موضوع نمبر 18شراب، انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن
”پڇن ٿا ته شراب ۽ جوئا جي باري ۾ ڇا حڪم آهي؟ چوينِ ته انهن ٻنهي شين ۾ وڏي خرابي آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهن جي لاءِ ڪجھه فائدو به آهي، پر انهن جو گناهه (نقصان) انهيءَ فائدي کان گھڻو وڌيڪ آهي.“
دنيا ۾ صحت ۽ صفائيءَ جي مشهور ماهر پروفيسر هرش انهيءَ موضوع تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته ”شراب تي پابندي، جيڪا تهذيب يافته آمريڪا پندرهن سالن ۾ لاڳو نه ڪري سگھيو، اسلام گذريل چوڏهن سالن ۾ ڪاميابيءَ سان لاڳو ڪري رکي آهي. اهڙي طرح اسلام تهذيب، تمدن ۽ انسانيت کي گھڻو اڳي بچائي رکيو آهي.“
قرآن ۾ شراب تي پابندي جو ذڪر ٽن اهم سورتن ۾ آيو آهي، انهن مان موجوده سورت، جيڪا انهيءَموضوع تي ترتيب جي لحاظ کان پهرين سورت آهي، تنهن جي باري ۾ اسان هتي تشريح ڪنداسين. ٻي سورت جيڪا شراب تي پابندي جي باري ۾ آهي، اها سورت النساء جي آيت نمبر 13 آهي. ٽين جاءِ تي پابندي جو حڪم سورت المائده جي آيت نمبر 90 ۽ 91 ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ٿورڙن مفسرن جي راءِ موجب شراب تي پابندي قرآن ۾ آهستي آهستي نافذ ٿي، جڏهن ته ٻين عالمن جو خيال اهو آهي ته اهي ٽئي سورتون بنيادي طور تي هڪ ٻئي کان مختلف نه آهن. جيتوڻيڪ ظاهر ۾ انهن ٽنهي جا بيان جدا جدا محسوس ٿين ٿا، پر حقيقت ۾ اندروني ۽ اصل معنى جي نقطه نظر کان انهن ۾ ڪوبه فرق نه آهي.
مان پاڻ به ٻئي نظريي سان متفق آهيان، ڇو ته شراب جي اجازت يا انهيءَ جي موجودگي کي برداشت ڪرڻ جي ڳالهه انهن ٽنهي سورتن ۾ ڪٿي به موجود نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻي جاءِ تي قرآن مجيد ۾ انهيءَ قسم جي ڪا اجازت ڏني وئي آهي. انهن ٽنهي سورتن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ شراب تي پابندي لڳائي آهي. اڃا به شراب مان پيدا ٿيڻ وارن خطرن کي جدا جدا طريقن سان بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ آيت سڳوري به خاص طور شراب جون خرابيون مادي پاسي کان به بيان ڪري ٿي. جيئن ته اسان هن موقعي تي قرآني آيتن جو سائنسي علم جي تناظر ۾ جائزو وٺي رهيا آهيون، اِن اسان هن آيت جي خاص طور سائنسي نقطه نظر کان تشريح ڪنداسين.
انهيءَ کان اڳ جو انساني صحت تي شراب جي زهريلن اثرن جو پوري طرح سان جائزو وٺون، اسان کي ان جي ڪيميائي جزن جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻ حاصل ڪرڻ گھرجي.
علم ڪيميا جي حساب سان اسان کي اها خبر آهي ته شراب (Alcohol) ڳارڻ يا حل ڪرڻ جي لاءِ، خاص طرح سان چرٻي جي لاءِ، هڪ طاقتور محلول آهي. غذائي اصطلاح ۾ هاڪا حل ڪرڻ واري شيءِ نه، پر ڀڃ ڊاهه جو هڪڙو عمل آهي. ٻين لفظن ۾ بنيادي خوراڪ، يعني کنڊ کي بيڪٽيريا يا جراثيمن جي وسيلي هضم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيڻ واري هيءَ هڪ ڪيميائي ماتحت خوراڪ (By Product) آهي. انهيءَ جي ڪري شراب انساني جسم جي لاءِ هڪ نقصان ڏيندڙ ڪيميڪل مڃيو ويو آهي ۽ انساني جيرو انهيءَ کي يڪدم ٽوڙي ڇڏي ٿو. يعني انهيءَ جي زهريلن اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي. انهيءَ عمل کي ((Detoxified) چوندا آهن. اهڙي طرح شراب جي پڪ سان ڪابه غذائي اهميت نه آهي، جنهن جي دعوى اڪثر ڪري ان جا شوقين ڪندا رهندا آهن. جڏهن اهو جسم ۾ اندر پهچندو آهي ته، ٻي هر قسم جي خوراڪ جي برعڪس، ضابطي کان ٻاهر تيزي سان هضم ٿي ويندو آهي. رڳو اهو هڪڙو ئي فائدو آهي جيڪو هن آيت ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو آهي.
هاڻي اسان شراب جي انساني جسم تي پوندڙ خراب اثرن تي اچون ٿا.
[b]الف – شراب جو هاضمي جي نظام تي اثر
[/b]شراب جي عادي ماڻهن جا ڏند انتهائي تيزيءَ سان خراب ۽ بيڪار ٿي ويندا آهن. وات کان پوءِ نڙي ۽ کاڌي واري نالي (Esophagus) جو وارو اچي ٿو. اهي ٻئي عضوا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهو تمام ڏکيو ڪم ڪن ٿا ۽ انهن تي انتهائي حساس ليپي (Mucous membrance) جو تهه هوندو آهي. شراب جي اثر جي ڪري، انهيءَ حساس تهه تي خراب اثر پوي ٿو، جيڪو ساڙي جو سبب ٿئي ٿو. نتيجي ۾ انهن ٻنهي عضون جي اندر ڪمزوري پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ انهن عضون ۾ ڪينسر جو سبب به شراب ئي ٻڌايو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهي ادارا، جيڪي ڪينسر جهڙي موذي مرض جي خلاف جنگ جوٽيون ويٺا آهن، اهي 1980ع کان وٺي شراب جي خلاف تمام اثرائتا ۽ سنجيده قدم کڻي رهيا آهن.
اها ته سڀني کي خبر آهي ته شراب جي ڪري معدي ۾ خطرناڪ قسمن جون بيماريون جهڙوڪه Gastritis پيدا ٿي پوندي آهي. ڇو جو اها رت ۾ موجود لائيپڊ (Lipid)، جيڪا هڪ خاص قسم جي چرٻي هوندي آهي، شراب جي استعمال سان ڳري ويندي آهي. اها لائيپڊ هڪ طرح سان حفاظي تهه مهيا ڪندي آهي، جنهن تي تيزابيت يعني هائڊرو ڪلورڪ ايسڊ جو نقصان ڏيندڙ اثر نه ٿيندو آهي. انهيءَ تهه جي ڪري معدو پنهنجي خوراڪ کي به هضم نٿو ڪري سگھي. جيتوڻيڪ في الحال اهو پوري طرح ثابت نه ٿيو آهي ته جهڙي طرح شراب نڙي ۽ خوراڪ واري ناليءَ ۾ ڪينسر جو باعث بڻجندو آهي، معدي جي باري ۾ به ائين ئي آهي، پر انهيءَ خيال کي سگھه ملي رهي اهي ته معدي ۾ ڪينسر جو ٿيڻ به شراب جي ڪري ئي ٿئي ٿو.
شراب جو سڀ کان گھڻو اثر وڏي آنڊي (Dodenum) تي ٿيندو آهي. انهيءَ جاءِ تي انتهائي نازڪ ڪيميائي اثر پيدا ٿي پوندا آهن. شراب ان جي انهيءَ خاصيت کي متاثر ڪري ٿو جيڪا خاص طرح سان هاضمي واري رطوبت خارج ڪرڻ جي صلاحيت سان لاڳاپو رکندي آهي ۽ ان جي ڪيميائي حساسيت تي اثر ڪندي آهي. هاضمي جي لاءِ انهيءَ اهم رستي جي تباهي کان پوءِ شراب جيري مان پيدا ٿيڻ واري هاضمي جي رطوبت (Bile) جي اخراج تي به اثر ڪندو آهي. سڀني شراب پيئندڙن جو وڏو آنڊرو ۽ پتي جي جھلي سدائين بيماريءَ جو شڪار هوندا آهن يا وري گھڻو ڪري اهي صحيح نه پيدا ڪندا آهن. اها حالت هڪ شرابيءَ کي گيس ۽ بدهاضمي جي ذريعي مصيبت ۾ وجھي رکندي آهي. معدي جي اها تڪليف آنڊن کي به متاثر ڪندي آهي. اهڙي طرح هاضمي جو نظام، جيڪو ڪمپيوٽر وانگر سهڻي نموني ڪم ڪري ٿو، سو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ هڪ چڱو ڀلو انساني جسم هر انهيءَ شيءِ کي هضم ڪري ويندو آهي جنهن جي ان کي ضرورت هوندي آهي. اهو هاضمي جي نظام کي هڪ خاص قسم جون هدايتون جاري ڪرڻ سان ٿيندو آهي. گھڻو ۽ لڳاتار شراب پيئڻ وارن جي معاملي ۾ اهو ڪنٽرول ختم ٿي ويندو آهي ۽ هضم ڪرڻ وارو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ بنا ڪنهن سڃاڻ جي جاري رهندو آهي، جنهن جو نتيجو ٿولهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڇو جو تمام گھڻو هاضمي جو عمل انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه به نٿو ڪري سگھي ته جيو گھرڙن جي وچ واري جاءِ (Interstices) ۾ چرٻي کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏئي. حقيقت ۾ چرٻي جو اهو تمام گھڻو مقدار دل جي ماس واري نظام ۾ مايو ڪارڊڪ ٽشو (Myocardic Tissue) تي ڇائنجي ويندو آهي، اهڙي طرح دل جون خطرناڪ قسم جون بيماريون ٿي پونديون آهن.
شراب جو سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار اثر جيري تي ٿيندو آهي. انساني جيرو هڪ حساس قسم جي ليبارٽري آهي، جيڪو شراب جي هڪ تمام ننڍي کان ننڍڙي بوند کي به زهر وانگر محسوس ڪندو آهي. جيري تي شراب جو اثر ٻن طريقن سان ٿيندو آهي.
1. شراب پيئڻ جي صورت ۾ جيري جا جيو گھرڙا الڪوحل کي ختم ڪرڻ جي ذميواري ۾ پوري طرح جنبي ويندا آهن. اهڙي طرح اهي پنهنجي ٻين ڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.
جيري جو ڪيميائي عمل جيڪو انتهائي حساس هوندو آهي، شراب جي بنا رنڊڪ واري اثر جي ڪري بگڙجي ويندو آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جيري کي هڪڙو ئي عمل وري وري ورجائڻو پوندو آهي. اهڙي طرح تمام سخت ۽ لڳاتار ضرورت کانسواءِ محنت ۽ ڪشالي جي ڪري جيرو ڪمزور ٿي ويندو آهي.
اهي اثر جيري جي لاءِ خطرناڪ نتيجا پيدا ڪندا آهن. انهن اثرن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور اثر جيري جو سسي وڃڻ (Cyrrhosis) هوندو آهي، جيڪو انهيءَ ڳالهه جو جيئرو جاڳندو ثبوت هوندو آهي ته جيري جي بربادي شروع ٿي وئي آهي. وڌيڪ خطرناڪ امڪانن مان اهو به آهي ته شراب جي استعمال سان هڪ هڪ ڪري جيري جا سڀئي ڪم ناڪام ٿي ويندا آهن.
اهڙن ڪمن ۾ پهريون ڪم اهو آهي جنهن ۾ جيرو انهن جزن کي پيدا ڪندو آهي، جن سان رت جو عمل ظاهر ٿيندو آهي. جيئن ته جيرو انهن جزن کي پيدا نٿو ڪري سگھي يا انهن جي پيداوار ۾ تمام گھڻي کوٽ اچي ويندي آهي، انهيءَ ڪري شراب جا عادي ماڻهو اندروني طرح ڪمزور (Anaemic) هوندا آهن. جيتوڻيڪ انهن جي منهن جي رت وارين نالين جي کلي وڃڻ يا وڌي وڃڻ جي ڪري اهي هشاش بشاش نظر ايندا آهن، پر انهن جي هڏين جي مِک (Bone Marrow) تباهه ٿي چڪي هوندي آهي؛ يعني حقيقت ۾ رت جي پيداوار جو عمل ختم يا بلڪل ئي ڪمزو ٿي چڪو هوندو آهي.
شراب جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن جيرو اوچتو پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيندو آهي، انهيءَ صورتحال ۾ شرابي بيهوش ٿي مري ويندو آهي. اهڙي صورتحال کي جيري جو ڏيوالو نڪرڻ به چيو ويندو آهي. جيري جي باري ۾ اهڙو ڪوبه مثال نٿو ملي جنهن ۾ ان تي شراب جي نقصانن جي اثر جو ثبوت نه ملندو هجي. انهيءَ نڪتي کي مان ان کان وڌيڪ شدت سان بيان نٿو ڪري سگھان.
[b]بي– شراب جو رت جي دؤري واري نظام تي اثر
[/b]رت جي دؤري واري نظام تي شراب ٻن طرحن سان اثر ڪندو آهي. هڪ ته اڻ سڌو جيري تي، جڏهن ته ٻيو دل جي تاندورن تي جن کي ميو ڪارڊڪ ٽشو (Mycocardic Tissue) چوندا آهن. سڌي سنئين اثر جي ذريعي جيري جو رت ۾ چرٻي کي ڳارڻ ۾ سڀ کان اهم ڪم ڪندو آهي، ان ۾ ڪمزوري ۽ خرابي پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ رت کڻي وڃڻ واريون نسون سخت ٿي وينديون آهن، جن کي Arteriosclerosis چوندا آهن. انهيءَ سان رت جي دٻاءَ بلڊ پريشر يا Hypertension جو مرض ٿي پوندو آهي. ٻئي پاسي شراب جي تيزيءَ سان سڙي وڃڻ واري عمل سان رت جي دؤري جي خصوصيت، جنهن کي اسان رت جي دؤري جي رفتار چوندا آهيون، انهيءَ ۾ خرابي پيدا ٿي پوندي آهي. ان جي نتيجي ۾ دل جي ڪم ۾ سستي پيدا ٿي پوندي آهي. وڌيڪ اهو ته شراب جي ڪري دل ۾ چرٻيءَ جا ذرڙا گڏ ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح اعصابي نظام تي به نقصان ڏيندڙ اثرن جي ذريعي دل جي عمل ۾ خلل پئجي ويندو آهي. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هڪ عادي شرابي آخر ڪار يا ته جيري جي ڪم ۾ خلل يعني سيروسس يا هارٽ فيل ٿيڻ جي ڪري مري ويندو آهي.
اهو ماڻهو جيڪو دل جي مرض ۾ مبتلا هجي، انهيءَ جي لاءِ شراب جو هڪڙو ڦڙو واپرائڻ به ائين آهي ڄڻ هو پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي ويٺو آهي ۽ هن کي پنهنجي جسم جي عضون جي ڪنهن به نقصان جي ڪا پرواهه نه آهي.
شراب جي باري ۾ ڪجھه ماڻهن جا اهي خيال به آهن ته ٿوري ۽ مناسب مقدار ۾ شراب پيئڻ سان دل جي گھٻراهٽ ۾ آرام ملي ٿو. اهو ظاهري طرح ته شراب جي فائدن مان هڪ فائدو نظر ايندو آهي، پر سائنسي طور تي انهيءَ خيال جي ڪابه اهميت نه آهي. جيتوڻيڪ طبي لکڻين ۾ انهيءَ قسم جي ڪابه ڳالهه لکيل نه آهي، پر بدقسمتيءَ سان ڪيترائي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي انهيءَ جي برعڪس سوچيندا يا محسوس ڪندا آهن.
انساني بڪيون، جن کي رت جي دؤري واري نظام جي آخري جاءِ سمجھيو ويندو آهي، انهن کي به شراب جي استعمال سان سخت نقصان پهچندو آهي. ڇو ته بڪيون تمام حساس ڪيميائي جوهر جي ميلاپ (Valence) جي جاءِ تي ڇاڻي جو ڪم ڏينديون آهن، پر شراب انهن جي نازڪ عمل کي به هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندو آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته اهو شراب جنهن ۾ الڪوحل جو مقدار گھٽ هوندو آهي، بڪين جي لاءِ ايترو نقصان ڏيندڙ نه هوندو آهي. اهڙي طرح وڌيڪ مقدار ۾ شراب پيئڻ وارن جون بڪيون گھڻو ڪري خراب هونديون آهن.
لمف واري (Lymphatic) نظام جي انساني جسم ۾ تمام گھڻي اهميت آهي. انهيءَ نظام جون رت واريون ناليون شراب واپرائڻ سان تمام وڏو نقصان کڻنديون آهن. ڇاڪاڻ ته چرٻي ٺاهڻ وارن نامياتي مرڪبن لائپڊس (Lipids) جو انهيءَ نظام ۾ تمام گھڻو حصو هوندو آهي. شراب جو نقصان ڏيندڙ اثر، هن حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين حفاظت پهچائڻ واري نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي.
جيڪڏهن الله تعالى، جيئن مختلف آيتن ۾ بيان فرمايو آهي، پنهنجي ڀلائين جي ذريعي انساني زندگيءَ کي حفاظت جي ٻين طريقن سان نه نوازيو هجي ها ته اسان کي وڌيڪ چٽائيءَ سان نظر اچي ها ته شراب ڪيترو نه نقصان ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو.
[b]ٻ – شراب جو اعصابي نظام تي اثر
[/b]شراب اعصابي جيو گھرڙن جي انهيءَ سنهڙي جھلي ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جيڪا نامياتي چرٻيءَ جهڙي مرڪب يعني لپڊس (Lipids) جي حفاظت ۾ هوندي آهي. اهڙي طرح انهيءَ نظام جي بجلي واري رابطي (Electrical Communication) ۾ خلل پيدا ڪندو آهي. اها خرابي ٻن مختلف ذريعن سان ظاهر ٿيندي آهي. ان جو پهريون اثر نشي جي اوچتي حملي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
پر انهيءَ جو گھڻي دير تائين قائم رهڻ وارو اثر تمام خطرناڪ هوندو آهي. شراب اعصابي نظام کي ڏينهون ڏينهن نقصان پهچائيندو آهي جنهن سان قسمين قسمين بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن شروع ۾ شراب جو خراب اثر معمولي يا غير واضح ئي هجي تڏهن به انهيءَ جا خراب اثر شروع کان ئي ظاهر ٿيندا رهندا آهن. اهڙي طرح ڪجھه ماڻهن جون اهي دعوائون ته ”مون کي شراب سان نشو نٿو ٿئي، مون تي شراب جو اثر نٿو ٿئي.“ رڳو ٻاراڻي تسلي ۽ پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر آهي.
شراب جا خراب اثر جواني، خاص ڪري ٻاروتڻ ۾ حد کان وڌيڪ هوندا آهن. عام طور تي ڄاتل سڃاتل بيماريون جهڙوڪه وڦلڻ (Delirium)، رڦڻي (Tremen)، پلائنو راٽس (Plyneurtis) ۽ ڪورساڪوف جون گڏيل علامتون (Korsakof Syndrome) شراب واپرائڻ جي ڪري ئي ظاهر ٿينديون آهن. انهيءَ جو خراب اثر اعصابي نظام جي مرڪز تي لاعلاج حد تائين هوندو آهي. لفظن جو وسري وڃڻ (Amnesia) ۽ هٿن جي ڏڪڻي انهيءَ اعصابي نقصان جون نشانيون هونديون آهن.
شراب، جنهن ۾ چرٻي کي ڳارڻ جي صلاحيت هوندي آهي، پيدائشي جيو گھرڙن (Reproductive Cells) ۾ داخل ٿي، انهن کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندو آهي. ان جي عام سمجھه ۾ ايندڙ مثالن ۾ نئين نسل جي ذهني کوٽ ۽ عيبدار واڌ ويجھه (Dystrophy) شامل آهن. ڳُوڙهن مطالعن ۽ سروي ۾ اها حقيقت ظاهر ٿي آهي ته ذهني طور تي ڏڏ ٻارن جا پيءُ ماءُ گھڻو ڪري تمام گھڻو شراب پيئندڙ هئا. اهو به ڏٺو ويو آهي ته شراب عورت جي بيضي (Ovum) ۽ حياتياتي بيضي (Egg Cell) جي جيو گھرڙي کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندو آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو شراب پيئندڙ مائرن جا ٻار گھڻو ڪري موروثي طور دماغ يا دل جي صدمي (Shock) جو شڪار ٿي ويندا آهن. شراب پيئندڙ پيءُ طرفان اهڙن واقعن جو تعداد ٽيهه فيصد کان وڌيڪ هوندو آهي.
[b]شراب جو سماجي نفسيات تي اثر
[/b]اها حقيقت بار بار ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح شراب معاشرتي لاڳاپن ۽ انهن جي مضبوطيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو. هيٺ مان انهن مان ڪن خاص اثرن جو ذڪر ڪندس.
1. شرابين تي سخت ڪاوڙ جو فوري حملو ٿي پوندو آهي جنهن ڪري اهي معاشري ۾ اڻ ڳڻين جهيڙن جھڳڙن ۾ الجھيل رهندا آهن.
2. اڻ ڳڻيون طلاقون معاشري جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. نتيجي ۾ ڏوهاري سوچ رکندڙ ٻارن جي وڌندڙ تعداد جي ڪري سمورو معاشرو خطرناڪ حد تائين متاثر ٿيندو آهي. طلاقن ۾ لڳاتار واڌارو شراب پيئڻ جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي.
3. مختلف قسم جا ڪم ڪرڻ وارن مزدورن ۽ ڪاريگرن تي شراب جي ڪري ظاهر بي دلي ۽ سستيءَ جو غلبو ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح انهن جي ڪارڪردگي ۽ مهارت تي خراب اثر پوندو آهي، جنهن جو نقصان آخر ڪار معاشري کي پهچندو آهي.
4. شراب جي ڪري انسانن ۾ هڪ ٻئي سان خود غرضي وارا جذبا پيدا ٿيندا آهن، جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو قومي فڪر، معاشرتي ٻڌي ۽ معاشرتي مسئلن جي خلاف جهاد جو جذبو مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو آهي.
مٿي بيان ڪيل چئن ئي قسمن جي مسئلن اولهه جي سماجيات جي ماهرن کي ايترو ته فڪرمند رکيو آهي جو انهن ڪيترائي دفعا پنهنجي حڪومتن جو توجهه انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪايو آهي ته جيڪڏهن اهڙي طرح شراب جو استعمال وڌندو رهيو ته انهن ملڪن ۾ قومي جذبو بلڪل ختم ٿي ويندو.
قرآن ڪريم انهيءَ مسئلي کي پاڙئون پٽي ڇڏيو آهي، جنهن جي لاءِ معاشري ۽ ڪنهن فلاسافر دانشور ۾ ايتري جرئت نه هئي ته اِن مسئلي کي بي ڌڙڪ حل ڪري ها. يعني شراب پيئڻ جو اهو مسئلو انهن معاشرن جي بنيادن کي آهستي آهستي اڏوهيءَ وانگر کائي رهيو آهي، جڏهن ته الله تعالى جي انهيءَ حڪم اسان جي معاشري کي صدين کان انهيءَ مصيبت کان محفوظ رکيو آهي.