مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 1 آسماني فضا (ATMOSPHERE) جا راز

ثُمَّ اسۡتَوٰۤی اِلَی السَّمَآءِ وَ ہِیَ دُخَانٌ فَقَالَ لَہَا وَ لِلۡاَرۡضِ ائۡتِیَا طَوۡعًا اَوۡ کَرۡہًا ؕ قَالَتَاۤ اَتَیۡنَا طَآئِعِیۡنَ ﴿۱۱﴾(حٰم السجدة ١١)
”پوءِ هو آسمان ڏانهن متوجه ٿيو جيڪو ان وقت دونهون هو. هن آسمان ۽ زمين کي چيو (ته هڪ جاءِ تي) اچو سرهائي سان توڙي ارهائي سان. ٻنهي چيو ته اسان (سرهائي سان) فرمانبردارن وانگر آياسين.“

ان کان اڳ جو مان قرآن جي هنن آيتن جي تشريح ڪريان، مختصر طور سورتِ فصلت يا حٰم سجده ڏانهن توهان جو ڌيان ڇڪايان ٿو. جيئن ته هرڪو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هيءَ سورت قرآن ۾ اهڙي ٻيو نمبر سورت آهي جيڪا ”ح“ ۽ ”م“ سان شروع ٿئي ٿي. هيءَ هڪ انتهائي اهم سورت آهي، جنهن کي نبي ڪريم ﷺ گھڻو ڪري پڙهندا رهندا هئا.
اسلام جي عظيم مفڪرن ۽ دانشورن پنهنجي لکڻين ۾ لکيو آهي ته قرآن ۾ جيڪي ست دفعا ”ح – م“ آيا آهن انهن ۾ ڪائنات (UNIVERSE) جي باري ۾ ڪي خاص راز رکيل آهن. هتي اهو ٻڌايو ويو آهي ته ست ”ح – م“ سورتِ حٰم سجده جي تشريح جي سلسلي ۾ خاص راز رکن ٿا.
آيت نمبر 10 دنيا جي پيدائش جي باري ۾ تشريح ڪري ٿي ۽ ڪائنات جي مادي اصليت تي تمام سهڻي انداز ۾ روشني وجھي ٿي. بيشڪ هن آيت جون به ڪيتريون ئي معنائون ۽ تشريحون ٿي سگھن ٿيون. مان هن آيت جي معنى زميني طبعيات (GEOPHYSICS) جي روشنيءَ ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
1. اسان کي هن آيت کي وري وري پڙهي، هن جي اهم نڪتن کي سمجھڻ گھرجي. انهيءَ معاملي ۾ عام معنى کان ڪجھه اڳتي ۽ انتهائي احتياط سان ڏسڻ گھرجي. مان پڙهندڙن جو ڌيان هيٺ ڏنل نڪتن ڏانهن ڇڪائڻ گھران ٿو.
الف: پوءِ هو دونهين واري آسمان ڏانهن متوجه ٿيو
بيان جو اهو انداز هڪ خاص راز کي ظاهر ڪري ٿو. ڇو ته جڏهن الله تعالى ڪجھه ڪرڻ گھرندو آهي ته هو رڳو ايئن چوندو آهي ”ٿي وڃ“ ته اهو ٿي پوندو آهي. پوءِ هيءَ آيت ڇاجي ڪري خاص طرح سان بيان ڪري ٿي ته ”هو آسمان ڏانهن متوجه ٿيو؟“ اها حقيقت اسان جو ڌيان ان پاسي ڇڪائي ٿي ته هتي هڪڙو اهم سائنسي نُڪتو بيان ڪيو پيو وڃي.
ب: هو (الله) حڪم ڏئي رهيو آهي ته زمين ۽ آسمان پنهنجي عمل ۾ اتفاق ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪن.
هو انهن کي حڪم ڏئي ٿو ته اهي اچن ۽ پاڻ ۾ گڏجي عمل ۾ اتفاق ڪن، ارهائي سان توڙي سرهائيءَ سان. الله تعالى جي مخلوق ۾ نافرمانيءَ جي ته طاقت ئي نه آهي. زمين ۽ آسمان جي ”طوعا و کرها“ اچڻ جو مطلب اهو آهي ته اِن عمل جي اتفاق ۾ عام طور تي ڪا نه ڪا ڏکيائي ضرور آهي. وڌيڪ اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته آسمان، جنهن کي زمين سان هڪجهڙائي ڪرڻي آهي، سو زمين کي سڀ کان وڌيڪ ويجھو به آهي.
اچو ته هاڻي زمين ۽ ان جي سڀ کان وڌيڪ ويجھي آسمان جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪريون جيڪا موجوده دؤر جي علم رياضي، طبعيات، ارضي طبعيات جي تناظر ۾ حاصل ٿي آهي. هن کان اڳ ڪجھه عرصي تائين اهو مفروضو عام هو ته زندگيءَ جو وجود زمين جي ڪنهن به گرهه تي هڪ خاص گرميءَ پَد تي ٿي سگھي ٿو، پر موجوده ڪجھه سالن ۾ فضا جي تسخير ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته زمين جي ڪنهن گرهه (PLANET) جي لاءِ فضا (ATMOSPHERE) جو حصول ۽ ان جي موجودگي کي قائم رکڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. ٻين لفظن ۾ زمين جي ڪنهن به گرهه ۽ ان جي سڀ کان ويجھي آسمان جي وچ ۾ تمام گھڻي مخالفت (ٽڪراءُ) موجود آهي. اِن جو سبب اهو آهي ته فضا ايٽمي گيسن تي ٻڌل آهي. تمام وڏن گرهن ۾ اهي ايٽمي ذرڙا گرهن جي سطح ۾ جذب ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ننڍڙن گرهن ۾ ڪشش ثقل جي طاقت (GRAVITATIONAL FORCE) ايٽم کي پاڻ سان گڏ جوڙي رکڻ لاءِ اڻپوري هوندي آهي. انهيءَ ڪري اهي ايٽمي گيسون فضا ۾ ڳري وينديون آهن ۽ گرهه غيرآباد يا خالي ٿي ويندو آهي.
هاڻي اچو ته هن آيت پاڪ کي انهيءَ مختصر معلومات جي روشنيءَ ۾ ٻيهر پڙهون. خاص ڪري هن جي ٻئي حصي (توهان ٻئي سرهائي توڙي ارهائي سان اچو.) تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ايٽمي ذرڙا ۽ وزني گيسون فضا ۾ ڳرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون آهن. جڏهن ته اسان جي زمين انهن کي گرفتار يا پنهنجي اندر جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. ٻين لفظن ۾ زمين ۽ آسمان (فضا) جي اها ڀاڱي ڀائيواري انهن جي مرضيءَ جي خلاف آهي، اڃا به مجبوري يعني ”طوعا و کرها“ آهي. هن آيت سڳوريءَ جي سائنسي حقيقت انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿي ته اهو ڪائناتي راز اڄ کان چوڏهن صديون پهريان انسانيت کي ٻڌايو ويو هو، جڏهن ته اڄ کان پنجاهه سال اڳ تائين به ڪير انهيءَ حقيقت کان خبردار نه هو.
هن آيت پاڪ جي اندروني ۽ اونهي معنى تائين پهچڻ جي لاءِ اچو ته اسان ارضياتي طبيعات جي علم ۾ گھڙي ڏسون ته هڪ گرهه تي فضا جي پکيڙ جي لاءِ ڪهڙي شيءِ جي ضرورت ٿيندي آهي؟ انهيءَ لاءِ زمين کي اسان مثال طور وٺون ٿا.
هوا يا فضا جي بڻاوت جي لاءِ ضروري آهي ته انهيءَ چرپر (Motion) کي، جيڪا ذرڙن کي ڳاري ٿي، زمين جي ڪشش ثقل سان متوازن رکيو وڃي ته جيئن ڳري وڃڻ واري عمل کي روڪي سگھجي. اها ڳالهه لڳ ڀڳ ناممڪن نظر اچي ٿي. هن نظر ايندڙ ڪائنات ۾ انهيءَ ڳالهه جو ٿي پوڻ سموري ڪائنات جي گرهن مان هڪ ارب جي مقابلي ۾ هڪ کان وڌيڪ نٿو ٿي سگھي. انهيءَ ئي حقيقت کي هن سورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته: ”۽ پوءِ هو آسمان ڏانهن متوجه ٿيو.“
اهو بيان انهيءَ راز ڏانهن توجهه ڏياري ٿو ته ڪهڙي طرح الله تعالى هڪ ناممڪن شيءِ کي ممڪن بڻائي ٿو. ارضي طبعيات جي نقطه نظر کان اها انتهائي توازن واري صورت تمام اهم خاصيتن جي گھرجائو آهي. اِن لاءِ هيٺ ڏنل خاصيتن جو موجود هئڻ ضروري آهي:
1. فضائي گرمي پد
2. زمين جي متوازن ڪشش ثقل
3. فضا جي شعاعي توانائي جي اهڙي سگھه موجود نه هئڻ جو انهيءَ نازڪ توازن کي بگاڙي سگھي. اها توانائي مادي جي غير موجودگيءَ ۾ به قائم رهندي آهي.
هاڻي اچو ته اسان مٿين ٽنهي خاصيتن جي باري ۾ وڌيڪ ڪجھه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون:

[b]1. فضائي گرمي پد (Atmospheric Temperature)
[/b]ايٽمن يعني انتهائي ننڍڙن ذرڙن جي گم ٿي وڃڻ جو دارومدار تپش (Heat) تي هوندو آهي ۽ اوسي پاسي جي تپش کي هِنن خاصيتن جي پيروي ڪرڻي پوندي آهي:
الف – زمين جو سج جي نسبت سان مفاصلو: جيڪڏهن زمين سج جي گھڻو ويجھو هجي ها ته فضا ۾ اٻڙس جي گھڻائي جي ڪري سڀئي ننڍڙا ذرڙا ٽهڪي غائب ٿي وڃن ها. انهيءَ جي برخلاف جيڪڏهن زمين سج کان ٿورو وڌيڪ پري هجي ها ته ننڍڙن ننڍڙن ذرڙن جي چرپر انتهائي گھٽجي وڃي ها ۽ اهي ڄمي وڃن ها ۽ جلد ئي زمين ۾ ملي ڪري پنهنجو وجود ئي وڃائي ويهن ها.
ب – زمين جيڪا سج کان تپش وٺي ٿي، انهيءَ کي زمين جي فضا ۾ هڪجهڙائيءَ سان ورڇجڻ گھرجي. ان مقصد جي لاءِ زمين کي پنهنجي مدار ۾ هڪ خاص رفتار سان چڪر ڪاٽڻو هوندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ جي گردش جي رفتار گھڻو گھٽجي وڃي ته جنهن جاءِ تي اونداهي هوندي اتي اوچتو سخت ٿڌ ٿي وڃڻ جي ڪري فضا زمين جي انهيءَ اونداهي حصي ۾ ملي ختم ٿي ويندي پر جيڪڏهن زمين جي پنهنجي مدار ۾ گھمڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي ته زمين جي ڪيترن ئي حصن کي مناسب گرمي نه ملي سگھندي.
انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته زمين پنهنجي موجوده رفتار سان ئي چڪر ڪاٽيندي رهي. جيتوڻيڪ اها متناسب گردش اُٻڙس جي سوال جو ڪو تسلي ڏيندڙ جواب نه آهي. زميني خط استوا، جيڪا سج کان وڌ کان وڌ تپش وٺي ٿي، سا گرم ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن زمين جا قطب (Poles) وڌيڪ ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا اُن جي نتيجي ۾ اتي ڳؤراڻ يعني اها ڪيميائي تبديلي پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان ٻه يا ان کان وڌيڪ ذرڙا ايٽمن جي ڄمي وڃڻ ۽ جذب ٿي وڃڻ واري عمل (Absorption) جي ڪري فضا پاڻ به جذب ٿي ويندي آهي. انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته زمين جا محور (Axis) سدائين جھڪيل رهن ۽ زمين جي گرم ٿيل علائقن کي لڳاتار مناسب طريقي سان اندروني تبديليءَ جي عمل ۾ بدلي سدلي (Interchange) ڪندا رهن. اهو ئي سبب آهي جو زميني محور 23.5 ڊگري تي جھڪيل آهي.
آيت ڪريمه جي آخر ۾ اهو اعلان ته ”اسان اچي وياسون فرمانبردارن وانگر،“ مٿي ڏنل معنى جي ترجماني ڪري ٿو. الله تعالى جو اهو حڪم ته ”اچو سرها ٿي توڙي ارها ٿي“ زمين جي پاڻمرادو جھڪاءُ ۽ انهيءَ جي متناسب گھمڻ (Rotation) جي عمل ڏانهن اشارو ڪري ٿو. مطلب ته زمين هڪ خاص حالت ۾ پنهنجي مادي حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ الله تعالى جي حڪم جي ئي پابند آهي.
ج – زمين جيڪا تپش حاصل ڪري ٿي، ان کي هڪ خاص وقت تائين قائم رکڻو پوندو آهي. ٻين لفظن ۾ زمين کي هڪ قسم جي سَوَڙِ جي ضرورت آهي. اها سوڙ هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ميسر ڪري ڏني آهي. پر فضا جي پيدا ٿيڻ کان پهريان ارضي تپش جي عمل کي متناسب رکڻ جي لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪٿي هئي؟ اسان ارضي طبعيات جي مطالعي منجھان ڄاڻي ورتو آهي ته زمين جي شروعاتي فضا بنيادي طور تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تي مشتمل هئي. آيت پاڪ انهيءَ راز کي هن طرح سان ظاهر ڪري ٿي ته ”پوءِ هو آسمان ڏانهن متوجه ٿيو جو ان وقت دخان (دونهون) هو.“ اها هڪ مڃيل سائنسي حقيقت آهي ته شروع ۾ زمين جي فضا گھڻو تڻو دونهين (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) تي مشتمل هئي. زمين جي تپش کي قائم رکڻ انهيءَ شروعاتي گيس (دونهين) تي منحصر آهي ۽ انهيءَ جي ڪري ئي زمين جي موجوده فضا قائم آهي.

[b]2. زمين جي متناسب ڪشش ثقل
[/b] (The Properly Proportioned Gravitation of Earth)
جديد طبعيات زميني ڪشش ثقل کي هن طرح بيان ڪري ٿي ته اها ايٽم (Atom) جي ان هر دم تيار ڪشش يا ڇڪڻ وارين قوتن جو ميڙ آهي جيڪي زمين جي وجود ۾ موجود آهن. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن فضا جي ڳري وڃڻ کي ڪشش ثقل يا ٻي طرف فضا جي مڪمل طور جذب ٿي وڃڻ واري عمل کي روڪڻو هجي ته زمين کي هڪ خاص مقدار ۽ گھاٽائي (Volume & Density) وارو هئڻ گھرجي. اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ٿي ته جيڪڏهن زمين هڪ خاص مقدار ۽ گھاٽائي رکي ته بنا ڪنهن ڏکيائي جي فضا مهيا ٿي سگھي ٿي، پر انهيءَ سموري عمل ۾ نه مڃڻ جوڳيون نزاڪتون ۽ باريڪيون نظر اچن ٿيون. انهن ڳالهين کي هيٺين ريت بيان ڪري سگھجي ٿو:
الف – زمين ۾ مختلف مادا هڪ خاص مناسبت سان هوندا آهن. اها ڳالهه ضروري آهي ته زمين جي اندر مناسب مقدار ۾ ڌاتن جو ذخيرو هئڻ گھرجي ته جيئن زمين تي زندگي، تهذيب ۽ تمدن قائم رهي سگھي. اِن سان گڏوگڏ غير ڌاتوئي شين جو ذخيرو به تمام ضروري آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته زمين جو مقدار ڪو سادو حساب نه آهي، پر اهو هڪ انتهائي منجھيل حساب ڪتاب آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي اهم شين جو حساب رکڻو پوندو آهي.
ب – زمين ۾ ڪشش جو توازن اهڙي طرح هئڻ گھرجي جو جڏهن مالڪيولز يعني فضائي ذرڙا جسماني طور متوازن صورت ۾ هجن ته بلڪل انهيءَ ئي وقت اهي زمين جي سطح تي ڪيميائي طور تي هڪ جاءِ تي ٽڪيل به هجن. يعني زمين جو کوپو (Crust) مٽي، جبل ۽ سمنڊ هڪ اهڙي وجود ۾ هجن جو فضا جي گيسن جي مناسب رد عمل جو سبب بڻجن. ٻين لفظن ۾ اهي فضا کي پنهنجي اندر جذب نه ڪري ڇڏين. مثال طور جيڪڏهن زمين جو کوپو ڪاربان جو بڻيل هجي ها ته اهو هڪ پاسي آڪسيجن کي ڪيميائي رد عمل جي ڪري ختم ڪري ڇڏي ها ته ٻئي پاسي وري اهو نائٽروجن کي جذب ڪري وٺي ها پر زمين جو کوپو سليڪان جي مرڪبن منجھان اهڙي طرح بڻيل آهي جو اهو ان کي فضا جي اندروني کوپي اندر هڪ جاءِ تي ٽڪيل ۽ ڄميل رکي ٿو. اهڙي طرح زمين ۽ فضا جو توازن قائم رهي ٿو.
ٻ – وڌيڪ ٻه اهم نڪتا زمين جي ڪشش ثقل جي نسبت سان مادي جي بناوت جي باري ۾ آهن. پهرين ڳالهه اها ته زمين جي مادي گھاٽائي جي اندر چقمقي مادن جهڙوڪه لوهه جي متناسب ورڇ جو هئڻ ضروري آهي. ٻي ڳالهه اها ته زمين جي بلڪل اندر پگھريل چقمقي مادن ۽ اڌ پگھريل ڌاتن جو زمين جي کوپي سان گڏ، تناسب سان قائم رهڻ به تمام ضروري آهي. اهڙي طرح اسان ڏسون ٿا ته زمين جي ڪشش ثقل تمام گھڻن صحيح اندازن ۽ بيشمار حسابن جي گھرجائو آهي. اهي حساب ڪتاب (Calculations) ايترا ته گھڻا ۽ نازڪ آهن جو رڳو انهن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ به ديو قامت ڪمپيوٽر گھرجن.

[b]3. فضا جو استحڪام ۽ فضائي ويڪر ۾ شعاعي توانائين جو توازن
[/b] (Inviolability of Atmosphere)
ان ڳالهه کي ڇڏي ڪري ته فضائي ويڪر ڪيتري حد تائين هڪجهڙائي ۾ نظر اچي ٿي، فضائي ويڪر ۾ مختلف قسم جي ٽڪرن ۽ ذرڙن جو ايترو ته سخت وسڪارو ٿيندو رهندو آهي جو، اهو فضا جو توازن ئي بگاڙي ڇڏي ٿو ۽ اهو انتهائي ننڍڙن ذرڙن کي سخت قسم جي تير ڦرندڙ رفتار (Velocity) به عطا ڪري ٿو.
الف – هڪ چقمقي علائقو (Magnetosphere) زمين کي هر پاسي کان گھيريون بيٺو آهي. انهيءَ جو قطر هڪ سؤ زمينن جي قطر برابر آهي. اهو زمين ڏانهن فضا مان اچڻ وارن هر قسم جي ذرڙن ۽ توانائين جي خلاف هڪ ڍال وارو ڪم ڏئي ٿو. انهيءَ جو تفصيل هڪ ٻي آيت ڪريمه جي تشريح جي سلسلي ۾ به پيش ڪيو ويندو.
ب – سمجهيو وڃي ٿو ته ڪاريون غارون (Black Holes) زمين کان هڪ خاص وٿي تي موجود آهن. ڪاريون غارون، جن جي اندر تمام گھڻي ڪشش ثقل هوندي آهي، انهن سڀني توانائين کي، جيڪي ستارن جي جھرمٽن ۽ ثريائن مان نڪرن ٿيون، پنهنجي اندر جذب ڪري وٺنديون آهن. انهيءَ جو سبب رڳو انهن ڪارن غارن جي اندر موجود تمام گھڻي ڪشش ثقل جو هجڻ ئي آهي.
ٻ – وڌيڪ اهو ته فضا پنهنجي وجود اندر مٿاهن علائقن کان هيٺاهين وارن علائقن ڏانهن، پنهنجي بناوت جي لحاظ کان، پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪري رکيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ فضائي تهه (Ozone Layer) هڪ ڇاڻيءَ جو ڪم ڏئي ٿو، جنهن ۾ ذرڙا ڇڻي ڪري اچن ٿا. اهڙي طرح نائٽروجن جا قطرا (Isotopes) به اِن جي حفاظت جو سبب بڻجن ٿا.
انهيءَ حقيقت کي آسانيءَ سان مڃي سگھجي ٿو ته فضا جي باري ۾ ڪيتريون ئي حقيقتون اڃا تائين پوري طرح سان انسان جي ڄاڻ ۾ نه اچي سگھيون آهن، پر اصل ڳالهه اها آهي ته سائنس هر روز الله تعالى جي معجزن جو علم حاصل ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح ان تي شاهد ٿيندي رهندي آهي.
جڏهن سورت فصلٰت جي آيت نمبر 11 ۾ آسمان جي تشريح ڪريون ٿا ۽ آيت نمبر 12 ۾ زمين ۽ آسمان جي تشريح ڪريون ٿا ته اهڙيون ئي حقيقتون اسان جي سامهون اچي وڃن ٿيون.
اهو به ممڪن آهي ته آسمان جي باري ۾ توجيهه عام فهم معنى ۾ ڪئي وڃي ۽ ان جي تشريح مختلف پاسن کان ڪئي وڃي. قرآن ڪريم ستن آسمانن جي وجود جو ذڪر ڪري ٿو. انسانيت هن وقت تائين ان جي خاص مادي بناوت جي باري ۾ ڄاڻ نٿي رکي. اِن معاملي ۾ اسان ان جي ماپ، جسامت، ڊيگھه، ويڪر ۽ ان جي وچ واري مفاصلي جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نٿا رکون. مان انهيءَ حقيقت جي تشريح اڳتي هلي انهيءَ آيت پاڪ جي سلسلي ۾ ڪندس جنهن ۾ ستن آسمانن جو ذڪر آهي.
هاڻي توهان هن موضوع جي آيت پاڪ کي ٻيهر ۽ ٽيهر انهن سڀني سائنسي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پڙهو. هاڻي اسان کي دلچسپي پيدا ٿيندي ته ڪيئن نه هن آيت ڪريمه جي اندر حيرت ۾ وجھندڙ ۽ عظيم الشان سائنسي حقيقتن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
جيستائين فضا جي سڀ کان وڌيڪ خاصيتن جو تعلق آهي، ته اسان ڏسون ٿا ته ڪنهن شيءِ يا ذرڙي جي غائب ٿيڻ جي لاءِ ٻاهرين رفتار (Escape Vilocity) 11.3 ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي. فضا جي عام ڪيفيت کي هڪ خاص توازن سان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح فضا جا ذرڙا انهيءَ رفتار تائين نٿا پهچي سگھن.
پروفيسر ڊي ليماڪ سپسٽر (Prof. De Lymak Spitser) چواڻي: زمين پنهنجي ضرورت موجب فضا جي هڪ حصي کي خاص ڪري نائٽروجن طور جذب ڪري وٺندي آهي، پر آڪسيجن جي چست ۽ تمام تيز خاصيت کي فضا ۾ نائٽروجن جي ذريعي متناسب رکيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته فائديمند گيسون (Noble Gases) جيڪي هيليم (Helium)، ارگون (Argon)، نيون (Neon)، ڪريپٽون (Crypton)، زنون (Xenon) ۽ ريڊون (Radon) آهن، اهي به فضا ۾ تمام ٿورڙو پر مناسب مقدار ۾ موجود آهن. اهي نائٽروجن ۽ آڪسيجن گيسن کي هڪ ٿي وڃڻ کان روڪين ٿيو، خاص ڪري ان وقت جڏهن کنوڻ ڪرندي آهي. فضا سدائين نائٽروجن ۽ آڪسيجن جي توازن کي، جيڪو 5:1 جي نسبت سان هوندو آهي، قائم رکندي آهي.
هن عظيم الشان ارضي طبعياتي نظام جي شروعات ئي انهن رازن منجھان آهي، جيڪي هن آيت ۾ اسان تي ظاهر ڪيا ويا آهن.