مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 22 عبادت ۽ ذهني صحت

الَّذِیۡنَ یُؤۡمِنُوۡنَ بِالۡغَیۡبِ وَ یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ۙ﴿۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ یُؤۡمِنُوۡنَ بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ مِنۡ قَبۡلِکَ ۚ وَ بِالۡاٰخِرَۃِ ہُمۡ یُوۡقِنُوۡنَ ؕ﴿۴﴾ اُولٰٓئِکَ عَلٰی ہُدًی مِّنۡ رَّبِّہِمۡ ٭ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۵﴾ (البقرة: ٤ ۽ ٦)
”جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، جيڪو رزق اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا. جيڪو ڪتاب توتي نازل ڪيو ويو آهي (يعني قرآن ڪريم) ۽ جيڪي ڪتاب توهان کان پهريان نازل ڪيا ويا هئا، انهن سڀني تي ايمان آڻين ٿا ۽ آخرت تي يقين رکندا آهن. اهڙا ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي طرف کان ڏسيل سنئين واٽ تي آهن ۽ اهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن.“

جيئن ته اها ڳالهه هر هڪ مسلمان ڄاڻي ٿو ته اسان جي دين ۾ عبادت جي بنيادي شڪل نماز آهي. نماز اصل ۾ هڪ ٻانهي جي طرف کان پنهنجي مالڪ جي اڳيان شڪرگذاري ۽ ٻاڏائڻ جي هڪ شڪل آهي. انهيءَ پاڪ رستي تي هڪ انسان جو اهو سفر ئي ان کي الله تعالى جي ويجھو ڪري ڇڏي ٿو. نماز اندر الله تعالى جي اڻ کٽ دنيا ۾، سورت فاتحه جي رمزن وسيلي، الله تعالى جي مهربانين ۽ معافيءَ جو ذڪر آهي.
اهڙن سببن جي بنياد تي ڪابه سائنس انهيءَ لائق نه آهي ته اها نماز جي رازن تائين پهچي وڃي يا انهن جو احاطو ڪري سگھي. خاص ڪري جيڪڏهن نماز کي رڳو هڪڙي جسماني ورزش سمجھيو وڃي ته اها اهڙي چريائپ واري ڳالهه ٿيندي جنهن جو ٻيو مطلب اهو ته ڪائنات ۾ هن هوا کانسواءِ، جنهن ۾ اسان ساهه کڻون ٿا، ٻيو ڪجھه به نه آهي. لاڳاپيل سائنسي کوجنائن بابت ڪتاب ۾ اسان پنهنجي دماغ جي دري رڳو انهن حقيقتن ڏانهن کولينداسين، جيڪي نماز جي ڪري سڀ کان اهم پاسن کي چٽو ڪن ٿيون ۽ جيڪي دماغي صحت تي نماز جي معجزاڻن اثرن جي تصديق ڪن ٿيون. پڙهندڙن کي انهيءَ ۾ دوکو نه کائڻ گھرجي ته نماز جا فائدا رڳو اهي ئي آهن جيڪي هنن ٿورڙن صفحن تي تحرير ڪيا ويا آهن. انساني نفسيات تي انهيءَ جو لاڀائتو اثر ته ان جي هزارين فائدن مان رڳو هڪڙي ئي فائدي کي ظاهر ڪري ٿو.
سورت العنڪبوت جي آيت نمبر 45 ۾ هن طرح فرمايو ويو آهي:
”اي نبي (ﷺ) انهيءَ ڪتاب جي تلاوت ڪر جيڪو توڏانهن وحي جي ذريعي موڪليو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ، نماز بڇڙن ۽ بي حيائي وارن ڪمن کان روڪيندي آهي ۽ الله جو ذڪر ته ان کان به وڏي ڳالهه آهي. الله تعالى اهو سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه اوهين ڪريو ٿا.“
اها هڪ عام سمجھه ۾ ايندڙ حقيقت آهي ته قرآن پاڪ ۾ عبادت سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي آيتون موجود آهن، جن مان اسان مٿي نقل ڪيل آيتن جي چونڊ رڳو انهيءَ لاءِ ڪئي ته جيئن عبادت جي فائدن جي تشريح، رڳو نفسياتي صحت تي ئي مرڪوز ڪري سگھون. بهرحال، سڀ کان پهريان مٿين آيتن سڳورين جي تشريح کان اڳ مان پنهنجي پڙهندڙن جو ڌيان هڪ تمام اهم نقطي ڏانهن ڇڪائڻ گھران ٿو. سائنسي علمن جي اها شاخ جنهن کي اولهه ۾ علم نفسيات يا سائيڪالوجي چون ٿا، انهيءَ جو حقيقت ۾ انساني روح سان ڪوبه واسطو نه آهي. اسلامي سائنس جي نقطي نظر کان علم جو اهو ميدان جيڪو اسان جي روين جو مطالعو ڪري ٿو، اصل ۾ اسان جي اندر يعني ”نفس“ جي تشريح جو هڪڙو وسيلو آهي. اسان جنهن کي ذهني صحت جو نالو ڏيون ٿا سا انهيءَ کان ڪجھه مختلف آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جو دارومدار به گھڻو ڪري نفس تي ئي هوندو آهي، پر اولهه وارن جا سائنسي علم، جن جو لاڳاپو ذهني روين سان آهي، انهيءَ معاملي ۾ وڌيڪ ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃن ٿا، جن کي دماغي مرضن جو علاج (Psychiatry) ۽ ذهني تندرستي جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو اسان جي سموري ڪردار جو مطالعو ڪري ٿو.
اسان جي پوري شخصيت جو ڍانچو اسان جي ئي جسم، روح ۽ دل جي آخري پيداوار يا نتيجو آهي، جنهن ۾ نفس سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. انهيءَ موضوع تي وڌيڪ بحث کان سواءِ مان تشريحن ڏانهن وڃڻ گھران ٿو. اهو موضوع حقيقت ۾ انتهائي اهم آهي ۽ مسلمان سائنسدانن کي انهيءَ جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ گھرجي. هن وقت جيڪا شيءِ مان توهان کي سمجھائڻ گھران ٿو سا اها آهي ته حقيقت ۾ ذهني صحت مان اسان جو مطلب روح جو روايتي تصور يا نظريو نه آهي پر انهيءَ جو مطلب اسان جي مطلبي شخصيت آهي.
مٿين آيتن مان اسان کي جيڪو پيغام ملي ٿو، ان جو تت هيٺن نڪتن ذريعي پيش ڪجي ٿو.
(الف) جيڪو به ماڻهو عبادت ڪري ٿو سو ڇوٽڪاري جو حقدار بڻجي ٿو.
(ب) جيڪو به ماڻهو عبادت ڪري ٿو، تنهن کي پناهه ملي وڃي ٿي ۽ ان کي بڇڙائي ۽ بيحيائيءَ کان ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.
اچو، هاڻي ڏسون ته نفسياتي نقطه نظر کان مختلف انسان ڪيئن نظر اچن ٿا؟
اسان جي موجوده دؤر ۾ لڳ ڀڳ سمورا انسان مشيني زندگيءَ واري ڦيٿي جي تارن ۾ ڄڻ ته ڦاسي پيا آهن ۽ بي ديني ۽ مادي پرستي جي ڪري جيڪو نتيجو نڪتو آهي، انهيءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن پنهنجو ذهني سڪون وڃائي ڇڏيو آهي. اِن جو نتيجو اهو آهي ته انسانن ۾ پريشاني ۽ ناراضپو عام ٿي پيو آهي. اهڙي طرح سڀئي ماڻهو مختلف جھيڙن جهٽن ۽ الجهنن ۾ ڦاسي، ڪيترين ئي قسمن جي مصيبتن ۽ نقصانن جو شڪار ٿيندا رهندا آهن جن مان ڪن جو مختصر طور ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
(الف) پريشانين جو هارمون پيدا ڪرڻ وارن غدودن تي جيڪو نقصانڪار اثر پوندو آهي، انهيءَ سان معدي جون ڦرڙيون يا السر پيدا ٿي پوندي آهي. ان کان سواءِ دل جي شريانين واري نظام کي هاڃو رسندو آهي ۽ هاضمي وارو نظام خراب ٿي پوندو آهي. نفسياتي دٻاءَ ۽ ذهني پيڙا جو اثر اسان جي جديد دؤر جي بيماري يعني ڪيڪڙي (ڪينسر) جي شڪل ۾ نمايان ٿيندو آهي. اهڙي طرح انساني نسل جي گھڻائي ذهني انتشار جي ڪري مادي جسماني بيمارين جو شڪار رهندي آهي.
(ب) انتشار جي ڪري ئي لڳ ڀڳ انسانيت جو پنجون حصو ججهي مقدار ۾ شراب پيئڻ جي جهڙين خرابين (Alcoholism) ۽ ٻِي خطرناڪ نشي خوريءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي.
(ٻ) ترقي يافته امير ملڪن ۾ نفسياتي دٻاءُ روزانو جي ڳالهه ٿي پئي آهي. اڄ ڪلهه گھڻا ماڻهو پنهنجي کيسي ۾ ”سن شائن پلز“ جون گوريون کنيون ٿا وتن. اهي گوريون ننڍ ڏياريندڙ زهريلين دوائن کان گھٽ هاڃيڪار هونديون آهن، پر پوءِ به اهي هاڃيڪار ضرور آهن.
(ڀ) وڌيڪ اهو ته اولهه وارن ملڪن ۾ گڏ ڪيل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته نوجوان نسل ۾ پڪ سان ٽيهه سيڪڙو ماڻهو ذهني پريشانيءَ جو شڪار آهن. نه رڳو اهو پر ذهني مرضن ۾ انتهائي تيزيءَ سان واڌارو ٿي رهيو آهي.
ان کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ افسوسناڪ حالت اوڀر وارن معاشرن جي آهي جيڪي ظلم ۽ ناانصافي جي حالت ۾ رهي رهيا آهن. گھٽ ترقي يافته غريب ملڪ ڏڪر جهڙن عذابن ۾ گرفتار آهن، جيئن سورت العصر ۾ پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته ”حقيقت ۾ انسان خساري ۾ آهي.“
اهڙي صورتحال ۾ الله تعالى جو سورت البقره جي آيت نمبر 5 ۾ اهو ارشاد ته ”اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻڻ وارا آهن“ ۽ سورت الجمعة جي 110 نمبر آيت ۾ بخشش ڏانهن سڏڻ، ٻئي آيتون قرآن جو هڪ تمام ئي وڏو معجزو آهن. ڇو ته قرآن انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪري ٿو ته اي انسانو! توهان سراسر ٽوٽي ۽ نقصان ۾ آهيو. جيڪڏهن توهان ڇوٽڪارو، خوشي ۽ روحاني طاقت حاصل ڪرڻ گھرو ٿا ته پوءِ نماز ڏانهن اچو.
اچو، هاڻي ڏسون ته عبادت اسان کي ڪهڙي قسم جو ڇوٽڪار عطا ڪري ٿي؟ جڏهن اسان الله تعالى جي اڳيان بيهندا آهيون ته اسان الله تعالى سان واعدو ڪندا آهيون ته اسان دنيا جي تڪليفن ۽ پريشانين کي پوئتي ڇڏي ڏينداسين ۽ ٻانگ ٻڌڻ شرط اسان پنهنجي سڀني پريشانين کي گھٽ ۾ گھٽ ڏهن منٽن لاءِ ئي سهي، پنهنجو پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيندا آهيون. ان کان پوءِ اسان الله تعالى جي واکاڻ ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آهيون. مطلب ته اسان الله تعالى جي وڏائيءَ جي واکاڻ ڪندا آهيون ۽ پوءِ سورت الفاتحه جي تلاوت شروع ڪندا آهيون.
سورت الفاتحه، جيڪا هڪ حيرت ۾ وجھندڙ مرهم آهي، انسان جي اندروني دنيا جي فڪرن ۽ غلطين کي ميساري ڇڏيندي آهي ۽ ان جاءِ تي هڪ نئين دنيا وجود ۾ اچي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن سورت کي سورت الشفا به سڏيو ويندو آهي. ڪنهن انسان جي حالت ڪيتري ئي پريشان ڪندڙ ڇو نه هجي، سورت الفاتحه ان کي اهڙي مدد ڏيڻ جي قابل آهي، جنهن سان هو پنهنجي اندروني آنڌ مانڌ مان ڇوٽڪارو ماڻي سگھي ٿو ۽ ان کي هيءَ سورت سڌي واٽ ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿي. هيءُ اهو رستو آهي جيڪو سچ ۽ سونهن ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ائين سورت فاتحه اسان جي عبادت جو بنياد بڻجي ٿي. اچو ته انهيءَ ڏس ۾ مختصر تشريح ڪريون.
1. ”سڀ ساراهه الله تعالى جي لاءِ ئي آهي جيڪو سموري ڪائنات جو پالڻهار آهي.“
2. ”نهايت ئي ٻاجھارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.“
3. ”بدلي واري ڏينهن جو مالڪ آهي.“
4. ”اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گھرون ٿا.“
5. ”اسان کي سڌو رستو ڏيکار.“
6. ”انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام ڪيو.“
7. ”جن تي نه ته تنهنجو عتاب آيو ۽ نه ئي گھمراهه آهن.“
ڇا دماغ يا دل جي ڪابه بيماري اهڙي ماڻهوءَ کي جڪڙي سگھي ٿي جيڪو ڏينهن ۾ چاليهه دفعا انهن آيتن جي، جيڪي خوبصورت نسخو آهن، تلاوت ڪندو هجي ۽ گڏوگڏ عبادت ۾ چاليهه دفعا رڪوع ۽ سجدا به ڪندو هجي؟
پاڪ آيتن مان هر هڪ آيت ۾ سورت الفاتحه انساني نفسيات (Psyche) کي هڪ معجزاتي حقيقت ۽ سچ سپرد ڪري ٿي ۽ اسان جي وجود مان هر هڪ غلطيءَ کي مٽائي ڇڏي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مختصر جائزو ثابت ڪري ڇڏيندو ته انهيءَ دعوى ۾ ڪا به ڊاڙ واري ڳالهه نه آهي.
(1) سڀ ساراهه الله تعالى جي لاءِ ئي آهي جيڪو سموري ڪائنات جو پالڻهار آهي.
اي انسان! الله تعالى جي واکاڻ ڪر ۽ ان جو شڪر ادا ڪر، جنهن ڪائنات جي اندر هڪ اڻ کٽ نظم ۽ ضبط پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪو انهيءَ کي هر گھڙي پنهنجي ضابطي هيٺ رکي ٿو (جيڪو ربوبيت جو شاندار مظهر آهي). ڪنهن شيءِ کان نه ڊڄو ۽ نه مونجها يا پريشان ٿيو، ڇو ته جنهن الله جي توهان واکاڻ ڪريو ٿا سو:
(2) انتهائي ٻاجھارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.
الله تعالى نه رڳو سموري مخلوقات کي پنهنجي رحم ۽ شفقت سان خلقيو آهي پر اُن جا شڪرگذار ۽ وفادار انسان ان کان خاص قسم جو رحم، شفقت، بخشش ۽ معافي حاصل ڪندا آهن. انهيءَ حقيقت کي به نه وسارڻ گھرجي ته سموري دنيا جو بنياد ئي شفقت ۽ رحم تي رکيو ويو آهي. اصل ۾ آسماني گرهه ان جو شڪر پنهنجي مدارن ۾ گردش ڪرڻ واري عمل سان ادا ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح ايٽم ۽ ان جا مرڪز به، جن جو وجود ئي ڪشش جي ڪري آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو به پنهنجي محبت ۽ الله تعالى جي ساراهه ۽ واکاڻ کان منهن موڙي ٿو ته اهو تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو. هيءَ آيت ڪريمه انهيءَ ڳالهه جو اعلان ۽ اظهار ڪري ٿي ته جسيتائين رحمت جي سرچشمي مان توانائي ۽ قوت نه حاصل ڪئي وڃي تيستائين ڪابه زندگي قائم نٿي رهي سگھي ۽ اهو سرچشمو ٻاجهه ۽ رحم ئي آهي.
(3) الله تعالى ٻيهر جيئرو ڪرڻ واري ۽ بدلي واري ڏينهن جو مالڪ آهي.
اهو ڪڏهن به نه وساريو ته توهان جو حساب ڪتاب به ٿيندو ۽ انهيءَ ڪري:
(4) اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گھرون ٿا.
انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته هيءَ آيت ماڻهوءَ کي انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين کان بچائي ٿي جيڪي مٿس هن دنياوي زندگيءَ ۾ اچي سگھن ٿيون. اهو ماڻهو جيڪو پئسي، طاقت ۽ نفعي خوريءَ جو غلام نه آهي، اُن جي آزاديءَ جي ضمانت ڏني وئي آهي ۽ اهو هر قسم جي اڻ ڪٿيل دنياوي تڪليفن کان محفوظ رهندو. اهو ماڻهو جيڪو رڳو الله تعالى جي ئي عبادت ڪري ٿو ۽ ان کان مدد جو طلبگار ٿئي ٿو، تنهن لاءِ جيڪڏهن ڪا به ڳالهه ان جي اميد جي خلاف ٿي به پوي ته به ان کي ڪنهن قسم جي ڳڻتي يا پريشاني نه ٿيندي. اها شيءِ ان لاءِ تڪليف ڏيندڙ نه ٿيندي، اڃا به تڪليفن ۽ ڏکيائين جي مقابلي ۾ هو پنهنجي سموري سگھه سان مقابلو ڪندو ۽ انهيءَ جو نتيجو الله تعالى جي ذات تي ڇڏي ڏيندو.
جيڪو به ماڻهو سورت الفاتحه جي انهن چئن آيتن جي سچيءَ دل سان تلاوت ڪندو، تنهن کي ذهني دٻاءَ يا مايوسيءَ کان ڇوٽڪارو ملي ويندو. جيڪو ماڻهو انهن آيتن جي ڏينهن ۾ چاليهه دفعا تلاوت ڪندو ۽ ان کي لڳاتار پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ جاري رکندو يعني جيڪو باقاعدگي ۽ سچائيءَ سان نماز کي جاري رکندو، سو انهن خوشنصيبن ۾ شامل ٿي ويندو، جن کي هر طرح جي آزادي حاصل ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري جنهن کي اهڙي آزادي ملي ويندي آهي سو هر قسم جي زيادتين ۽ برائين کان بچي ويندو آهي.
ماڻهن جا جذبا، جن جو بنياد معاشي ضرورتن جو بهانو هوندو آهي، اصل ۾ هڪ وڏي غلطي آهي ۽ جيڪو دنياوي دولت جي غلاميءَ جو نتيجو هوندو آهي.
آيت نمبر 5 کان ست تائين: ”اي سڀ کان مٺا الله! اسان پنهنجو پاڻ ڪڏهن به سڌي واٽ تي نٿا پهچي سگھون، انهيءَ ڪري تون اسان جي مدد فرماءِ. اسان تي پنهنجو ڪرم فرماءِ ۽ اسان کي سچ واري واٽ ڏيکار. اسان کي تڪليفن ۽ پريشانين ۾ نه ڇڏي ڏي جيڪي گمراهه ماڻهن جي نصيب ۾ آهن.“
اهڙي طرح ڏينهن ۾ چاليهه دفعا، پنجن مقرر ڪيل وقتن ۾، اسان ذهني پريشانين ۽ غمن کان پاڪ ٿي سگهون ٿا.
عبادت ۾ رڪوع ۽ سجدن جي دوران گوڏن تي جيڪو لڪيل Esoteric جو اثر ٿيندو آهي سو هن وقت اسان جي مضمون کان ٻاهر آهي.
جڏهن نماز جماعت سان گڏ ادا ڪئي ويندي آهي ته پوءِ اسان کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ انهيءَ نظم ۽ ضبط کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جماعت سان نماز ادا ڪرڻ سان اخلاقي غلطين ۽ ان قسم جي ٻين برائين کان بچڻ جي سگھه پڻ پيدا ٿي سگھندي. ان کان پوءِ اسان اهڙي طرح وضوءَ جي جسماني ۽ روحاني قوتن ۽ برڪتن جا فائدا پڻ حاصل ڪري سگھنداسين.
هاڻي توهان کي خبر پئجي وئي هوندي ته ڪهڙي طرح اسان ايندڙ وقت ۾ پنهنجي خوشين ۽ ڇوٽڪاري واري واٽ پنهنجي زندگين ۾ ئي ڳولي لهي سگھون ٿا.
عبادت يا نماز هڪ اهڙي پاڪ مهر آهي، جيڪا انسان جي اندر جي زندگي ۽ انسان جي روح تي لڳي ٿي. ان جو پهريون اثر اسان کي هڪ انسان جي ذهني سڪون جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو. انهيءَ جاءِ تي اهڙو ماڻهو انڌو ئي ته هوندو جيڪو ڇوٽڪاري ۽ خوشين جو ڇيد نه ڪري سگھي. جيڪڏهن اسان ڪن ماڻهن ۾ انهيءَ جو اثر نٿا ڏسون ته اصل ۾ انهيءَ جو سبب هڪ پاسي نمائشي عمل يا ڏيکاءُ آهي جنهن ۾ ڪابه سچائي نه هوندي آهي.
اها حقيقت آهي ته نماز انسان جي جسماني نظام کي هڪ قسم جو ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. الله تعالى اعلان ڪري ٿو ته انهن کي ڇوٽڪارو ملي ويو. يعني انهن ماڻهن جي لاءِ آزادي آهي، تحفظ آهي، شفا آهي ۽ پوءِ خوشي ۽ اطمينان آهي. جهڙي طرح هڪ نمازيءَ جي جسم جا سڀئي سَنڌَ صحتمند هوندا آهن، اهڙي طرح انهيءَ جي ذهني ۽ روحاني صحت جي پڻ حفاظت ٿيندي آهي. اڄ جي دؤر ۾ مادي پرست ماڻهو به انهيءَ حقيقت جو اقرار ڪن ٿا ته سَنڌَن جي آرام ۽ انهن جي ڀلائيءَ لاءِ نماز کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نسخو نه آهي. ساڳئي وقت اها انهن جي بدنصيبي آهي جو اهي پنهنجي دماغن تي پيل پردا هٽائي نٿا سگھن ۽ ڇوٽڪاري جي انهيءَ واٽ کي ڏسي نٿا سگھن، جيڪا اسان جي روحاني دنيا جي لاءِ الله تعالى پنهنجي ٻاجھه سان، اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ عطا ڪئي آهي. اهڙي طرح اهي بدنصيب ماڻهو ايمان حاصل نٿا ڪري سگھن. ايمان هڪ تمام وڏو تحفو آهي. الله تعالى جي طرف کان هدايت آهي ۽ انهيءَ هدايت جو مرڪز دماغ ۾ نه پر دل ۾ هوندو آهي.