موضوع نمبر 43 دوزخ جو ٻارڻ
(التحريم٦)
”اي ايمان وارؤ! پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گھرن وارن کي انهيءَ باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر هوندا. جن تي تمام بي رحم ۽ سختيءَ سان پڪڙيندڙ ملائڪ مقرر هوندا جيڪي ڪڏهن به الله تعالىﷻ جي حڪم جي نافرماني نٿا ڪن ۽ جيڪو حڪم انهن کي ڏنو وڃي ٿو تنهن کي پورو ڪن ٿا.“
هن آيت سڳوريءَ ۾ جنهن پيغام جي اسان تشريح ڪنداسين سا آهي ”اها باهه جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن.“ هن موضوع تي اڳتي وڌڻ کان اڳ، اسان کي اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته قرآن اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ نازل ٿيو هو. انهيءَ دؤر ۾ اهو تصور ڪرڻ به ناممڪن هو ته هڪ اهڙي باهه به ٿي سگھي ٿي، جنهن جو ٻارڻ پٿر هوندا.
اڳي وانگر، اچو ته اسان آيت سڳوريءَ جي سڀ کان اهم نڪتن جي نشاندهي ڪريون.
پهرين ڳالهه اها ته هن آيت ۾ دوزخ ۽ باهه جي باري ۾ ان جي ٻارڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ان جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر هوندا.
جيڪڏهن هيءَ آيت رڳو اهو بيان ڪري ها ته جهنم جي باهه جو ٻارڻ انسان هوندا ته اسان کي يڪدم اهو خيال اچي ها ته هيءَ ڳالهه هڪ تشبيهه يا استعاري طور ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ جو مطلب اهو ٿي سگھي ٿو ته انسانن جو ٻارڻ بڻجڻ انهن جو پنهنجي اندر ئي عذاب ۾ سڙڻ آهي پر جيئن ته انسانن سان گڏو گڏ پٿرن کي به دوزخ جو ٻارڻ بڻايو ويو آهي، انهيءَ مان اها ڳالهه چٽي ٿي پوي ٿي ته هتي اها ڳالهه استعاري يا تمثيل جي طور تي نه ڪئي وئي آهي ۽ نه وري اهڙي قسم جي ڪا تشريح ڪري سگھجي ٿي.
ٻيو اهو ته آخر دوزخ جي باهه جي ٻارڻ کي ايترو چٽائيءَ سان ڇو بيان ڪيو ويو آهي؟ انهيءَ ڳالهه کي ڪجھه ڳجھي يا تمثيلي انداز ۾ به بيان ڪري سگھجي پيو؟ مثال طور اهو به چئي سگھجي پيو ته هيءَ اها باهه آهي جنهن سان جنن کي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ اهو ته هيءَ اها باهه آهي جنهن کي قادر مطلق پيدا ڪيو آهي، وغيره وغيره. انهيءَ جي برخلاف هن ارشاد جي ذريعي هڪ اهڙو تصور پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ جي ماڻهن کي مشڪل ئي سمجھه ۾ اچي سگھي پيو ته ”اهي اهڙا ڀڀڙ هوندا جن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر هوندا.“
هن آيت جي بنياد تي اسلام جي ڪيترن ئي مفڪرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته دوزخ جو آغاز ان وقت ٿيندو جڏهن حساب ڪتاب وارو ڏينهن پورو ٿي ويو هوندو. ان جي برخلاف، انهن وٽ بهشت سدائين قائم آهي.
ٽيون اهو ته هن آيت جو سڀ کان اهم پيغام اهو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ انتهائي اهم سائنسي سوال پڇيو ويو آهي. اهو سوال کليل طور اهو آهي ته اها ڪهڙي توانائي آهي جنهن جو ٻارڻ پٿر آهن؟ هيءَ آيت اسان کي دعوت ڏئي ٿي ته طبعيات جي گرمي ۽ توانائي وارن نظرين هيٺ اسان هن سوال جو جواب ڳوليون.
چوٿون اهو ته ظاهري طرح ان جي جواب ۾ ڪوئلي جو نالو وٺي سگھجي ٿو پر اهو جواب صحيح نٿو ٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته پهرين ڳالهه اها ته عربي ۾ ڪوئلي جو لفظ موجود هئڻ جي باوجود به هن آيت ۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي. ٻي ڳالهه اها ته هن آيت ۾ عام قسم جي پٿرن کي ئي ٻارڻ جي طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي. پر ان ڳالهه کي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جڏهن انسانن کي هڪ ٻارڻ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو به ٻارڻ واريون بنيادي خاصيتون رکي ٿو. زمين جي مٿاڇري تي جھجھي مقدار ۾ ڪاربان ملي ٿو. جيئن ته انساني جسم ۾ ڪاربان جا ايٽم جھجھي مقدار ۾ ملن ٿا، تنهن ڪري انهيءَ مفهوم ۾ انسانن کي ٻارڻ سمجھي سگھجي ٿو. اصل ۾ جيڪڏهن انسانن کي پٿرن بدران ڪوئلي سان ملائي ٻارڻ چيو وڃي ته جديد سائنس انهيءَ ڳالهه ۾ حق تي هوندي ته اها انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ آسان تشريح پيش ڪري ٿي.
تنهن ڪري اسان کي لازمي طور سڀ کان پهريان انهيءَ ڳالهه جي سائنسي توجيهه ڳولڻ گھرجي ته عام قسم جا پٿر ڪهڙي طرح ٻارڻ بڻجي سگھن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي ڄاڻ کي تازو ڪرڻ لاءِ جديد طبعيات جي گرمي (Heat) ۽ توانائيءَ (Energy) جي نظرين جو مطالعو ڪرڻ گھرجي.
جيئن ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته بنيادي طور تي گرمي هڪ ڏڪڻي هوندي آهي ۽ جوهرن (ايٽمن) جو ڏڪڻ 273 ڊگري سينٽي گريڊ يا ٻڙي ڊگري ڪيلون تي رڪجي ويندو آهي. انهيءَ مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته اهي ايٽم، جيڪي اسان جي فطرت سان روزمره جي لاڳاپن دوران اسان کي گھيري رکن ٿا، لڳاتار ڏڪڻي جي حالت ۾ رهندا آهن. دنياوي يا زميني ڪيفيتون يعني نَهرا جسم (Solid)، پَٽِڙا جسم (Liquid) ۽ گيسون (Gases) مخلتلف سطحن جي توانائيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. جڏهن ايٽم ۾ توانائيءَ کي داخل ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ جي ڏڪڻي وڌي ويندي آهي. هڪ نهري جسم ۾ ايٽم هڪ خاص ڍانچي اندر ڄميل هوندو آهي ۽ ان جي ڏڪڻي ان کي تمام معمولي سطح تي هٽائيندي آهي. پٽڙي ۾ جيڪي ٻنڌڻ ايٽمن کي پنهنجي جاءِ تي نهري حالت ۾ برقرار رکن ٿا، سي ايترا سگھارا نه هوندا آهن جو انهيءَ ڏڪڻيءَ کي قابو ۾ رکي سگھن. ائين ايٽم ۽ ماليڪيول هڪ ٻئي جي مٿان آسانيءَ سان ترڪندا رهندا آهن. هڪ گيس ۾ توانائيءَ جي سطح وڌيڪ مٿاهين هوندي آهي جنهن ۾ ايٽم ۽ ماليڪيول مٿي اڏامندي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائجي به ويندا آهن. جيئريون مخلوقون پنهنجو وجود انهن ئي ڪيفيتن ۾، خاص ڪري پاڻي جي ڄميل ۽ پٽڙي حالت ۾، قائم رکڻ جي قابل هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪيميائي ٻنڌڻ، جيڪي انهيءَ جي زندگيءَ لاءِ ضروري هوندا آهن، پنهنجو پاڻ کي هڪ جاءِ تي گڏ رکندي، گرمي پدن ۾ داخل ٿيل هوندا آهن. زميني گرمي پد هڪ خاص حد يعني 80 ۽ 3000 ڊگري سينٽي گريڊ جي اندر ئي هوندو آهي.
بهرحال فرض ڪريو ته اسان توانائيءَ کي ايتري حد تائين وڌائيندا رهون جو اسان لکين ۽ اربين ڊگرين تائين پهچي وڃون؛ انهيءَ سان اهڙيون حالتون پيدا ٿي پونديون آهن جو رڳو قدري طور تي ستارن جي اندروني ڍانچي ۾ هونديون آهن. انهيءَ جو مثال سج ٿي سگھي ٿو يا وري نون ستارن جا ڌماڪا (Novae) ٿي سگھن ٿا. هاڻي ٿيندو ائين آهي ته مضبوط نيوڪليائي طاقت (اها طاقت جيڪا ذرڙن يا مرڪزن کي پاڻ ۾ جوڙي رکي ٿي) ۽ چئن مادي قوتن مان سڀ کان سگھاريون قوتون ان قابل نٿيون رهن ته اهي پروٽونز (جٽادار بنيادي ذرڙن) ۽ نيوٽران کي قابو ۾ رکي سگھن. ائين بعد ۾ ذڪر ڪيل ڪاٽو اليڪٽرانن سان ملي ڪري هڪ قسم جي ايٽمي گيس جي صورت ۾ هيڏي هوڏي اڏامڻ شروع ڪنديون آهن. مادي جي اها ”چوٿين حالت“ هوندي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايتري وڌيڪ توانائي ڪيئن وجود ۾ اچي ٿي؟ بنيادي طور توانائي حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. انهن مان هڪڙو ته ڪيميائي طريقو هوندو آهي. جڏهن ته ٻيو طريقو ايٽمي يا نيوڪليائي هوندو آهي. جيئن ته اسان هتي باهه جي باري ۾ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، انهيءَ ڪري اسان هتي توانائيءَ جي ميڪانيڪي طريقي کي ڇڏي ڏنو آهي. ڪيميائي شين جي هڪ ٻئي تي اثر اندازي جي ذريعي اهڙا ردعمل ٿيندا آهن، جيڪي گرميءَ کان مٿي (Extro Thermal) هوندا آهن يعني اهي توانائي خارج ڪندا آهن. اهي اهڙا هوندا آهن جهڙا ڪاربان ۽ آڪسيجن جي ميلاپ سان ڀڀڙ ڪري ٻرڻ (Combustion) وارو عمل. اسان سڀئي اهو ڄاڻون ٿا ته ايٽمن جي ٻاهرين کوپي ۾ اليڪٽرانن جي پاڻ ۾ ادل بدل جي ذريعي ئي ڪيميائي رد عمل ظاهر ٿيندو آهي.
پر مادي مان توانائي حاصل ڪرڻ جو هڪ ٻيو طريقو به آهي. انهيءَ جي لاءِ اسان کي سڌو ايٽم جي مرڪز ۾ وڃڻو پوندو. ايٽمن جا مرڪزَ يا عنصَرَ مختلف مقدار جي توانائيءَ جي ذريعي هڪ ٻئي سان ٻڌل هوندا آهن. انهن عنصرن کي وقفي وقفي سان پروٽانن جي ذريعي وڌائي سگھجي ٿو ۽ گڏي ٻڌڻ واري توانائيءَ جو ونگ (Curve of Binding Energy) جيڪو هر مرڪز کي ٻئي سان جوڙي رکندو آهي، حاصل ٿي ويندو آهي. پوءِ اهو ڏسي سگھجي ٿو ته اهو ونگ لوهه جي اوسي پاسي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ مضبوط عنصر آهي، هڪ ڏونگهي يا ٿالهه جي شڪل جو هوندو آهي. جيئن جيئن انهيءَ ونگ جي آخري ڪنارن ڏانهن وڌبو، تيئن تيئن وڌيڪ مقدار ۾ توانائيءَ جي گھرج ٿيندي آهي، جنهن سان مرڪزن کي گڏي هڪ ڪري سگھجي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته سڀ کان هلڪا عنصر سڀ کان کان ڳري عنصر سان ڪمزوريءَ سان ڳنڍيل رهندا آهن. عنصرن جا مرڪزَ جڏهن لوهه سان ملي ويندا آهن ته اهي وڌيڪ چست، سگھارا ۽ مضبوط شڪل وارا ٿي ويندا آهن. هلڪن عنصرن کي پاڻ ۾ جوڙيو ويندو آهي ته جيئن انهن کي مضبوط ڪري انهن مان توانائيءَ جو ڪجھه مقدار حاصل ڪري سگھجي. ٿيندو ايئن آهي ته شڪل صورت جي تبديل ٿيڻ سان معمولي مقدار جو مادو به توانائيءَ ۾ بدلجي ويندو آهي. اهڙي قسم جا امڪان ته آئن اسٽائن جي دؤر ۾ به موجود سمجھيا ويندا هئا.
جيڪڏهن اسان هڪ ڳري مرڪزَ (مثال طور يورونيم) کي نيوٽران سان بمباري ڪري ڦاڙيون ۽ مرڪز کي ٻن مرڪزن ۾ ڦاڙي جدا ڪريون، جنهن کي جوهري ردعمل (Nuclear Fission) چيو ويندو آهي ۽ اهو انهيءَ لاءِ چوندا آهن جو انهن سڀني مرحلن ۾ انتهائي مٿانهين درجي جي گرمي پد جي ڳالهه ٿيندي آهي. ڦاٽڻ جو اهو طريقو يا عمل ئي ايٽم بم ٺاهڻ جو اصول آهي. جڏهن ته ڦاٽڻ جو طريقو يا عمل ٿرمو نيوڪليئر يا هائيڊروجن بم جو اصول آهي. آخري ذڪر ڪيل ئي اها توانائي آهي، جيڪا ستارن جي ٻارڻ جو ڪم ڪندي آهي. اڃا به سج کي ته انهيءَ جاءِ سان تشبيهه ڏئي سگھجي ٿي جتان هر سيڪنڊ جي وقت ۾ ڪيترن ئي لکن جي تعداد ۾ هائيڊروجن بم ڦاٽي رهيا هوندا آهن.
جڏهن انشقاق يا ڦاٽڻ جي عمل کي ضابطي ۾ آندو وڃي ته انهيءَ مان ايٽمي بجلي گھر ٺهي پوندو آهي. هاڻي ڏسو ته اهڙي بجلي گھر جو ٻارڻ نه ته ڪوئلو هوندو آهي ۽ نه وري انهيءَ ۾ ڪو تيل استعمال ٿيندو آهي. اهو ٻارڻ يورونيم 235 هوندو آهي جيڪو يورونيم 238 مان حاصل ٿيندو آهي. انهيءَ قسم جو يورونيم هڪ مرڪب جي صورت ۾ عام قسم جي هڪ پٿر ۾ ملندو آهي. باقي اهو ضرور آهي ته خرچن جي لحاظ کان رڳو اهو پٿر جن ۾ يورونيم جو مقدار گھڻو هوندو آهي، سو ئي کوٽي ڪڍڻ جي لائق هوندو آهي.
پر هن آيت سڳوريءَ مان مطلب، اِن کانسواءِ به هڪ اهم شيءِ آهي. اها هڪ اهڙي عمل کي بيان ڪري ٿي جيڪو تمام خاص حالتن هيٺ حاصل ڪيو ويو هجي. باقي نه ته انهيءَ ۾ رڳو پٿرن جو ئي بيان هجي ها، نه انسانن جو.
توانائيءَ جو گھڻو مقدار مرڪزن ۾ قيد هوندو آهي. آئن اسٽائن جي مساوات يعني E=MC2 جي لحاظ کان اها مڃيل ڳالهه آهي ته جيڪڏهن رڳو هڪ گرام جي مقدار واري مادي کي توانائيءَ ۾ بدلايو وڃي ته انهيءَ مان حاصل ٿيڻ واري توانائي ايتري هوندي جيتري 2500 ٽن ڪوئلي مان حاصل ٿيندي آهي. جيڪڏهن انسانن ۽ پٿرن جي ايٽم کي سڌيءَ طرح توانائيءَ ۾ بدلايو وڃي ته اسان کي اڻ کٽ ۽ نه ختم ٿيندڙ ٻارڻ ملي ويندو. ٻين لفظ ۾ انهيءَ جو مقصد اسان کي سچائيءَ کان آگاهي ڏيارڻ آهي جيڪا مادي جي جوهر ۾ لڪيل آهي. جيڪڏهن مسلمان سائنسدان جهڙوڪه البيروني ۽ جابر بن حيان جهڙن ماڻهن کي هن سونهري دؤر کي جاري رکڻ جو موقعو ملي وڃي ها ته اسان ايٽمي يا نيوڪلائي ڦاٽڻ کي اڄ کان پنج صديون اڳ ئي ڳولي چڪا هجون ها.
هِن مرحلي تي مان انهيءَ سوال طرف توجهه ڏيارڻ گھران ٿو جيڪو ڪيترن ئي پڙهندڙن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيو هوندو. مون پنهنجي تحريرن ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي ته قرآن ڪهڙي طرح طبعيات ۽ حياتيءَ جي علم بابت حيرت ۾ وجھندڙ پيغام عطا ڪيا آهن. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسلام ۾ انهن علمن ۾ ذڪر جوڳي ترقي نه ٿي آهي.
انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ اسان کي اها ڄاڻ هئڻ گھرجي ته دنيا ۾ اسلام جي اچڻ سان 100 کان 300 جي اندر اندر مسلمان سائنسدانن سائنس جي ميدانن ۾ بنيادي کوجنائون ڪري ورتيون هيون. البيروني طبعيات ۾، جابر خراساني رياضي ۾ ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيميا ۾، عمر خيام رياضي ۾، ابن سينا حياتيات ۾، طب ۾ اهڙا ته بنياد مهيا ڪيا هئا جن تي جديد سائنس جي عمارت ممڪن ٿي سگھي. جڏهن تاريخ جو مطالعو انصاف ۽ غير جانبداريءَ سان ڪيو وڃي ته اها حقيقت چٽيءَ طرح ظاهر ٿي وڃي ٿي ته طبيعيات، رياضي ۽ حياتيات جي علمن جون پاڙون مڪمل طور تي مسلمان سائنسدانن جي ڪيل ڪارنامن مان ئي نڪتيون آهن. اسلام جي انهن کوجنائن کي يورپ وارن پنهنجائي، ترقي ڪري ورتي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو تهذيب ۽ تمدن جي ڊوڙ ۾ اسان جا پورا 900 سال ضايع ٿي ويا.
اڳتي هلي اسلامي دنيا ٻن پاسن کان حملن جو شڪار ٿي وئي. هڪ پاسي ته ان کي منگولن جي حملن ۽ انهن جي سوڀن کان سخت نقصان کڻڻو پيو. ٻئي پاسي انهن کي صليبي جنگين مان نقصان پهتو. پهرين مصيبت انهن کي رت وهنتو ڪري ڇڏيو ته ٻي هڪ پراڻي بيماري وانگر صدين تائين کين گھليندي رهي. جڏهن سورهين صدي عيسوي تائين اهو طوفان ماٺو ٿيو ته اولهه وارن نئين زندگي حاصل ڪري ورتي. يعني اتي نئين سر تعمير ۽ ترقي جي ذريعي علمن ۽ فنن کي جاڳائڻ جو زمانو شروع ٿي چڪو هو. جڏهن ته ٻئي پاسي اسلام هر قسم جي سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو. مسلمانن کي نه ته دين سان ۽ نه وري سائنس سان ڪو لاڳاپو باقي رهيو.
اچو ته هاڻي آيت سڳوريءَ جي تشريح ڏانهن موٽي اچون. انسانن ۽ پٿرن کي هڪ ئي وقت ۽ وڏي پيماني تي هڪ عظيم توانائي ۽ تمام گھڻي تپش ۾ تبديل ٿيڻ جي عمل مان گذاري، الله تعالىﷻ انسان کي پنهنجي ڪامل قدرت جي ذريعي ڇوٽڪارو عطا ڪندو. پر اڃا تائين ڪيترن ئي ذهنن ۾ اهو سوال حل نه ٿيو هوندو ته ايتري سخت گرميءَ ۾، جتي هڪ ايٽم پگھرجي پلازما ۾ تبديل ٿي وڃي، انسانن جي زندگيءَ جو نالو نشان ڪهڙي طرح باقي رهي سگھي ٿو؟ انهيءَ سوال جي جواب جي اهميت رڳو هن آيت سڳوريءَ جي مفهوم اندر ئي نه، پر انهيءَ جو تعلق هن سوال سان به آهي ته دوزخ ۾ رڳو عام قسم جي باهه جي تَوَ ۾ به ڪهڙي طرح انساني زندگي قائم رکي سگھي ٿي؟ انهيءَ مقصد جي لاءِ سڀ کان ضروري ڳالهه انهيءَ حقيقت جي سڃاڻ ۽ سمجھه حاصل ڪرڻ آهي ته هن دنيا کان ٻاهر به جڏهن حواس خمسه کان مٿاهون نظام قائم ٿي وڃي ته زندگيءَ جو سفر وري ٻي طرح سان جاري رهندو. توانائيءَ جي مخصوص ايڪن (ڪوانٽا) ۽ ذرڙن (ماليڪيولز) جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو قائم رکڻ جي صلاحيت الله تعالىﷻ جي حڪم سان پيدا ٿيندي آهي. خاص ڪري جيئري مخلوق جي معاملي ۾ اهو ڳانڍاپو هڪ اهڙي وقت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو هن مخلوق جي جسماني بناوت ۾ پهريان ئي ترتيب ڏنو ويو آهي. پر انهيءَ ڳانڍاپي کي قائم رکڻ جي لاءِ زندگي سان لاڳاپيل زميني پروگرام ترتيب ڏيڻ ضروري شيءِ نه آهي. يعني هتان کان ٻئي پاسي به زندگي جي وجود جو اهڙي طرح هئڻ ضروري نه آهي. اصل ۾ اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ڪائنات کي اربين سالن تي ٻڌل واڌ ويجھه ۽ پکڙجڻ واري ڪوڊ (فامولا)، انهيءَ عظيم ابتدائي ڌماڪي جي پهرين سيڪنڊ جي ڏهه لکين حصي ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو ويو هو. انهيءَ ڌماڪي جي ڇهين سيڪنڊ تائين ڪائنات جي ويڪر کي پيدا ڪري، ان مان ٺهندڙ ڪهڪشائن کي به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مقرر ۽ متعين ڪري ڇڏيو هو.
ائين دوزخ ۾ انسان مڪمل طور ڪوئلو ٿي ويندو ته جيئن ٻئي ئي پلڪ ۾ هو ٻيهر وجود ۾ اچي وڃي. اهو سلسلو اڻ کٽ طريقي تي سدائين جاري رهندو. اسلام جي عظيم مفڪرن موجب واقعن جي انهيءَ باقاعدي سلسلي جو مقصد اهو هوندو ته انسان مان ان جي خراب ۽ گند ڀريل پاسي کي ڪڍيو وڃي ۽ دوزخ هڪ ليبارٽري وانگر گنهگار ماڻهن کي پاڪ صاف ڪري ڇڏيندو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته الله تعالىﷻ جو نظام ربوبيت، انسان کي، جيڪو ڪائنات جو رستو ڀليل ٻار وانگر آهي، پاڪ ۽ صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ انهيءَ کي سزا به ڏيندو رهندو، بلڪل جيئن هن دنيا ۾ به ان کي سزا ڏئي ٿو.
اِها ئي اُها معنى آهي جيڪا انسان جي ٻارڻ هجڻ واري راز ۾ لڪيل آهي.