مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 6 جوهري مرڪز

فَلَاۤ اُقۡسِمُ بِالۡخُنَّسِ ﴿ۙ۱۵﴾ الۡجَوَارِ الۡکُنَّسِ ﴿ۙ۱۶﴾ (التڪوير: ١٥ ۽ ١٦)
”مان قسم کڻان ٿو پلٽو کائڻ وارن ۽ لڪي وڃڻ وارن ستارن جو.“

هي آيتون قرآن مجيد جي تمام مشڪل آيتن مان آهن. ڇاڪاڻ ته اهي آيتون عظيم الشان طبعياتي حقيقتن کي ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ هيءَ سورت ٻيهر پيدا ٿيڻ واري عمل کي عام طريقي کان هٽي ڪري پيش ڪري ٿي، جنهن جو سمجھڻ آسان به نه آهي. آيت نمبر 1 کان 14 ٻيهر زندگيءَ بابت تفصيل جي باري ۾ آهي، جڏهن ته آيت نمبر 14 ۽ 15 ڪائنات ۽ آسماني فزڪس (Astrophysics) جي بنيادي اصولن کي بيان ڪري ٿي. اهڙي طرح هيءَ سورت انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته طبعيات جي باري ۾ گھرو مطالعو ڪريون ته جيئن ٻيهر جيئري ٿيڻ جو نظريو ڪنهن حد تائين سمجھه ۾ اچي سگھي.
ٻنهي آيتن کي چڱيءَ طرح سمجھڻ کان اڳ ”خنس“ ۽ ”ڪنس“ جي معنى سمجھڻي پوندي جنهن لاءِ صدين کان ڪوشش ڪيون ويون آهن. انهن جي پهرين تشريح خليفة الرسول حضرت عمر رضي الله ڪئي هئي. اهو هڪ ٻيو عجوبو آهي ته چوڏهن صديون اڳ هنن آيتن ۾ طبعيات جا بنيادي اصول ٻڌايا ويا.
”خنس“ يعني وهڪري جو مخالف، لهڻ، لڪڻ وارو ستارو.
”ڪنس“ هڪ خاص رستو يا مدار. ڪنهن هلندڙ شيءِ ۾ لِڪي يا ڇُپي وڃڻ واري.
ٻنهي لفظن جو مطالعو ڪندي هن اهم اعلان ته ”نه، قسم آهي“ يا ”فلاڻو قسم“ جيڪو ٻنهي آيتن جي هڪ جهڙي معنى ظاهر ڪري ٿو، ڪڏهن به وسارڻ نه گھرجي. اها حقيقت آهي ته آيتن جو هڪڙو سلسلو جوڙيو ويو آهي ۽ ٻيهر زندگيءَ جي باري ۾ نظريو ڏنو ويو. ايتري تائين جو آيت نمبر 15 ۾ الله تعالى قسم جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو ظاهر ڪري ٿو ته هڪڙو تمام اهم بيان ڏنو پيو وڃي. اچو ته هاڻي طبعيات جي بنيادي نڪتن تي توجهه ڏيون ۽ ڏسون ته انهن مان ڪهڙو ”خنس“ ۽ ڪهڙو ”ڪنس“ جون خاصيتون رکي ٿو.
الف – هڪ جوهر يا ايٽم جي بناوت ڇا هوندي آهي؟ هڪ اهڙو مرڪز، جنهن جي اندر بي پناهه توانائي ويڙهيل هوندي آهي، يا گڏ ٿيل هوندي آهي (خنس) ۽ اهي اليڪٽران جيڪي پنهنجي مدار يا آکيرن ۾ ان جي چوڌاري هلن ٿا ڪنس آهن. اهو هڪ اهڙو دوزخ وارو نظام آهي جيڪو پنهنجي اندر خنس ۽ ڪنس جو راز رکندڙ آهي. ڪهڙو انصاف پسند ماڻهو انهيءَ تشريح کي غير مستند چئي سگهي ٿو؟ ۽ انهيءَ ڳالهه کي 15 ۽ 16 نمبر آيتن کان سواءِ ڪهڙي طرح سمجهي سگھي ٿو؟
پڪ سان الله تعالى مادي جو ننڍڙي ۾ ننڍڙو مثال ايٽم جو ڏئي ٿو ته ڪهڙي طرح ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ کان پهريان عظيم تباهي ايندي. ڏسو ته ڪهڙي طرح خنس ۽ ڪنس جا راز هڪٻئي کي متوازن ڪري رهيا آهن. انهيءَ جو مطلب آهي ته ”جيڪڏهن اسان چئون ته الڳ الڳ ٿي وکري وڃو“ ته ڇا انهيءَ خوفناڪ تباهيءَ جو اندازو ڪري سگھون ٿا جيڪي اهڙيءَ طرح ايندي؟
ب – هاڻي اچو ته طبعيات جي هڪ ٻئي حصي ڏانهن ڌيان ڏيون. مقدار (Quantities) ۽ انهن جي طرف ۽ ڊيگھه ۽ ويڪر کي ڏسون. موجوده زماني جي طبعيات جي لحاظ کان ڪوائنٽم نظريو، يعني زندگيءَ جو بنيادي عنصر، ڊيگھه ۽ ويڪر جو رستو پنهنجي توانائيءَ جي حساب سان اختيار ڪندو آهي.
ڊيگھه ۽ ويڪر (Directions) بنا ڪنهن چرپر جي، پراسرار ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارا طرف آهن. مطلب ته ”ڪنس.“ جڏهن ته ڪوانٽا (Quanta) توانائي ۽ زوردار چرپر کي ظاهر ڪن ٿا پر هڪ خاص چينل (ٽيلي مواصلات ۾ بجلي وارن اشارن کي پهچائڻ جي لاءِ رستو) ”خنس“ انهيءَ مقدار کي ظاهر ڪندو آهي جيڪو انهيءَ چينل (آکيري) کان لنگھندو آهي. ڄاڻايل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ هنن آيتن مان اهو راز ظاهر ٿئي ٿو؛ ”قسم آهي موٽ کائيندڙ خنس (پوئتي هٽن واري (Receding) ايڪن جي سگھه جو) ۽ ان ڪنس (قدرن (Quanta)) جو (جيڪي پنهنجي محور ۾) هلندي لڪي ويندا آهن.
ٻ –آسماني جسمن جي مطالعي جي نقطه نظر سان، جيڪو پهريان بيان ڪيو ويو آهي، مئل ستارن جون به جڳهون آهن. اسان جو مطلب آهي ڪارا غار جيڪي ايترو ته سسي ويا آهن جو خلا مان گم ٿي ويندا آهن. يعني ”خنس“، پر ان سان گڏوگڏ ستارن جي جھرمٽن جا گروهه به عظيم توانائي وارا هوندا آهن. ان جو مطلب آهي نَوَ عظيم ستارا ”ڪنس.“ پهريان يعني ”خنس“ اصل معنى ۾ اهي جايون يا علائقا آهن جيڪي عظيم توانائين کي پنهنجي اندر جذب ڪن ٿا، پر اهي پاڻ هڪ جاءِ تي بيهجي ويندا آهن. ايتري تائين جو اهي زمان ۽ مڪان کان مڪمل طور تي آزاد ٿي ويندا آهن. ٻئي پاسي نجمي شيون (ستارا) آهن جيڪي اربين ثقلي خط مرئي ڪنس (يعني پروجيڪٽائل جي رستي) سان گڏ حرڪت ڪندا آهن. سورت تڪوير ۾ ٻيهر جيئرو ٿيڻ جي اصل معنى کي سمجھڻ لاءِ الله تعالى اسان کي انهيءَ طرف مائل ڪري ٿو ته اسان ”خنس“ ۽ ”ڪنس“ جي راز کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ستارن جي ثريائن ۽ جهرمٽن جو مطالعو ڪريون.
الله تعالى قرآن پاڪ جي سورت التڪوير جي آيت نمبر 1 کان 15 جي ذريعي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو راز سمجھائي ٿو ۽ اسان جو ڌيان شدت سان ڇڪائڻ لاءِ قسم جي طور تي بيان ڪري ٿو ۽ اهو نقطو ”خنس“ ۽ ”ڪنس“ جي ذريعي بيان ٿيو آهي. اهو ضروري نه آهي ته مٿي ڏنل ٽيئي مثال هڪ مڪمل نظام جي سلسلي کي بيان ڪن. اهي آيتون رڳو انهن ٽنهي مثالن ۾ ئي نه پر ٻين به ڪيترين ئي مادي حقيقتن ڏانهن ڌيان ڏيارين ٿيون. اصل ۾ اهي آيتون طبعياتي پيدائش کي سمجھڻ جي لاءِ بنياد مهيا ڪن ٿيون.
جهڙي طرح قوت ثقل هڪ توانائيءَ جي حيثيت ۾ ستارن ۽ ايٽمن ۾ موجود آهي، اهڙي طرح ”خنس“ ۽ ”ڪنس“ جا راز به سڀني مادي نظامن ۾ موجود آهن. اهو هڪ پل جو ڪم ڏيندو، جنهن جي مدد سان ٻئي مادي قانون سمجھه ۾ ايندا. انهن مان هڪ هي به آهي.
مقدار جي سطح تي ڪيترائي ٻئي درجي جا جوهري ذرڙا (Subatomic Particles) يعني جوهر کان به ننڍڙا ذرڙا جهڙوڪه اليڪٽران (Electron)، پروٽان (Proton)، نيوٽران (Neutron) وغيره چڪر (Spin) وارا هوندا آهن. هڪ خاص ماپ وارا جسم انهن جا اهي چڪر يا چرپر هڪ چقمقي اثر پيدا ڪن ٿا. خاص بيان ۾ اهي جسم ڏڪندا آهن جن سان چقمقي نفاذ (Magnetic Field)، جن کي چقمقي فلڪس به چيو ويندو آهي، پيدا ٿيندو آهن.جيتوڻيڪ انهن سڀني کي عام ٻوليءَ ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي پر اهي آيتون پڪ سان انهيءَ سچائيءَ کي بيان ڪن ٿيون. پيمائشي جسامت جو راز پوئتي هٽندڙ ڳجھي توانائي آهي. قدريي (Quantum) جي حرڪت، خنس جي راز کي بيان ڪري ٿي. جڏهن ته فضا پاڻ به خنس وارو راز رکي ٿي. انهيءَ ڪري ئي الله تعالى انهن سڀني طبعياتي قانونن جو قسم کڻي ٿو جيڪي سموري ڪائنات جي وسعتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ڏانهن هنن پاڪ آيتن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي.
آيت نمبر 15 ۽ 16 روحانيت واري علم جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿيون. جيتوڻيڪ انهيءَ موضوع کي اسان هن ڪتاب ۾ بحث هيٺ نٿا آڻيون.
هرڪا مخلوق هڪ ’خنس‘ ۽ هڪ ’ڪنس‘ جي حالت ۾ آهي. هڪ سهڻي نموني تي ٺهيل هڪجهڙائي، رواني يا وهڪ آهي، جڏهن ته ٻيو هٽندي پردو ڪرڻ وانگر آهي، ڄڻ ته موت جي ماٿري ۾ هليو وڃڻ. طبعيات جي لحاظ کان اسان انهن کي رفتار يا حرڪت ۽ ڳجھي بيهڪ يا وقفو چئي سگھون ٿا ۽ حقيقت ۾ فلڪي جسمن جي سائنس (Cosmogenesis) جا بلڪل نوان نظريا انهيءَ بنيادي نظريي کي ظاهر ڪن ٿا.
الف – مارٽن رايل (Ryle) ۽ ايلن سينڊيج (Sandage) موجب ڪائنات جي جوڙجڪ 20 ارب سال اڳ انتهائي تيز حرڪتن ۽ جھٽڪن سان ٿي. انهيءَ کي بگ بينگ نظريو چون ٿا. جيڪي توانائيون انهيءَ جاءِ تي گڏ ٿيل ۽ ٻڌل هيون اهي ۽ عظيم وکيري ڇڏڻ واريون طاقتور حرڪتون پاڻ ۾ برابر هيون.
ب – آندري سخاروف (Sakharov) جي نظريي موجب موجوده ڪائنات انهيءَ ڪائنات جو رد (Antiuniverse) آهي، جيڪا پوئتي هٽندي هٽندي گم ٿي وئي آهي. اها هاڻي ڄمي ڪري، موجوده حرڪت ڪندڙ ڪائنات کي توازن مهيا ڪري رهي آهي.
عزيز پڙهندڙؤ! 15 ۽ 16 نمبر آيتن جي عظمت انهيءَ حقيقت مان ظاهر آهي ته الله تعالى حقيقت ۾ اهو اعلان ڪيو آهي ”انسانو! مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي سمجھڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته توهان پوئتي هٽي غائب ٿي وڃڻ واري ۽ هلندڙ ڦرندڙ ظاهري ۽ حرڪت ڪندڙ ڪائناتن جو مطالعو ڪريو.“ اهو اعلان ڪندي الله تعالى ان جي شروعات ئي قسم سان ڪري ٿو ته جيئن ڪائنات جي پيدائش جي عظيم راز جو انسان کي احساس ٿي وڃي.
اهڙيءَ طرح چوڏهن سؤ سال اڳ ڪائنات جي ابتدا جي ڄاڻ ۽ طبعيات جو حيرت ۾ وجھندڙ راز اسان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ڏانهن اسان جو مڪمل توجهه هئڻ گھرجي، تڏهن وڃي اها ڳالهه اسان کي سمجھه ۾ ايندي.
”نه! قسم آهي انهن جو جيڪي لڪي وڃڻ وارا آهن ۽ انهن جو جيڪي پنهنجي مدارن ۾ هلي رهيا آهن.“