مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 27 صمد جا اسرار

قُلۡ ہُوَ اللّٰہُ اَحَدٌ ۚ﴿۱﴾ اَللّٰہُ الصَّمَدُ ۚ﴿۲﴾ لَمۡ یَلِدۡ ۬ۙ وَ لَمۡ یُوۡلَدۡ ۙ﴿۳﴾
وَ لَمۡ یَکُنۡ لَّہٗ کُفُوًا اَحَدٌ ٪﴿۴﴾ (الاخلاص)
”چؤ ته اهو الله يڪتا آهي. الله سڀني کان بي نياز آهي ۽ سڀئي ان جا محتاج آهن. ان جو ڪو به اولاد نه آهي ۽ نه ئي اهو ڪنهن ٻئي جو اولاد آهي ۽ ڪو به ان جو مٽ نه آهي.“

قرآن ڪريم جون هي آيتون اسلام کان اڳ وارن، عظيم پيدا ڪندڙ جي باري ۾ غلط عقيدن کي مٽائي ڇڏين ٿيون ۽ اهو ٻڌائن ٿيون ته انهيءَ پاڪ ذات کي ڪيئن سمجھيو وڃي.
سائنسي طور تي الله تعالىﷻ جي باري ۾ نظرين مان سڀ کان اهم خاصيت ”صمد“ جي راز ۾ لڪيل آهي. سورت اخلاص جي ٻي آيت ۾ جيڪا خدائي حڪمت بيان ڪئي وئي آهي سا سائنسي نقطي نظر کان انتهائي اهم آهي.
اچو ته هاڻي سڀ کان پهريان علم حرفن موجب صمد جي اصل معنى تائين پهچون. لغوي اعتبار کان صمد جون ٽي معنائون ٿي سگھن ٿيون:
(الف) مڪمل – بي عيب – خالص – پُورو
(ب) اڻ کٽ سگھ جيڪا اڻ مِٽ ۽ بي ڪنار هجي
(ج) نه جھڪندڙ خدائي قوت (قادر مطلق هئڻ)
انهيءَ جي اها معنى، جيڪا نبي ڪريم ﷺ جي ارشادن جي روشني ۽ ٻين تشريحن مان ظاهر ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته اها سچي طاقت جنهن جو هرڪو محتاج آهي، پر هو پاڻ ڪنهن جو ڪنهن به طرح محتاج نه آهي. ائين اها پاڪ ۽ قادر مطلق ذات آهي جنهن جي ڪري ئي سموري مخلوق کي وجود آهي. سائنسي اصطلاح ۾ صمد منجهان اُها سچي ۽ حقيقي طاقت ظاهر ٿئي ٿي، جنهن کي نه ڪنهن واڌاري جي گھرج آهي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جي ڪا کوٽ يا گسجڻ آهي. نه ان جو ڪو تجزيو ڪري سگھڻ ممڪن آهي ۽ نه ئي وري انهيءَ ۾ ڪنهن قسم جو ميل جول ئي ممڪن آهي.
ڪائنات جي سمورين طبعي يا مادي حقيقتن جي تشريح ”صمد“ جي راز اندر تمام اهم طريقي سان موجود آهي. تڏهن ئي سموري مخلوق جي لاءِ الله تعالىﷻ جو شڪر ۽ ان جي تعريف سائنسي طور تي ظاهر ٿئي ٿي.
هڪ منٽ وچ ۾، جسم اندر ساهه کڻڻ جي ڳاڻيٽي جي سلسلي ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته انسان کي هڪ هڪ منٽ ۾ 16 دفعا صمد جي راز سان واسطو پوي ٿو. ڇا اهو واقعي صحيح آهي؟ اچو، هاڻي اسان مطالعو ڪريون ته ڪيترن کي صمد جي راز يا قادر مطلق جي ضرورت ٿئي ٿي.
طبعي طور سڀ کان پهريان، انسان جي تخليق ايٽمن سان ترتيب ڏني وئي آهي. انسان جي جسم ۾ 1028×7 يا ڏهه ارب ارب ارب ايٽم هوندا آهن.
اچو ته هاڻي ايٽم ۽ صمد جي راز وچ ۾ موجود لاڳاپي جو ڪاٿو لڳايون.
هڪ ايٽم جو مرڪز هڪ سيڪنڊ ۾ ڏهه ارب دفعا لڏندو يا گونجندو آهي. هڪ مرڪز کي، پنهنجو پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ، اها چرپر لازمي ڪرڻي پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ موجود سڀني پروٽان تي واڌو چارج هوندي آهي، جڏهن ته نيوٽران غيرجانبدار (Neutral) هوندا آهن. ايئن عام حالتن ۾ ته مرڪز کي هڪ پاسي اڏامي وڃڻ گھرجي، پر ايٽم جي هڪ ٻي سگھاري طاقت، هڪ ٻئي ابتدائي ذري، يعني ميزان (Meson) جي ذريعي دخل اندازي ڪندي آهي، جنهن جو ڪم ذرڙن کي هڪٻئي سان ٻڌي رکڻ آهي. (ميزان يا وچيون سطحون ڀُتَن بنيادي ذرن جو گروهه هوندو آهي جيڪي ڪاسمڪ شعاعن ۾ ملندا آهن ۽ وڌيڪ توانائي وارن ذرن جي بمباري جي اثر جي نتيجي ۾ مرڪزن مان خارج ٿيندا رهندا آهن). پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي وچ ۾ ميزانز (Mesons) جي مٽاسٽا هڪ سيڪنڊ ۾ ڏهه ارب دفعا جي رفتار سان ٿيندي آهي، جيڪو ايتري تي ججهي تعداد وارو ورجاءَ (Frequency) آهي جتي ايٽم جو هڪ مرڪز صمد جي اسرار جو محتاج هوندو آهي.
جسيتائين ڪاٽو بجلي وارن اَڻن (Electrons) جو، جيڪي مرڪز (Neculus) کي گھيريو بيٺا آهن، لاڳاپو آهي، سي (ايٽم بابت بوهر ماڊل جي مطابق) مرڪز جي چوگرد هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک دفعا جي رفتار سان چڪر لڳائيندا آهن. جيئن ته اهو بيضوي محور جي اندر گردش ڪندا آهن، تن کي صمد جي راز جي مدد جي انهيءَ وقت گھرج ٿيندي آهي جڏهن چنڊ يا ٻيا زميني گرهه بيضوي جاءِ تي زمين کان سڀ کان ٿورڙي ئي مفاصلي تي هوندا آهن. يعني اها حالت هر چڪر ۾ چار دفعا ايندي آهي. اهڙي طرح مرڪز جي چوڦير هڪ سيڪنڊ ۾ چار لک دفعن جي رفتار جو وجود هوندو آهي.
انساني جسم ۾ 1029×14 اليڪٽرانن جي موجودگي تصور ڪئي وڃي ٿي. ايئن انسان کي صمد جي رمزن جي 1029×14×105×4+1028×7×1010 يا في سيڪنڊ 1037×70.056 دفعن جي ضرورت ٿيندي آهي، جتي 1037 جو مطلب ڏهه کرب کرب کرب جو تعداد هوندو آهي. انساني جسم جي رڳو ايٽمن واري حصي کي هڪ سيڪنڊ ۾ ايترن صمد جي رازن منجھان مدد جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اها ضرورت رڳو هڪ پلڪ لاءِ به پوري نه ٿئي ته انساني جسم هڪ ايٽم بم وانگر ڌماڪي سان ڦاٽي پوندو.
(ب) جيستائين جيو گھرڙن کي صمد جي رازن جي ضرورت وارو معاملو آهي ته سراسري طور هڪ جيو گھرڙي ۾ 2000 ڪيميائي ليبارٽريون هونديون آهن. يعني (Mitochondiria and Golgi Vessels) هونديون آهن جيڪي ڪيميائي جزن کي لڳاتار عمل ۾ رکنديون آهن. انهن مان تمام ئي سنهڙن جيوگھرڙن واري هر هڪ ليبارٽري هڪ ڪمپيوٽر جي حڪم هيٺ ڪم ڪندي آهي ۽ هڪ ڪمپيوٽري پروگرام هيٺ ئي جيو گھرڙي کي ان جي خاصيت عطا ڪندي آهي.
اهي ٻه هزار انتهائي ننڍڙيون ليبارٽريون، پنهنجو پروگرام هلائڻ جي لاءِ صمد جي اسرار جون محتاج هونديون آهن ۽ اهو به هڪ سيڪنڊ جي پندرهن هزار جي حد تائين. يعني انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته سڄي جيو گھرڙي کي صمد جي ضرورت لازمي طرح ٽي ڪروڙ دفعا في سيڪنڊ هوندي آهي. جيڪڏهن اهو ئي اندازو هڏين ۾ پيدا ٿيڻ واري مِک جي جيوگھرڙن تي لاڳو ڪجي ته جيني ڪوڊ (فامولي) ۾ تبديليءَ جي لاءِ ”صمد“ جي رازن جي ضرورت اربن جي تعداد تائين پهچي ويندي.
جيئن ته انساني جسم ۾ ٽيهه کرب جيو گھرڙا هوندا آهن، تنهن ڪري انساني جسم جي حياتياتي ضرورت جي لاءِ، صمد جي رازن جي مدد هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ جيو گھرڙي جي بنياد تي هڪ ارب کرب جي تعداد تائين پهچي ٿي.
(ٻ) ٻين عضون جي صمد واري ضرورت ڇا آهي؟ يعني خوراڪ جي هڪ گرهه لاءِ اها ڀڄ ڊوڙ ۽ تبديليون ڇا آهن، جو ان جي هضم ۽ ان جي خرچ ٿي وڃڻ سان لاڳاپو رکن ٿيون؟ رت جي ذريعي ٿيڻ وارو اهو سلسلو ڪهڙي طرح آهي؟ انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن انهن عمل ڪرڻ وارن هزارين سلسلن تي چڱيءَ طرح تحقيق ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي ڇڏي ڏنو وڃي ته خبر پوندي ته حياتياتي خاصيتون ۽ حياتياتي ڪيميا جو مطالعو، منهنجي حساب ڪتاب موجب اهو ٻڌائي ٿو ته، هڪ انسان کي هڪ سيڪنڊ ۾ 1037×4 دفعا ”صمد“ جي اسرار ۾ لڪيل مدد جي ضرورت ٿيندي آهي. انهيءَ جو هڪڙو ننڍڙو بنيادي مثال هن طرح سان ڏئي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن رت جي اڇن ذرڙن کي يا جيو گھرڙن کي، جيڪي اسان کي بيمارين کان بچائين ٿا، ”صمد“ ۾ لڪيل مدد رڳو اک ڇنڀ جي لاءِ به نه ملي ته نتيجي ۾ يا ته اسان جي اندر جا بيڪٽيريا يا وري ڪينسر جا جيو گھرڙا اسان کي هضم ڪري ڇڏيندا.
”صمد“ ۾ لڪيل خدائي طاقت جي مدد نه رڳو انسانن جي لاءِ پر سموري ڪائنات جو بنيادي سهارو پڻ آهي. اها اهليت جيڪا ايٽمن، ٻوٽن، سج ۽ ڪهڪشائن کي مقرر ۽ قائم رکي ٿي، انهيءَ جو بنياد به الله تعالىﷻ جي اسرارن ۾ لڪيل آهي. انهيءَ جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪا هڪ مخلوق به جيئري نٿي رهي سگھي، اڃا به اها بلڪل ئي ناپيد ٿي پوندي.
ديو قامت عظيم ستارن ۽ ڪهڪشائن جا جھرمٽ، هڪ ٻئي جي اندران ۽ تمام ويجھڙائيءَ کان گذرندا آهن، تنهن هوندي به انهن مان ڪنهن هڪڙي گرهه جو توازن به نٿو بگڙجي. خلابازن به ويجھڙائيءَ وارن ڪجھه سالن ۾ انهيءَ غير معمولي حقيقت ۽ واقعن جو انتهائي حيرت سان مشاهدو ڪيو آهي.
واقعي ڪنهن به شيءِ ۾ بگاڙ پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته الله صمد آهي.