مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 36 قيامت جي ڏينهن زمين ۽ آسمان ۾ مخلوق جو حال

وَ نُفِخَ فِی الصُّوۡرِ فَصَعِقَ مَنۡ فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَنۡ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا مَنۡ شَآءَ اللّٰہُ ؕ ثُمَّ نُفِخَ فِیۡہِ اُخۡرٰی فَاِذَا ہُمۡ قِیَامٌ یَّنۡظُرُوۡنَ ﴿۶۸﴾ (الزمر: ٦٨)
”۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ۽ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهن سي سڀئي ڪري مري ويندا، سواءِ انهن جي جن کي الله جيئرو رکڻ گھري. پوءِ وري هڪ ٻيو صور ڦوڪيو ويندو ۽ اوچتو سڀئي اٿي (پنهنجي اوسي پاسي) ڏسڻ لڳندا.“

جيئن سڀڪو ڄاڻي ٿو ته مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ هڪ اهڙو واقعو آهي، جيڪو سمورن انسانن جي نصيب ۾ لکيل آهي. هن آيت سڳوري جو هڪ دلچسپ پاسو اهو فقرو آهي، جنهن ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته صور ڦوڪڻ وقت اهي به مري ويندا، جيڪي آسمان ۾ آهن. سڀئي مسلمان، اڃا به سمورا اهل ڪتاب ان ڳالهه تي ايمان رکن ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته، جيڪا به زنده مخلوق زمين تي آهي، سا پهرين صور ڦوڪجڻ سان مري ويندي ۽ ٻئي دفعي صور ڦوڪجڻ تي اٿاري ويندي پر قيامت جي ڏينهن آسمان ۾ اهي ڪير هوندا جيڪي پهريان ماريا ويندا ۽ پوءِ وري ٻيهر جيئرا ڪيا ويندا؟ هن آيت جي تشريح جي سلسلي ۾ منهنجو پهريون مقصد ته اهو آهي ته مان پنهنجي سمجھه ۽ بصيرت موجب انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان. ٻي اها ڳالهه ته ”خلائي مخلوق“ جي انهيءَ تصور تي روشني وجھي سگھان جيڪو ويجھڙن سالن ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ جيڪو اصل ۾ هڪ شرارت ۽ بگاڙ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن جو اصل مقصد الله تعالىﷻ جي پاڪ ڪتابن جي فرمانن کي ڪوڙو ڪرڻ آهي.
قيامت جي ڏينهن يعني مرڻ کان پوءِ وري زندگي ملڻ واري ڏينهن پهرين صور ۾ ڦوڪجڻ کي ”صعق“ چيو ويو آهي. صعق جو مطلب اهو سخت آواز يا ڌماڪو آهي، جيڪو هر شيءِ کي ماري ڦٽو ڪندو. اها ڳالهه انهيءَ سائنسي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي جنهن کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش جديد فزڪس به ڪري رهي آهي. هن وقت تائين اهو ته ثابت ٿي چڪو آهي ته هڪ خاص تعدد ارتعاش يعني فريڪوئنسي ۽ شدت واريون آوازي لهرون جاندارن کي ماري ڇڏڻ واري خاصيت رکن ٿيون.
مرڻ کان پوءِ واري زندگي جسماني ماپ (قوى) جي سموري نظام کي بدلائي ڇڏي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو رڳو خالق مطلق جو عمل ئي آهي، جيڪو هر معمولي جاءِ کي سڌو ڪري ڇڏي ٿو پر اسان اهو نٿا ڄاڻون ته مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو اهو پاسو ڪڏهن وقت جي وهڪري کي بدلائي ڇڏيندو. قيامت ان وقت شروع ٿيندي جڏهن ملائڪ اسرافيل صور ڦوڪيندو. جيئن ته هن موضوع بابت تفسيرون خاموش آهن، هن ڪتاب ۾ جيڪو سائنسي حقيقتن بابت آهي، اسان به انهيءَ موضوع تي بحث نه ڪنداسين.
ٻيو دفعو صور ۾ ڦوڪجڻ کي ”رادفة“چيو ويو آهي. اها انهيءَ بصري تعدد ارتعاش (فريڪوئنسي) کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن جو اثر ٻيهر روح ڦوڪڻ جهڙو آهي. سائنسي نقطي نگاهه کان انهيءَ صور جي نوعيت اڃا تائين نه سمجھه ۾ ايندڙ ۽ ڳجهي آهي. ٻيهر جيئرو ڪرڻ وارن آوازن جي خاصيت ۽ نوعيت اڃا تائين سائنس جي ڄاڻ ۾ نه اچي سگھي آهي.
قيامت جي ڏينهن سڀني جاندارن، خاص ڪري انسان جو ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ بيشڪ هڪ خدائي معجزو هوندو پر انهيءَ جو به ڪو نه ڪو سبب ته هوندو ته آخر اهو ڪم اسرافيل ؑ جي ئي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي؟ انهيءَ جو مثال ائين آهي ته تحقيقن منجھان اها به ڄاڻ ملي آهي ته هڪ خاص قسم جي ڪمي پنهنجي ٻچن جي واڌ ويجھه پنهنجي آنن تي نظرون کپائي رکڻ واري عمل سان ڪندي آهي. ان جي اکين مان نڪرندڙ شعاعن ۾ واڌ ويجھ ڏيڻ ۽ پچائڻ واري خاصيت هوندي آهي. اسان جي ٻيهر جيئرو ٿيڻ جي ڪنجي، ٻيو دفعو صور ۾ ڦوڪجڻ وارين آوازي لهرن جي وسيلي جسم ۾ روح جي سچائي ۽ زندگيءَ جي اسرار جي مدد سان ٻيهر جيئرو ڪرڻ تي آڌاريل آهي.
اهو ته ظاهر آهي ته پهريون ۽ ٻيو دفعو صور ۾ ڦوڪجڻ جي وچ واري وٿي جي دوران الله تعالىﷻ مئل جسمن جي جيو گھرڙن کي حياتيءَ جو هڪ خاص راز عطا ڪندو ۽ اڳي ئي تيار ڪيل جسم کي، اڳ ۾ ئي مقرر روح جي وسيلي، ٻيو دفعو صور ۾ ڦوڪجڻ تي جيئرو ڪيو ويندو. جيئن ته مئل جسم جا جيني ڪوڊ يا فارمولا لوح محفوظ واري ڪمپيوٽري ٽيپ تي اڳي ئي رڪارڊ ٿي چڪا هوندا آهن، انهيءَ ڪري جسم جي ٻيهر زندگي حاصل ڪرڻ ۽ ڳرڻ سڙڻ واري عمل سان انهيءَ جي آزادي گڏوگڏ وجود ۾ اچي سگھن ٿا. مٿي ٻڌايل ڳالهه کي اسان چٽيءَ طرح سان سورت يٰسن جي آخري صفحي تي ڏسي سگھون ٿا. الله تعالىﷻ سڀني ڪافرن ۽ بي دينن کي پنهنجي هن فرمان سان هوشيار ڪري ٿو.
”ڇا اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو انهيءَ ڳالهه تي وس وارو نه آهي ته انهن جهڙن کي پيدا ڪري سگھي؟ بيشڪ هو ائين ڪري سگھي ٿو، (ڇاڪاڻ ته) هو هر شيءِ کي خلقڻ ڄاڻي ٿو.“
”هو جڏهن ڪنهن شيءِ جي لاءِ ارادو ڪندو آهي ته هن جو ڪم رڳو اهو آهي ته ان کي حڪم ڏئي ته ٿي وڃي ته پوءِ اها ٿي پوندي آهي. پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ ان ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ.“
اچو ته هاڻي اسان ٻيهر پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن اچون. اهي ڪير آهن جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي دنيا جي ختم ٿي وڃڻ تي مري ويندا پر وري حساب ڪتاب واري ڏينهن ٻيهر جيئرا ڪيا ويندا.
جيئن مون هينئر بيان ڪيو آهي ته انهيءَ وٿيءَ ۾ موت تمام سخت آوازي ڏڪڻي جي وسيلي ان وقت ايندو، جڏهن اڃا تائين فضائي ويڪر ختم نه ٿي وئي هوندي. انهن مري وڃڻ واري مخلوق ۾ ملائڪ شامل نه هوندا. ڇو جو اهي ته ٻئي قسم واري فضائن جي مخلوق آهن. ان کانسواءِ قيامت جي ڏينهن انهن کي ڪيترن ئي قسمن جا ڪم ڪرڻا هوندا. هن آيت جو اهو بيان ته اهي جيڪي آسمانن ۾ آهن، هڪ تمام ئي اهم ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ ۾ رڳو آسمان ئي چيو ويو هجي ها ته ان کي زمين کي سڀ کان وڌيڪ ويجھو آسمان ئي سمجھيو وڃي ها.
انهيءَ فرمان ۾ جنهن جاءِ کي مڪمل طرح ظاهر ڪيو ويو آهي، آسمانن ۾ تباهه ٿي وڃڻ واري مخلوق مان هڪ مخلوق پڪ سان جِنَ به هوندا. جيئن ته قرآن ۾ جنن ۽ انسانن سان ئي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهيءَ ڪري آسمانن ۾ ته جن ئي مري ويندا جن کي ٻيهر جيئرو ڪيو ويندو ۽ انهن کي به پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو.
پر جيستائين انسانن جي باري ۾ معنائون آهن، اهو حصو چٽيءَ طرح سان انهن معجزاتي رازن وارو آهي، جنهن کي رڳو موجوده دؤر ۾ ئي ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن قرآن نازل ٿيو هو، ان وقت ڪير به نه پيو ڄاڻي ته هڪ ڏينهن انسان آسمانن، اڃا به فضائي ويڪر ۾ اڏام ڪندو. ايئن اهو به هن آيت پاڪ جو هڪ معجزاتي پاسو آهي. جيڪڏهن اهو فرمان نه هجي ها ته ڪافر ۽ بي دين ماڻهو گستاخي ڪندي مسلمانن تي ٺٺوليون ڪرڻ جي جرئت ڪن ها ۽ چون ها ته ”جڏهن قيامت ايندي ته ان وقت اسان سڀئي فضا ۾ هوندا سين.“ هيءَ آيت قيامت جي ويجهڙي يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي دؤر واري فضائي سوڀ جي پيش گوئي ڪري ٿي. ائين هڪ دفعو وري اسان قرآن جي هر آيت، اڃا به هر لفظ جي معجزاتي دانائيءَ کي ڏسي سگھون ٿا.
جِنَ
جن جو تصور سمورن آسماني مذهبن ۾ نظر اچي ٿو. اهو تصور انهن مذهبن ۾ به موجود آهي جيڪي يا ته افراتفري جو شڪار آهن يا وري جن جون شڪليون ئي بگاڙيون ويون آهن. جن هڪ اهڙي مخلوق آهي، جنهن جي پيدائش هڪ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ توانائيءَ سان ٿي آهي. ٻئي پاسي انهن کي عقل ۽ شعور پڻ آهي ۽ انهن جي ارتعاشي رفتار، جيڪا 300000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ کان به وڌيڪ آهي، اِن ڳالهه کي ناممڪن بڻائي ڇڏي ٿي ته اهي ڪنهن به ماپي سان ڏسي يا محسوس ڪري سگھجن. اِن نظريي کي ڪنهن حد تائين سمجھڻ جي لاءِ اهو ڪافي ٿيندو ته اسان عام مادي جي خاصيتن کي پنهنجي سامهون رکون.
هر عام مادو ۽ انهيءَ قسم جون شيون، بنيادي ذرڙن (Elementary Particles) مان ٺهن ٿيون. انهن سڀني جي رفتار روشنيءَ جي رفتار کان گھٽ هوندي آهي. جڏهن اهي شيون فضا ۽ هڪ ٻئي جي نسبت سان جاميٽري (عددي) حرڪت حاصل ڪنديون آهن ته مختلف شيون وجود ۾ اينديون آهن پر انهن شين جي مزاحمتي سگھه تپش (Heat) جي اڳيان گھٽجي ويندي آهي. جيتوڻيڪ هڪ اڪيلو ذرڙو تپش کي برداشت ڪري سگھي ٿو، پر فضا جو اهو نظام، جيڪو انهن ذرڙن جي تاڃي پيٽي مان ٺهيل هوندو آهي، سخت قسم جي تپش ۾ ٽڙي پکڙي غائب ٿي ويندو آهي. انهن جون جسماني خاصيتون ختم ٿي وينديون آهن ۽ 5000 ڊگري سينٽي گريڊ تي ئي اهي انفرادي ايٽمن ۾ بدلجي ويندا آهن ۽ آسماني نقطي نگاهه کان جِنَ جو وجود نه هئڻ جي برابر هوندو آهي. ڪائنات ۾ هڪ سؤ ارب ستارا آهن ۽ انهن مان هر ڏهه لک مان هڪ جي اندر شايد گرمي پد هڪ لک يا شايد ڏهه لک ڊگري کان گھٽ ئي هوندو.
الله تعالىﷻ پڪ سان ستارن يا ستارن جي ويجھو ڪافي مخلوق پيدا ڪئي آهي پر انهن کي جيئرو رهڻ جي لاءِ ڪهڙين خاصيتن وارو هئڻ گھرجي؟ انهيءَ سوال جو جيڪو عقلي يا استدلالي جواب ٿي سگھي ٿو، سو اهو آهي ته ڪائنات ۾ رهڻ وارين هستين جو وجود توانائيءَ (Energetic) ئي هئڻ گھرجي؛ نه اهو مادي هجي جنهن کي ڇهي سگھجي. ٻين لفظن ۾ انهن جو نظام، توانائيءَ جي ايڪن يعني توانائيءَ جي واضح ايڪن يا Quanta مان ٺهيل هئڻ گھرجي ۽ اهو نظام اهڙين توانائين مان جڙيل هجي جنهن تي تمام سخت گرمي پد (تپش) جو به ڪو اثر نه ٿئي. اها بلڪل جائز ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ اها اميد ڪئي وڃي ته اهڙن نظامن ۾ اهڙي مخلوق به هوندي جيڪا حساس ۽ شعور واري هوندي.
قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي تشريحون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته آسمانن ۾ به مخلوق جو وجود آهي. ان مان گهڻي ته الله تعالىﷻ جي اها فرمانبردار مخلوق آهي، جيڪا جِنَ جي عنوان هيٺ اچي ٿي. قرآني آيتون به اهو ئي ٻڌائن ٿيون ته آسمانن ۾ الله تعالىﷻ جي مخلوق ان جي عبادت ۾ مصروف آهي ۽ ان جي نالي جو ورد به ڪري ٿي.
جيئن ته سائنس انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو آهي ته ڪائنات ۾ سڀئي ستارا سخت قسم جي تپش جا مرڪز آهن. انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته انهن تي رهڻ يا آباد ٿيڻ لاءِ اهڙا مختلف نظام هئڻ گھرجن، جيڪي توانائيءَ جي ايڪي يا ڪوانٽا مان جڙيل هجن؛ يعني جِنَ. اڄڪلهه جا بي دين ماڻهو به اهو ئي چون ٿا ته ڪائنات ۾ ڪنهن قسم جي غير زميني مخلوق جو وجود ضرور هوندو. هتي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها مخلوق انساني جسم جي شڪل ۾ نه هوندي. پڪ سان ڪائنات جي اندر ڪيترائي اهڙا گرهه به هوندا جتي مادي وجود رکڻ واري مخلوق جي زندگي ممڪن ٿي سگھي ٿي پر اهم ڳالهه اها آهي ته ڪائنات ۾ مجموعي طور اهڙي مخلوق تمام گھڻي هوندي جيڪا توانائي جي ايڪن تي مشتمل هوندي. ڪائنات ۾ وٿيون ايتريون ته پکڙيل ۽ گھڻيون آهن جو رڳو نج توانائيءَ جي وجود واري مخلوق ئي انهيءَ لائق ٿي سگھي ٿي ته اها هڪ ستاري کان ٻئي ستاري تائين سفر ڪري سگھي.
اسان جو مقصد اهو نه آهي ته ڪائنات ۾ شعور رکڻ واري زندگيءَ تي بحث ڪريون. بهرحال مٿين بحث مان ٽي نڪتا سامهون اچن ٿا جيڪي ايمان وارن جي لاءِ تمام اهم آهن.
1. جنن جو وجود آهي ۽ ڪائنات ۾ زندگيءَ جي بنيادي وجود جي لحاظ کان، عام طور تي اها ئي جيئري مخلوق اتي رهي ٿي. آسمانن ۾ وسندڙ مخلوق جي اها گھڻائي غير مادي ۽ توانائيءَ مان ٺهيل آهي.
2. فضا ۾ انسان يا انسان سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن مخلوق جو هجڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي پر جيڪڏهن اها ڳالهه مڃجي به کڻي ته ڪنهن ٻي ڪهڪشان ۾ اسان جي زمين جهڙيون خاصيتون رکندڙ ٻيو ڪو گرهه موجود به آهي، ته به اها ڳالهه غلط ٿيندي ته اڏندڙ ٿالهي جهڙين فرضي ۽ خيالي شين جو وجود گھڙي وٺجي جو انهيءَ ۾ ته اربين نوري سالن جا مفاصلا آهن. تڏهن وڃي اهي اسان جي زمين تي يا ان جي ويجھو پهچي سگھن ٿا. اهي فرضي ڪهاڻيون اصل ۾ بي دين ذهنن جي پيداوار آهن جن جو مقصد ئي اهو آهي ته اهي آسماني ڪتابن ۾ ماڻهن جي ايمان کي تباهه ڪن ۽ ان جي جاءِ تي ارتقا واري انهيءَ نظريي کي آڻين جنهن جي ڪوڙ جو ننڍڙو بوڙيو به هاڻي ئي ڦاٽو آهي.
3. هن آيت جا لفظ ”۽ اهي سڀئي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي مري ڪري پوندا“ مان جيڪو تصور اڀري ٿو، سو جِنَ يا انهن سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن مخلوق جي وجود بابت ئي آهي. ائين ٻي آيت سڳوري ٻن معجزاتي صفتن جي نشاندهي ڪري ٿي.
الف – اهو ته آخرت يا قيامت جي ويجھڙ واري زماني ۾ انسان فضائي ويڪر تي سوڀ ماڻي وٺندو.
ب – اهو ته آسمان ۾ اها حس واري مخلوق، جيڪا توانائيءَ مان ٺهيل آهي سا جِنَ ئي آهي.
پر توانائيءَ مان ٺهيل انهيءَ مخلوق کان سواءِ ملائڪن جو وجود پڻ آهي. اهو ضروري آهي ته ملائڪن جي باري ۾ هن طرح سمجھيو وڃي ته اِها اُها مخلوق آهي جيڪا پنجين يا ڇهين رخ يا ماپ (Dimension) ۾ وجود رکي ٿي. جيڪڏهن انهن جو وجود ٻئي ڪنهن رخ ۾ آهي پر انهن جو اهو وجود مادي ڪائنات جي فضا ۾ به اوچتو ظاهر ٿي سگھي ٿو. انهيءَ موضوع تي مان هن کان اڳ موضوع نمبر 29 ۾ به اشارو ڪري چڪو آهيان.
بهرحال، اڄوڪي دؤر جي سائنس جي لاءِ، ملائڪن ۽ جنن جي باري ۾ هر موضوع بي مهل ۽ وقت کان اڳ آهي. ايندڙ سالن ۾ اميد آهي ته انهيءَ باري ۾ ڪجھه وڌيڪ ٻڌائي سگهبو.