موضوع نمبر 25 حضرت عيسىؑ۽ حضرت آدم ؑ جي تخليق
”الله وٽ عيسىؑ جو مثال آدمؑ جي مثال جهڙو آهي. الله ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ حڪم ڏنو ”ٿيءُ“ ته هو ٿي پيو.“
قرآن ڪريم ۾ حضرت عيسىؑ جو ذڪر چوڏهن آيتن ۾ ٿيو آهي. قرآن کان اڳ وارا ڪتاب بيان ڪن ٿا ته حضرت آدم ؑ کي مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو پر قرآن انهيءَ خلقت جي باري ۾ چٽائيءَ سان جيڪو بيان ڪري ٿو، تنهن بابت هيٺ ڪجھه سٽن ۾ تشريح ڪرڻ گھرندس.
سورت المؤمنون جي آيت نمبر 12 ۾ فرمايو ويو آهي ته ”اسان انسان کي مٽيءَ جي سَتَ يا جوهر مان بڻايو آهي.“
سورت السجده جي آيت نمبر 7 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”جيڪا به هن جوڙي آهي سا ڏاڍي سٺي نموني جوڙي آهي. هن انسان جي خلقڻ جي شروعات مٽيءَ جي گاري کان ڪئي.“
سورت الصفٰت جي آيت نمبر 11 ۾ چيو ويو آهي ته ”ان کي ته اسان چيڪي گاري مان پيدا ڪيو آهي.“
سورت ص جي آيت نمبر 71 ۽ 72 ۾ هن طرح فرمايو ويو:
”مان مٽيءَ مان هڪڙو بشر ٺاهڻ وارو آهيان. پوءِ جڏهن ان کي چڱيءَ طرح ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو.“
سورت الرحمان جي آيت نمبر 14 ۾ فرمايو ويو ته ”انسان کي انهيءَ الله ٺڪريءَ جهڙي سڪل سڙيل گاري مان ٺاهيو.“
سورت نوح جي آيت نمبر 17 ۾ هن طرح فرمايو: ”۽ الله تعالىﷻ زمين ۾ توهان کي اهڙي طرح پيدا ڪيو جهڙيءَ طرح توهان انهيءَ مان ڦٽا آهيو.“
اچو ته هاڻي آدمؑ ۽ اهڙي طرح انسان جي تخليق جي سلسلي ۾ قرآن جي حڪم کي سامهون رکي هڪ گڏيل تشريح ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پوءِ ان جي اندر لڪيل مضمون کي سائنسي نقطه نظر سان ڪجھه تفصيل سان بيان ڪريون ۽ ڏسون ته انهن سڀني آيتن ۾ ڪهڙو گڏيل حڪم نظر اچي ٿو؟
(الف) حضرت آدمؑ کي الله تعالىﷻ جي حڪم سان مٽيءَ مان بڻايو ويو. الله تعالىﷻ چيو ته ”ٿي پئو“ ته هو ٿي پيو. اصل ۾ مٿي ڏنل سڀئي آيتون آدم جي خلقت جي باري ۾ عظيم سائنسي سچائين جو اظهار ڪن ٿيون پر بدقسمتيءَ سان جديد انسان جي ذهن ۾ ارتقا جي ڪهاڻي ان کي بلڪل ئي بگاڙي ڇڏيو آهي، يعني ڄڻ ته ان کي ”برين واش“ ڪري ڇڏيو آهي. ايئن سڀ کان پهريان اسان کي انهيءَ ڪوڙ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي. ڇو ته جيستائين انساني ذهن ۾ اها فرضي ڪهاڻي ويٺل هوندي تيستائين انسان جي حقيقت سمجھه ۾ ئي نه اچي سگھندي ۽ نه ئي قرآن ۾ پورو ۽ پڪو ويساهه ٿي سگھندو.
[b]ارتقا جي فرضي ڪهاڻي ڇا ٿي ٻڌائي؟
[/b]لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال اڳ ڪيمبرج جي ڪرائسٽ ڪاليج مان هڪڙي پادري چارلس ڊارون گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ ان جو علم حياتيات يا ميڊيسن (طب) ۾ پهريان ڪوبه تجربو ڪونه هو. هُن دعوى ڪئي ته انسان هڪ جانور هو، جنهن جي ارتقا هڪ ماليڪيولي جاندار کان ٿي ۽ ان جا ابا ڏاڏا ڀولڙا هئا. ڪيترائي سائنسدان بنا سوچي سمجھي گمراهه ٿي انهيءَ ڪوڙ تي ٻڌل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پيا. ٿورڙي ئي عرصي ۾ ارتقا وارو مفروضو تمام زور ۽ شور سان هر هنڌ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. اهو نظريو ڪيترن ئي سالن تائين علمي ادارن ۾ اهڙيءَ طرح پڙهايو ويو ڄڻ ته اهو واقعي ڪا سائنسي حقيقت هجي.
هڪ جديد سائنسدان دوان گش (Duane Gish) چواڻي: ارتقا (يعني انسان جو جانور مان ارتقا ڪري وڌڻ) ته هڪڙو فلسفياڻو خيال آهي ۽ اصل ۾ انهيءَ جو ڪوبه سائنسي بنياد نه آهي. آر – بي – گولڊشمڊت (R.B. Gold Schmidt) جيڪو علم حياتيات جو پروفيسر آهي ۽ ارتقا واري نظريي جو پرجوش حامي آهي، سو ايتري حد تائين ديانتدار آهي ته بقول ان جي، ارتقا جي حق ۾ هن وقت تائين ڪابه شڪ ۽ شبهي کان مٿاهين سائنسي شهادت نه ملي سگھي ۽ اهو ته اهو رڳو سوچ جو هڪڙو انداز آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنري چوي ٿي ته ڪنهن نظريي جي سائنسي حقيقت بنجڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو نظر اچڻ واريون حقيقتون رکندو هجي ۽ جيڪو عام قانونن هيٺ ثابت ٿيندو هجي.
[b]ترقي پسند ارتقا جا سڀ کان وڌيڪ حامي
[/b]انهيءَ ڳالهه کي هرڪو نٿو سمجھي ته ڊاروِن جي نظريي يعني ڊارون ازم ۽ نيو ڊارون ازم جي خلاف سائنسي شاهدين جو ڍير لڳي وڃي ٿو. اهڙا نظريا سدائين ڏنگي سوچ رکندڙن جون وڻندڙ مشغوليون رهيا آهن. انهيءَ نظريي تي تنقيد جي سلسلي ۾ گذريل ڪجھه سالن دوران اهم حياتيات جي ماهرن جي تعداد ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو آهي. ارتقائي مفروضي جي خلاف جيريمي رفڪن (Rifkin) جي تازن اهم مقالن ۾ انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته، علم حياتيات ۽ حيوانات جي مڃيل ماهرن، جهڙوڪه سي ايڇ واڊنگٽن پئي، پال گراسي (Pierre – Paul Grasse) ۽ ايتري تائين جو اسٽِيفن جي گولڊ (Gould) به ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙ سائنسدانن (سوڊو سائنسدان) جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. گريس ته کين ”نيم سائنسدان“ سڏيو آهي. پروفيسر گولڊ سمٿ ۽ پروفيسر ميڪبٿ (Macbeth) بلڪل کليل طرح چيو آهي ته ارتقا واري نظريي جو ڪوبه سائنسي ثبوت نه آهي. ايئن ارتقا جي حامين پنهنجي ڪتابن ۾ جيڪي تصويرون ڇاپرايون آهن، سي به سڀ هٿ ٺوڪيون آهن. انهن سڀني شروعاتي حقيقتن جي باوجود به مان انهيءَ اصل ڪهاڻيءَ جو ذڪر ڪرڻ گھرندس جيڪا اهڙو حياتياتي معاملو آهي، جنهن کي ارتقا جا حامي پنهنجي نظرين جو بنياد سمجھن ٿا.
(1) 1955ع کان پوءِ انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿي ويو هو ته جيو گھرڙن جي بناوت 99 سيڪڙو تائين هڪجهڙي ئي آهي. DNA جي لاءِ جيڪي ڪيمياوي تعميراتي بلاڪ آهن، تن جو قدر 100 سيڪڙو آهي. جيو گھرڙن جي وچ ۾ فرق انهن جي رياضياتي پروگرامن ۾ آهي. مطلب ته هڪ ٻوٽي جي جيو گھرڙي جو اهو پروگرام ايئن آهي ته هو آڪسيجن کي عمل ۾ آڻي يا پروسيس ڪري. جڏهن ته جيري جي جيو گھرڙي جو اهو ڪم آهي ته هو بائيل (جيري جي الڪلائن، جيڪا سڻڀ کي هضم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي) پيدا ڪري. جيئن ته انهن ڪمپيوٽري پروگرامن کي، جيڪي مختلف قسمن جا ڪم ڪندا آهن، قديمي يا ارتقائي نٿو چئي سگھجي. مطلب ته انهن ۾ لڳاتار پختگي آئي. انهيءَ ڪري انهن جي باري ۾ ارتقا وارو نظريو ڪا خاطري نٿو ڪرائي سگھي. ايئن ارتقائي نظرين کي مڃيندڙ ماڻهن کي جيو گھرڙي ۽ ان جي رياضياتي پروگرامن جي باري ۾ پنهنجو ذهن صاف ڪرڻ گھرجي.
(2) ارتقا واري نظريي جي حامين وٽ اڄ ڪلهه ارتقا جي سلسلي جو نظر نه اچڻ انهيءَ ڪري آهي جو اهو انتهائي آهستي لڳاتار عمل لکين ڪروڙين سالن ۾ عمل هيٺ ايندو آهي. پر 1965ع ۾ آئيس لينڊ ويجھو سمنڊ جي اندر زلزلي ۽ لاوي نڪرڻ جي عمل سان هڪڙو نئون ٻيٽ جنهن کي سرٽسي (Surtsey) سڏين ٿا، ظاهر ٿي پيو ۽ انهيءَ تي هڪ سال جي اندر ئي هزارين قسم جا ڪيڙا ماڪوڙا، ۽ ٻوٽن جا ڪيترا ئي قسم پيدا ٿي پيا، جنهن لاءِ اڃا تائين معلوم ٿي نه سگھيو آهي ته اهي سڀئي اتي ڪٿان ۽ ڪيئن اچي ويا؟
(3) ارتقا جو نظريو رکندڙن وٽ ارتقا جو عمل ڦير گھير (Mutation) جي ذريعي ٿيو. يعني اهو جينياتي خاصيتن ۾ تبديليءَ جي ذريعي ٿيو. اها دعوى سچ کي بگاڙڻ جو مڪمل ۽ پڌرو مثال آهي. تبدل ڪڏهن به تعميري نه هوندو آهي پر اهو هڪ تخريبي عمل آهي. ملر (Muller)، جنهن ڦير گھير وارو قانون ڳولي لڌو، تنهن جي تجربن مان اها ڄاڻ ملي آهي ته جيني تبديليءَ جو ڪوبه وجود نه آهي، پر اها اصل ۾ جيني تباهي (Gene Destruction) ئي هوندي آهي. اها حقيقت ڦير گھير تي ڪيل پوءِ وارن تجربن مان به ثابت ٿي آهي. ڪنهن جون خاصيتون (ٽريٽس) تبديل نه پر تباهه ٿينديون آهن، جنهن جو نتيجو ڪينسر يا موت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي، يا وري بگڙيل خاصيتون وڌيڪ ڪمزور جاندار جي تخليق جو باعث بڻجنديون آهن (جيئن ملر جي سائي اک واري مک). اڄ تائين ڪيل هزارين تجربن جي باوجود به ڦير گھير جي ذريعي جاندار جو ڪوبه نئون يا ان سان ملندڙ جلندڙ پروگرام حاصل نه ٿي سگھيو آهي. انهيءَ جي برخلاف هڏي جي مِک اندر هر لمحي اباڻي جيوگھرڙي (Parent Cell) جي وسيلي نوان جيو گھرڙا ڪيترن ئي لکن جي تعداد ۾ پيدا ٿيندا رهندا آهن. جيڪڏهن تبدل (Mutation) جي نظريي ۾ ٿورڙي به حقيقت هجي ها ته هن وقت تائين اهو عجوبو مڪمل طور تي ثابت ٿي چڪو هجي ها.
(4) ارتقائي نظريي کي مڃيندڙن جي اها دعوى آهي ته قديمي وجود ۽ موجوده انسان کي ڳنڍڻ واري ڍانچي جو وجود موجود آهي. انهن مان پلٽ ڊائون مين (Pilt Down Man) سڀني کان گھڻو مشهور آهي پر ان جي ٺڳي به ريڊيو ايڪٽو تجربن جي ذريعي ثابت ٿي چڪي آهي ۽ ان کي فضول ڪتابن سان گڏ برٽش عجائب گھر مان ڪڍي اڇلايو ويو آهي.
وڌيڪ اهو ته قديمي مخلوق (Primate) جي دماغ جو وزن 130 گرام آهي، جڏهن ته انسان جي دماغ جو وزن 350 گرام هوندو آهي. ارتقا واري نظريي موجب انهن جي وچ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏهه جاندار هئڻ گھرجن. اها هڪ نه مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪو هڪ به نه بچيو هجي. ايئن اهو ضروري آهي ته ارتقا واري نظريي جي مڃيندڙن کان اهو سوال ڪيو وڃي ته جيئن ته ڀولڙو پنهنجن سمورن قِسمن سان اڃا تائين موجود آهي ته قديمي انسان کان وٺي هاڻوڪي انسان تائين پهچڻ واري رستي تان اهي ڏهه قسم يا جاندار ڪيڏانهن غائب ٿي ويا؟
(5) ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙ ايترو ته اڳتي وڌي ويا جو انهن وٽ انسان جي آنڊرن ۾ موجود اپنڊڪس وارو آنڊو ارتقا جي سلسلي جي هڪ بي مقصد باقيات آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ جسم ۾ اپنڊڪس سڀ کان وڌيڪ چست عضون مان هڪ آهي، جيڪو هيٺئين پيٽ يا ڌڙ جي لاءِ هڪ غدود (Tonsil) جو ڪم ڏيندو آهي. اهو آنڊن جو رس ڇڏي ٿو ۽ آنڊن جي جراثيمن يا بيڪٽيريا جي قسمن ۽ تعداد ۾ باقاعدگي پيدا ڪري ٿو. انساني جسم ۾ ڪوبه عضوو فضول يا بي مقصد نه آهي. ان جي برخلاف هر هڪ عضوو هڪ ئي وقت ۾ مختلف قسم جا ڪم ڪندو آهي.
(6) هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ارتقا واري نظريي جو مقصد ڇا آهي؟ ارتقا واري نظريي کي مڃيندڙ الله تعالىﷻ جي وجود کي نٿا مڃن، اڃا به ارتقا ۾ ئي مقصديت جي ڳولا ڪن ٿا. پنهنجي نظر ۾ اهي قديمي مخلوق ۽ ترقي يافته مخلوق جي زنجير ۾ ڏينهون ڏينهن پيچيدگي ۽ تڪميل جي مفروضي تي عمل ڪن ٿا. انهيءَ ترقي يا ارتقا جي سلسلي ۾ انهن جا مفروضا رڳو انهن جي پنهنجن ئي ذهنن جي پيداوار آهن. تڪميل پذير يا ڪامل هئڻ جو ڇا مقصد ٿي سگھي ٿو؟ مثال طور سهڻن ۽ خوبصورت رنگن جي لحاظ کان پوپٽ سڀ کان مٿاهون درجو رکي ٿو. اليڪٽرانڪ اوزارن ۾ چمڙي جو ڪو مٽ نه آهي، ڇو جو هو هڪ مڪمل راڊار واري نظر رکندڙ هوندو آهي. دماغ ۾ يادداشت کي قائم ۽ محفوظ رکڻ جي سلسلي ۽ دماغ جي وزن جي معاملي ۾ ٻُلهڻ (Dolfen) سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته مخلوق آهي. جڏهن ته ويڙهه جهيڙي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته مخلوق اڏوهي آهي جيڪا ڪِوليءَ کان به ننڍڙي مخلوق آهي. ان جو هٿيار اهو زهر آهي جنهن جو ٽهڪڻ پد 100 ڊگري هوندو آهي ۽ جيڪو ان جي ماحول ۾ هر ننڍڙي مخلوق کي ماري ڇڏيندو آهي. انهن سڀني کي ارتقائي عمل مان ڪنهن گذاريو؟ ۽ انهن جي ارتقا ڪهڙي مخلوق مان ٿي؟ ڪيميائي جنگ جي معاملي ۾ ته ڀولڙو انهيءَ خسيس اڏوهيءَ کان صفا پوئتي رهجي ويندڙ تمام قديمي مخلوق نظر اچي ٿو.
(7) ارتقا واري نظريي جا حامي چون ٿا ته سموري مخلوق فطري چونڊ يعني ”سڀ کان ڀلي مخلوق جو باقي رهجي وڃڻ“ واري اصول جي تابع آهي. انهيءَ باري ۾ اهي ڊائناسارس جو مثال ڏيندا آهن جنهن جو نسل هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. پر دنيا ۾ موجود پندرهن لک قسم جي مخلوق جي موجودگيءَ ۾، ختم ٿي وڃڻ واري مخلوق جو تعداد هڪ سؤ کان به وڌيڪ نه آهي. انهيءَ تي وڌيڪ بحث موضوع نمبر 48 ۾ ٿيندو. هن موقعي تي جيڪا سڀ کان اهم ڳالهه آهي، سا اها حقيقت آهي ته، ڪيترائي جاندار يا مخلوقات انتهائي ڏکين حالتن جي باوجود ڪيترن ئي لکين سالن کان موجود آهن. انهيءَ باري ۾ ٽي خاص مثال پيش ڪري سگھجن ٿا.
(الف) انڌي مڇي: اها هڪ خاص قسم جي مڇي ٿيندي آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪوبه عضوو نه هوندو آهي. اها سمنڊ جي تري ۾ رهندي آهي. اهي مڇيون جيڪي راڊار جهڙي گونجاري کوج (Sonar) جهڙو نظام رکن ٿيون ۽ اهڙو نظام پڻ رکن ٿيون جنهن ۾ برقي ميدان جي مدد سان ڏسنديون آهن، سي گڏجي سڏجي هڪ ننڍڙي جاءِ تي رهنديون آهن. جيڪڏهن ارتقا جي نظريي کي مڃيندڙ صحيح هجن ها ته مڇين جا باقي ٻيا قسم انڌي مڇيءَ کي سموري سمنڊ منجھان ختم ڪري چڪا هجن ها پر مڇين جا اهي ٽئي قسم لکين سالن کان پر امن طريقي سان رهي رهيا آهن.
(ب) انڌو نانگ هڪ قسم جي ڪرڙي هوندو آهي. ان جا هٿ پير نه هوندا آهن، جنهن ڪري هن مخلوق جي لاءِ زندگي خاص طور انتهائي ڏکيائين سان ڀريل هوندي آهي. پر ان جو نسل به لکين سالن کان موجود آهي. اهو نه ته اڻ لڀ ٿي ختم ٿي ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ارتقا واري عمل جي وسيلي اهو ڪرڙي بڻجي ويو آهي. هاڻي ٻڌايو ته ارتقا واري نظريي جي باري ۾ گھڙيل قصا ۽ ڪهاڻيون ڪهڙي حيثيت رکن ٿيون؟
(ٻ) آسٽريليا ۾ ملندڙ هڪ خاص قسم جي سيڙهه يا ڪنڊائين پٺيءَ وارو ڪينگرو جهڙو جانور، پنهنجي ٻچي کي پيٽ ۾ لڳل ڳوٿريءَ ۾ کڻي هلندو آهي. هو پنهنجي جسم ۾ اهڙي تبديلي ڇونٿو آڻي جو ان جي انهيءَ ڳوٿريءَ مان جان ڇٽي پوي ۽ اهو به ٻين ڪنڊائين پٺيءَ وارن جانورن وانگر آرام سان رهي سگھي؟
ان جو سبب اهو آهي ته الله تعالىﷻ انهيءَ جي باري ۾ اهو ئي گھريو ۽ اهو ڪنڊائين پٺيءَ وارو جانور پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهي ۽ اهڙيءَ ئي طرح خدمت ۾ لڳو رهي ٿو. ارتقا واري نظريي جا حامي انهيءَ راز کي ڪڏهن به سمجھي نٿا سگھن ڇو ته اهي انڌي منطق جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.
اهڙيءَ ريت فطري چونڊ واري قسم جو ڪوبه عجوبو نه هوندو آهي. الله تعالىﷻ مختلف قسم جي مخلوق جي تخليق پاڻ ئي ڪئي آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ اڻ ڳڻيا جاندار يا مخلوقات نظر اچن ٿيون.
(8) صنفن جي گوناگوني: جيڪڏهن ارتقا جي حامين جو نظريو صحيح هجي ها ته هر جاندار يا مخلوق جي اندر اهڙي ئي قسم جي ترقي ٿئي ها جيڪا اميبا (amoeba) ، جيڪو پاڻيءَ جو هڪڙو جاندار آهي ۽ خوردبين سان ئي ڏسي سگھبو آهي، کان شروع ٿي زنجير جي ڪڙين وانگر هڪ ئي قسم جي صنف ٺاهيندي وڃي ٿي. يعني هڪ ئي قسم جو ڪيڙو، هڪ ئي قسم جي مڇي، هڪ ئي قسم جو پتنگ ۽ هڪ ئي قسم جو پکي انهيءَ اميبا مان نڪري ها يا وڌ کان وڌ هر هڪ ۾ ڪجھه گوناگون هجي ها پر ٻئي پاسي ڏسو ته رڳو ڪيڙن ماڪوڙن جا ئي ٽي لک قسم آهن. پوءِ اها ڪهڙي قسم جي ارتقا آهي؟
وڌيڪ اهو ته جانورن جي سڀني قسمن ۾ هر قسم جون تصور ۾ ايندڙ صورتون ۽ شڪليون آهن. جاميٽري ۽ حياتيات ۾ جيتريون به ممڪن صورتون آهن، ايتري ئي وڏي تعداد ۾ مخلوقن جا قسم آهن. رڳو پوپٽ جي پرن تي ئي رنگن جا ڏهه هزار نمونا موجود آهن. ان کان سواءِ هر قسم جون مخلوقات ننڍي ۽ وڏي جسامت ۾ موجود آهن، جهڙوڪه ڪرڙي ۽ واڳون، ٻلي ۽ شينهن، ڪوئو ۽ سوئر وغيره. جيڪڏهن ارتقا وارو عمل موجود هجي ها ته هر مخلوق هڪ ئي رخ يا سائيز ۾ ترقي ڪري ها. جڏهن ته الله تعالىﷻ لاتعداد مخلوق جي نمونن جي ڄڻ ته تمام وڏي نمائش جو انتظام ڪيو آهي.
(٩) مختلف قسم جا سائنسي علم به هاڻي ويجھڙائي وارن سالن ۾ ئي سڀني جي سامهون ظاهر ٿيا آهن، انهن جي نقطي نظر کان به ارتقا جو عمل ناممڪن آهي.
(الف) علم طبعيات (Physics) ۾ ڪابه ارتقا ممڪن نه آهي. هائيڊروجن کان وڌيڪ ڳؤرو ڪوبه عنصر پيدا نٿو ٿي سگھي خاص ڪري امن جي معنى ۾. ڇو ته جيڪڏهن توهان هائيڊروجن جي ٻن يا چئن ايٽمن کي ملائي هيليم ٺاهڻ گھرو ته توهان کي ٿرمو نيوڪليئر بم (Thermonuclear Bomb) ئي ملي سگھندو ۽ سمورو ماحول کنڀي واري شڪل جهڙي دونهين ۽ ڪڪر سان ڀرجي ويندو.
(ب) رياضياتي طور تي ارتقا هڪ اڻ ٿيڻي شيءِ آهي. اميبا مان هڪڙو ڪيڙو ٺهڻ لاءِ جيني ڪوڊ ۾ 1020×39 تبديليون کپن جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ تبديليءَ جي شرح سان هڪ سؤ کرب (10 ٽرلين) سالن ۾ ممڪن ٿي سگھي ٿي، يا وري نظر ايندڙ ڪائنات جي زندگيءَ جي پنج سؤڻي وقت ۾. هڪ ڀولڙي جي لاءِ انسان بڻجڻ تائين واري ارتقائي عمل لاءِ 10520×3 تبديليون گھرجن. اهو تعداد ايترو ته بيان کان وڌيڪ هوندو جو جيڪڏهن ڪائنات ۾ موجود سمورن ذرڙن جي چوٿين سگھه کي به ڪم آندو وڃي ته اسان جو انهيءَ جي ويجھو پهچڻ جيتري نوبت به نه اچي سگھندي. وڌيڪ ڀيٽا جي لاءِ اهو معلوم ٿيندو ته هڪ ڪاٽو بار (اليڪٽران) جو قطر هڪ لحاظ کان سموري ڪائنات جي 10124کان نٿو وڌي. اهي سڀئي حقيقتون ثابت ڪن ٿيون ته ارتقا وارو نظريو رياضياتي طرح ناممڪنات مان آهي.
(ٻ) حياتياتي طور تي ڪابه ارتقا ممڪن نه آهي. اڄ ڏينهن تائين سائنسي ذريعا استعمال ڪري ڪوبه انسان هڪ سٽسرن (Cistron)، جيڪو هڪ مخصوص پروٽين ڪوڊ جي لاءِ (DNA) جي ڊيگهه هوندو آهي، جيتري تبديلي به نه آڻي سگھيو آهي. مقصد ته صفا معمولي تبديلي به نه آڻي سگھيو آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه مثال موجود نه آهي، جنهن مطابق ڪنهن به مخلوق ۾ جيني تبديلي حاصل ڪئي وئي هجي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته جين (Gene) جنهن جي اندر نامياتي اڏاوت يا بلڊنگ جو فارمولو هوندو آهي، سا هڪ انتهائي خاص قسم جي نظام جي پناهه ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن اهو نظام نه هجي ته سموري دنيا عجيب قسم جي غير ضروري مخلوق سان، تمام ٿوري وقت ۾ ڀرجي وڃي. ايئن اهو ثابت ٿيو ته حياتياتي طور تي، ارتقا جو هجڻ ناممڪن آهي. جهڙي طرح نلسن هيري برٽ (Heribert) چيو آهي ته زندگيءَ جون شڪليون اهڙي قسم جون آهن جو اهي تبديل نٿيون ٿين ۽ نه ئي انهن ۾ تبديلي ممڪن آهي.
پروفيسر ميڪس ويسٽن هوفر (Westen Hofer) پنهنجي مطالعي، تجربن ۽ مڇين، پکين، رنگدار ۽ کير پياريندڙ جانورن جي هر زماني جي تاريخ جي مطالعي سان ثابت ڪري ٿو ته اهي سڀئي گڏوگڏ موجود رهيا آهن. هن اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته پروفيسر وايزمين (Weismann) جو اهو نظريو جنهن کي جاوا جو انسان (Java Man) سڏيو وڃي ٿو، سو سائنس تي ٺٺوليءَ جي برابر آهي. اهڙي طرح پروفيسر گش سائنسدانن جي برادريءَ کي اطلاع ڏنو آهي ته قديمي انسان جو ڍانچو، جنهن کي نبراسڪا مين (Nebraska Man) چون ٿا، مڪمل طور تي بناوٽي آهي ۽ اهو ته رڳو هڪ ڏند جي بنياد تي سموري ڍانچي جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. اسان کي سدائين ياد رکڻ گھرجي ته ارتقا وارو نظريو هڪ سوچيل سمجھيل ڍؤنگ آهي جيڪو ڇڙواڳ عقيدن جو بنياد بڻجي ٿو ۽ معاشري جي تباهيءَ جو ڪارڻ آهي. انهيءَ باري ۾ جن ماڻهن کي دلچسپي هجي سي هيٺين ڪتابن جو مطالعو ڪن:
(1) جيريمي رفڪن (Algeny, Middlesex, Penguin, 1984)
(2) پال ايس مورهيڊ ۽ مارٽن ايم ڪپلان (Mathematical Cahllenges to Neo-Darwinian Interpretation of Evolution, Philadelphia: Wistar Institute Press 1967)
(3) نارمن ميڪ بيٿ (Darwin Retired, An Appeal to Reason, Boston, Gamlit, 1971)
(4) ڊوان – ٽي – گش (Evolution, The Fossils Say No!, San Diego: Creation Life Publishers, 1978)
(5) جان مور (On Chromosomes, Mutation and Philogeny, Philadelphia, 1971)
(6) واٽر جي بوڪ (Book Reviw of Evolution By Orderly Law, Science 164, 1969)
(7) هيرالڊ فرانس بلوم (Times Arrow and Evolution, Princetion University Press, 1968)
(8) نلسن اين هيري برٽ (Synthetsche Artbildung University of Lund, Sweden)
(9) پيري پال گريس (Evolution of Living Organism, New York Academic Press, 1977)
(10) ڊيوڊ راؤپ (Conflict Between Darwin and Paleontology, Field Museul of Natural History Bulletin, January 1979)
ارتقا واري نظريي جي غير سائنسي نوعيت جي باري ۾ گھڻو ڪجھه چئي سگھجي ٿو. هن موضوع کي هتي ئي ڇڏيان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي ارتقا ۽ ان جي ڪامياب پروپئگنڊا جي باري ۾ ڪو سائنسي شڪ آهي ته اهو ذاتي طور تي لکي، ان کي مناسب جواب ملي ويندو.
جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ مشهور يهودي ۽ عيسائي سائنسدان به ارتقا واري نظريي تي ويساهه نٿا رکن، پر اهي هن بدتميزيءَ واري طوفان ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهن. حقيقت هينئر به اها ئي آهي ته دنيا ۾ ارتقا جي پيداوار جو ڪوبه جاندار نه آهي. اهو هڪڙو خيالي نظريي ۽ فلسفو آهي. ٻين لفظن ۾ سائنس جي نالي تي انسان جي ابتدا ۽ ارتقا جون جيڪي دعوائون ڪيون وڃن ٿيون سي بلڪل ئي غلط آهن. اڄ ڏينهن تائين انهيءَ جو ڪوبه سائنسي ثبوت نه ملي سگھيو آهي. به انهيءَ باري ۾ اهڙي ڪا هڪ به ننڍڙي شاهدي نه ملي سگھي آهي جيڪا اهو ٻڌائي سگھي ته انسان جي شروعات ڪيئن ٿي؟
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر انسان جي شروعات ڪيئن ٿي؟ انهيءَ ڳالهه جو جواب اسان قرآن پاڪ جي آيت ڏانهن ايندي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
[b]آدم ۽ انسان
[/b]الله تعالىﷻ اسان کي ٻڌايو آهي ته هن آدم کي هڪ خاص قسم جي مٽيءَ منجھان پيدا ڪيو. اها مٽي بنيادي طور چيڪي ۽ گاري جي شڪل ۾ هئي پر مٿي مون جيڪي آيتون پيش ڪيون آهن تن مان اهڙي قسم جي ڪنهن خاص مٽيءَ جي ڄاڻ نٿي ملي. ڇو ته الله تعالىﷻ جو فرمايو آهي ته ”هن ان کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ پوءِ چيو ٿيءُ ته هو ٿي پيو،“ ته اهو بيان ضروري نه هجي ها، پر اها مٽي پنهنجو پاڻ ئي حياتياتي نتيجو پيش ڪري ها. ٻئي پاسي ڪجھه ٻين آيتن ۾ زمين يا مٽيءَ جون ڪجھه مخصوص ۽ محدود خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن. انهيءَ رُخ ۾ ان جي تحقيق ڪجھه هن طرح ڪئي وئي آهي ته ان جي شڪل چيڪي ۽ گاري جهڙي هئي. هاڻي سوال اهو آهي ته الله تعالىﷻ قرآن پاڪ ۾ مٽيءَ جي انهيءَ خاص قسم جو ذڪر ڇو ڪيو آهي؟
اڄ کان هڪ سؤ سال اڳ انهيءَ سوال جو جواب بلڪل ئي ناممڪن هو پر اڄ اسان ان قسم جي مٽيءَ جي خاصيتن کي سمجھڻ جي اهليت رکون ٿا. مٽيءَ ۽ چيڪي گاري ۾ ڪاربان ۽ نائٽروجن جي ايٽمن جي ميلاپ جي طاقت يا پڪڙ هن طرح آهي: C-4 ۽-N-3 .
انهيءَ خاصيت ۾ ڪهڙا راز رکيل آهن؟ انهيءَ جو جواب اهو آهي ته آڪسيجن، فاسفورس ۽ هائيڊروجن، جيڪي زمين ۾ قدرتي طور ملن ٿا، پاڻ ۾ ڪاٽو چارج ٿيل ڪاربان ۽ نائيٽروجن جي ذريعي ملي سگھن ٿا. اهڙي طرح انساني جسم جا بنيادي جزا وجود ۾ اچن ٿا. اِهو ئي اُهو راز آهي جيڪو مٿي بيان ڪيل ٽنهي آيتن ۾ لڪيل آهي. هاڻي اهي ڪهڙا شرط ۽ ڪيفيتون آهن جن هيٺ ڪاٽو ڪاربان ۽ نائيٽروجن مٽيءَ ۾ موجود آڪسيجن ۽ فاسفورس کي پاڻ ۾ ملائي هڪ انساني جسم کي جوڙي سگھن ٿيون؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سمورا بنيادي جوهر به موجود هجن ۽ انهن لاءِ عمل ڪرڻ واريون حالتون به ميسر هجن، ته به اهي رڳو هڪڙي جيو گھرڙي کي پيدا نٿا ڪري سگھن، انساني جسم ته اڃا وڏي ڳالهه آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته هتي آخر ڪهڙي شيءِ جي گھرج آهي؟
جنهن شيءِ جي گھرج آهي سا آهي الله تعالىﷻ جي رياضياتي مرضي يا حڪم، جيڪو انهن جزن کي انهيءَ حالت يا پروگرام جي ذيعي هڪ خاص ڪنڊ ۽ مخصوص وٿين تي گڏ ڪري. اها ئي اها شيءِ آهي جنهن جي باري ۾ الله تعالىﷻ انهيءَ سچ کي صاف صاف بيان ڪندي اعلان ڪيو ته ”اسان انهيءَ مٽيءَ کي چيو: ”ٿيءُ“ الله تعالىﷻ جو اهو حڪم ته ”ٿي وڃ“ هڪ رياضياتي پروگرام جو ڪوڊ (راز) هڪ بنيادي ڪوڊ (Source Code) آهي جيڪو لوح محفوظ تي موجود آهي ۽ جنهن جو ذڪر قرآن جي ڪيترين ئي آيتن ۾ ڪيو ويو آهي. حضرت آدم جي جسم جي خلقت جي باري ۾ الله تعالىﷻ اسان کي ٻن اهم سائنسي حقيقتن کان آگاهه ڪري ٿو:
(الف) مٽيءَ ۾ ڪاربان ۽ نائٽروجن، ايٽم جي ميلاپ يا پڪڙ جي ڪاٽو سگھه سان ملن ٿا.
(ب) ٻيو الله تعالىﷻ جو اهو حڪم آهي، جنهن سان رياضياتي پروگرام کي ڪم آڻڻو آهي. اهو رياضياتي پروگرام هڪ انتهائي دلچسپ راز آهي.
هن کان پهريان بيان ڪيل آيتن جي سلسلي ۾ مون اڳي ئي DNA جي باري ۾ ڳالهايو آهي، جيڪو تخليق جو بنيادي عنصر آهي. انهيءَ ذرڙي جي جوڙجڪ يا وجود ۾ جيڪي شيون هونديون آهن، سي هونديون آهن ڪاٽو ڪاربان، نائٽروجن ۽ آڪسيجن، فاسفورس ۽ هائيڊروجن. انهن جو ذڪر آئون هن کان اڳ به ڪري چڪو آهيان. سمورين مخلوقات يا جاندارن جو هڏ ڪاٺ ۽ خاصيتون هڪ رياضياتي پروگرام جي طور تي DNA جي ڏوري يا مالها واري ڪوڊ، خاص طرح قاعدن ۽ قانونن جي شڪل ۾ مهيا ڪيا ويا آهن ۽ اهو سمجھه کان ٻاهر رياضياتي عمل رڳو انهيءَ صورت ۾ اڳتي وڌي سگھي ٿو، جڏهن ان کي الله تعالىﷻ جو حڪم ٿئي ته ”ٿي پئو!.“
اصل ۾ سمورن انسانن جي جسماني خاصيتن جا قاعدا (ڪوڊ) آدمؑ جي نطفي ۾ هڪ پروگرام جي شڪل ۾ مهيا ڪيا ويا آهن. آدمؑ مان حوا جو پيدا ٿيڻ هن آيت جو هڪ ٻيو سائنسي عجوبو آهي. جي نه ته الله تعالىﷻ هيئن فرمائي ها ته اسان آدم ۽ حوا کي مٽيءَ جي گاري مان پيدا ڪيو. حضرت عيسىؑ جي پيدائش جي باري ۾ انهيءَ لطيف عمل جو ورجاءُ بلڪل ابتڙ يا الٽي حالت ۾ ڪيو ويو آهي. سورت آل عمران جي آيت نمبر 59 پيدائش جي باري ۾ انهيءَ جيني ۽ حياتياتي معجزي جو بيان چٽائيءَ سان ڪري ٿي. ايئن بناوٽي فوٽن، تصويرن ۽ ڍانچن جي مدد سان، اشرف المخلوقات يعني انسان جا ارتقائي ابا ڏاڏا مقرر ڪرڻ، هڪ کِل جهڙي ڳالهه، چريائپ يا دوکو آهي جيڪو عقل ۽ استدلال جا چٻارا ڪڍڻ جي برابر آهي.
قرآن پاڪ ۾ سورت السجده جي آيت نمبر 7 جي ذريعي الله تعالىﷻ هڪ دفعو ٻيهر آدم جي تخليق جو حياتياتي عجوبو بيان ڪندي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اها ڪهڙي نه عجيب تخليق آهي. انسان هڪ اهڙي مادي جسم وارو آهي، جنهن جو تخليقي پروگرام مٽيءَ مان حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان جو روح الله تعالىﷻ پنهنجو پاڻ ان جي اندر ڦوڪيو آهي ۽ جڏهن اهي ٻئي هڪٻئي کان جدا ٿيندا آهن ته ان کي موت اچي ويندو آهي.
روح جي موضوع وارين آيتن جي تشريح اڳتي هلي ڪئي ويندي. جسيتائين جسم جو معاملو آهي، اهو هڪ رياضياتي نظام آهي جيڪو مادي جي ننڍڙن ذرڙن جو ٺهيل آهي، پوءِ ڀلي ان کي ڪنهن به پاسي کان ڏٺو وڃي. خاص طور جيني ڪوڊ هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر جو پروگرام آهي. سڀئي خاصيتون، هڪ ننهن کان وٺي منهن جي تِر تائين جا قاعدا (ڪوڊ) انهيءَ انتهائي ننڍڙي ٽبڪي ۾ مهيا ڪيا ويا آهن جنهن جي سائيز هڪ سينٽي ميٽر جي ڏهين لکين حصي کان به ننڍي آهي ۽ ڏهه ارب انسانن جي جدا جدا پورن جا نشان (Finger Prints) به ايئن ئي مهيا ڪيا ويا آهن. اهو ئي الله تعالىﷻ جي طرف کان تخليق جو هڪڙو انتهائي وڏو راز آهي.