تحفي طور اندر ئي رکي ٿو. (جيڪو ان جي حصول ڏانهن وٺي وڃي ٿو). جڏهن انسان جي سامهون قرآن ۾ بيان ڪيل تخليق جي باري ۾ سائنسي ۽ معجزاتي طور تي شاندار قانون اچن ٿا، ته اهو الله تعالىﷻ جي سامهون سجدي ۾ ڪري پوي ٿو.
__________
* نوتارو: هڪ ستارو جيڪو پنهنجي مادي جو هڪ حصو گيسي ڪڪر جي شڪل ۾ خارج ڪندو آهي