مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 7 طرفن جا راز

رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ مَا بَیۡنَہُمَا وَ رَبُّ الۡمَشَارِقِ ؕ﴿۵﴾(الصافات: ٦)
”اهو زمين ۽ آسمانن جو ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي جيڪو زمين ۽ آسمان ۾ آهي ۽ سمورن اوڀرن جو مالڪ آهي.“

سورت الصافت جي شروع وارين آيتن ۾ ڪائنات ، انسان، فضا ۽ ملائڪن جي باري ۾ قرآني نظريا بيان ڪيا ويا آهن. مطالعي هيٺ آيل آيت کي سمجھڻ جي لاءِ پهريان انهيءَ جي ترتيب ۽ تسلسل تي غور ڪرڻ گھرجي. آيت جي منڍ ۾ ئي اعلان ڪيو ويو آهي ته رڳو الله تعالى ئي سڀني جو معبود آهي. آسمانن جو، زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي. اسان جي محدود ڄاڻ مطابق هتي الله تعالى جي ربوبيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. جيئن ته زمين، آسمان ۽ جيڪو ڪجھه انهن جي وچ ۾ آهي، تنهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ته انهيءَ جو مقصد هڪ خاص حقيقت ۽ فضا جي باري ۾ ڄاڻ جو تسلسل بيان ڪرڻ آهي. اِها آيت اِتي ئي ختم نٿي ٿئي، اڃا به هتي هڪ نئين نظريي جو واڌارو ڪيو ويو آهي. جڏهن چيو ويو ته ”اهو (الله) سمورن اوڀرن جو مالڪ آهي.“ اهڙي طرح زمين، آسمان ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ڪجھه آهي، انهيءَ کان سواءِ اسان وٽ هاڻي اوڀرن جو نظريو به آهي. عربيءَ ۾ جمع جو صيغو ٽن يا ان کان وڌيڪ شين جي باري ۾ استعمال ٿيندو آهي. اهڙي طرح الله تعالى گھٽ ۾ گھٽ ٽن اوڀرن يا ان کان وڌيڪ جو مالڪ آهي. هيءَ آيت هڪ قسم جو سائنسي نظريو پيش ڪري رهي آهي. هن آيت تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان اڳ اسان کي سائنس جي بنيادي حقيقتن کي ذهن ۾ آڻڻ گھرجي.
عام طور اسان فضا جو تصور ٽن طرفن (Three Dimensions) ۾ وٺندا آهن. ڪنهن شيءِ جو وجود انهيءَ مان ثابت ٿيندو آهي ته اهو ڪيتري جاءِ والاري ٿو ۽ انهيءَ جي نسبت ڊگھائي، ويڪر ۽ اوچائي سان ڪهڙي آهي ۽ انهيءَ جي جاءِ يا علائقو ڇا آهي.
پر ڇا ڪائنات رڳو انهن ٽن طرفن جي خاص جاءِ تي ئي مشتمل آهي؟ آئنسٽائن جي اضافيت واري نظرئي (Theory of Relativity)، موجب مطلق چرپر جو تعين ناممڪن آهي ۽ وقت جو اندازو به مطلق نه آهي. کان اڳ سائنسدانن جو خيال هو ته ڪائنات ٽن طرفن يا پاسن تي مشتمل آهي پر جڳ مشهور طبعيات جي ماهرن ثابت ڪيو آهي ته حسابن جي ڄاڻ جي بنياد تي ڳڻپ ڪرڻ سان فضا ۾ ٽن کان وڌيڪ پاسا يا طرف ملن ٿا. چئن، پنجن يا اڃا به وڌيڪ تعداد ۾ طرف ٿي سگھن ٿا، جيڪي فضا بابت نظرين ۾ اڃا به واڌارو ڪري سگھن ٿا. آئنسٽائن چواڻي: چوٿون طرف وقت آهي، بلڪل ائين جيئن اوچائي، ويڪر ۽ ڊيگهه جا طرف آهن. اهو (وقت) ٻين طرفن (Dimensions) سان گڏ گڏ موجود آهي. اسان جي ڏسڻ واري حس جيتوڻيڪ رڳو ٽن طرفن جو ادراڪ ڪري سگھي ٿي. اصل ۾ ڪجھه جاندار ته اونهائيءَ واري طرف کي به ڏسي نه سگھندا آهن. مثال طور ڪرڙيون ۽ نانگ پنهنجي اوسي پاسي رڳو ٻن طرفن (Two Dimensions) ۾ ئي ڏسي سگھن ٿا، جيئن ڪو فوٽو يا فلمي ڪارٽون نظر ايندو آهي.
علم طبعيات جي انهيءَ جاءِ تان اسان کي فضائن جو مشاهدو انهن نظرين کان الڳ طريقن سان ڪرڻو پوندو، نه انهيءَ طريقي سان جنهن ۾ اسان پنهنجي اوسي پاسي، فضا ۽ ڪائنات کي ڏسون ٿا. فضائن اندر هڪ خاص طرف ۾ چرپر جي رفتار مختلف هوندي آهي، وقت مختلف هوندو آهي، عمل مختلف هوندو آهي ۽ اهڙي طرح مفهوم ۾ هڪ نقطي تي گڏ ٿيڻ جا طريقا (Convergence) ۽ موٽ (Regression) به مختلف هوندي آهي. انهيءَ ڪري قرآن پاڪ ۾ دنيائن بابت ڄاڻايل نظريو انهن متضاد فضائن جي تشريح ڪري ٿو. آسماني زندگي، جنت، دوزخ ۽ روحن جي زندگي، اهي سڀ انهيءَ ڪائناتي وجود ۽ موجود حقيقتن کي ظاهر ڪندا آهن. کين تصور ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي اصل ڏکيائي هن دنيا ۾ موجود ٽن طرفن (Three Dimensions) واري نظام جي ڪري آهي.
هن سائنسي حقيقت کي سامهون رکندي هاڻي اسين ٻيهر ساڳي آيت ڪريمه جي آخري حصي ڏانهن اچون ٿا. ”اهو الله سڀني اوڀرن جو مالڪ آهي.“ حقيقت هيءَ آهي ته اوڀر هڪ طرف جو بيان آهي جيڪو هڪ ماپ آهي. اها سڃاڻ ان وقت سامهون آئي جڏهن پهريون دفعو سج جي باري ۾ حقيقتون ڳوليون ٿي ويون. جيئن ته لفظ موقعو محل يا طرف (Orientation) به اوڀر جي نسبت سان انهيءَ طرف کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو پهرين ماپ (Dimension) آهي. جيتوڻيڪ قرآن ۾ ٻي جاءِ تي رب المشرقين ۽ رب المغربين جا لفظ استعمال ٿيا آهن، پر هن آيت ڪريمه ۾ رڳو رب المشرقين جو ذڪر آهي، انهيءَ ڪري هن تي تفصيلي سوچ ويچار جي ضرورت آهي.
اصل نقطو هي آهي ته اوڀرن جو ذڪر ڪن طرفن جي سلسلن جي باري ۾ آهي، جيڪو هتان جي موجودات کان، جن کي اسان زمين ۽ آسمان سڏيون ٿا، مختلف آهي. هن آيت جي ذريعي الله تعالى اسان جو ڌيان انهن جهانن ڏانهن ڇڪائي رهيو آهي جن جا طرف ۽ ماڻ ماپا ان جهان کان مختلف ۽ الڳ آهن جنهن کي اسان هن دنيا ۾ ڄاڻون ٿا. هڪ طرح سان الله تعالى اهو چوندي محسوس پيو ٿئي ته ”مان اوڀرن جو پالڻهار آهيان“ ته جيئن هو اڻ کٽ ماپن ۽ مفاصلن کي بيان ڪري، جن جي باري ۾ موجوده دؤر جي طبعيات ويجھڙائيءَ ۾ ئي ڪجھه کوجنائون ڪيون آهن. پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر اوڀر ئي ڇو؟ انهيءَ جو جواب هي آهي ته ماپ جي سڃاڻپ يا تشريح ڪرڻ وقت سڀ کان پهريان اوڀر ئي اچي ٿو، جڏهن ته اولهه ته رڳو اوڀر واري ماپ جي مخالف طرف ۾ هڪ پکيڙ يا واڌارو آهي. اسان اهو به چئي سگھون ٿا ته هيءَ آيت اڻ کٽ قالب يا سانچي ۾ هزارين فضائن ۽ دنيائن جي کليل طرح سان نشاندهي ڪري ٿي.
جيئن ته مان پهريان به چئي چڪو آهيان ته مٿين معنائن کانسواءِ به ڪيتريون ئي معنائون پڻ ٿي سگھن ٿيون. انهن مان آءٌ اهڙين ٻن وڌيڪ معنائن جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو.
”مشارق“ جو لفظ اڻ سڌي معنى ۾ ”پيدائش“ جي مفهوم ۾ به ظاهر ٿيندو آهي جيڪو هڪ مختلف سائنسي حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو. اوڀر، جيڪو سج جي اڀرڻ جو طرف آهي، انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هي اهو پاسو آهي جنهن طرف زمين سج جي چوگرد گهمي ٿي، ته ائين اسان رڳو هڪڙو اوڀر ڏسون ٿا، يا اهو ته هن ڪائنات جي اها هڪڙي ئي حرڪت آهي؟ انهيءَ جو جواب ناڪاري آهي.
جڏهن ته زمين سج جي چوگرد گھمي رهي آهي ته انهيءَ وقت سج به پنهنجن ٻين ستارن سان گڏ ستارن جي ثريا جي چوگرد چڪر ڪاٽي رهيو آهي. ستارن جي اها ثريا وري وڌيڪ عظيم تر ثريا جي مرڪزي مدار جي چوگرد چڪر لڳائي رهي آهي. انهيءَ مفهوم ۾ اسان ٽن مختلف اوڀرن جي ڳالهه ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آهيون.
رب المشرقين ۾ لڪيل اها معنيٰ ڪائنات جي باري ۾ انهن انتهائي دلچسپ حقيقتن کي پوريءَ طرح ثابت ڪري ٿي جتي رب العالمين چوي ٿو ”اسان ڪيترن ئي اوڀرن جا مالڪ آهيون.“ اها حقيقت ته هن آيت مان اولهه اوڀر جو جانشين نه ٿيندو آهي، انهيءَ جي تصديق آهي. اسان ايندڙ آيتن جي تشريح جي سلسلي ۾ ڏسندا سين ته اهڙا ڪيترائي بيان آهن جن ۾ زمين جي گردش جو ذڪر آهي. انهيءَ ڪري ئي اوڀر زمين جي گردش سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي جمع جي صيغي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته زمين جا اهي چڪر ڪيترين ئي مختلف سطحن تي آهن.
جيڪڏهن اسان انهيءَ آيت کي زمين تي طرف جي لحاظ کان ڏسون ته ان جي گولي تي اوڀر هر جاءِ جي نسبت سان مختلف هوندو. ترڪي جو اوڀر مغربي علائقن جي نسبت سان انهن لاءِ اوڀر آهي، جڏهن ته ترڪي جو اهو ئي اوڀر وري ايران جي لاءِ اولهه آهي، ڇو ته اولهه جو نظريو زمين جي گولي جي هر علائقي ۾ مختلف آهي ۽ اهي نظريا اوڀرن جو مجموعي تاثر پيدا ڪن ٿا. اها حقيقت هڪ گولي جي سطح کي، جاميٽري جي حساب سان پيش ڪري ٿي.
اچو، هاڻي هن آيت ڪريمه کي ٻيهر پڙهون ته جيئن سائنس جا مشاهدا وڌيڪ صحيح طور ثابت ٿي سگھن. ”اهو (الله) زمين ۽ آسمانن ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن. اهو سڀني اوڀرن جو مالڪ آهي...“ ڪيترائي آسمان، جن کي اسان ايندڙ آيتن ۾ ڏسنداسين، سي حقيقت ۾ مختلف علائقا آهن، پر اهو ارشاد ”جيڪو زمين ۽ آسمانن جي وچ ۾ آهي“ سو ڪهڙي معنى رکي ٿو؟ اها ته حقيقت آهي ته ٽٽندڙ تارو (شهاب ثاقب)، ستارا، ملائڪ ۽ ڪيتريون ئي اڻ ڄاتل مخلوقات آسمان جي مختلف سطحن تي موجود آهن، پر اهي آهن ڇا؟ جيستائين اسان ٻڌائي سگھون ٿا ته اهي اڻ ڏٺل شعاع آهن جيڪي مادي ۽ توانائي جي جوڙجڪ ۾ بنياد بڻبا آهن. اهي شعاع ڪجھه عرصو اڳ تائين هڪ ئي نالي يعني آسماني شعاع (Cosmic Rays) جي نالي سان ڄاتا ويندا پر اڄڪلهه جي نئين طبعي علم جي لحاظ کان انهن جا مختلف نالا ۽ قسم آهن جن جو تعلق نيوڪليئان (Nucleons)، بيران (Baryons)، ليپٽان (Leptons) ۽ فرميان (Fermions) جي ورڇ جي بنياد تي آهي. اهي سڀئي مادي ۽ توانائي جي زير جوهرن (Subatoms) جو مرڪب هوندا آهن.
”اهو مالڪ آهي انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهن“ انهيءَ ارشاد جي مدد سان الله تعالى سمجھايو آهي ته توانائيءَ جا اهي سڀئي ٽڪرا ۽ شعاع، هڪ پکڙيل مادي نظام جي جوڙجڪ رڳو انهيءَ نقطه نظر سان ڪن ٿا ته اهي سڀئي الله تعالى جي ملڪيت آهن.
جديد فزڪس جي علم جي لحاظ کان اهي سمجھه کان ٻاهر توانائيون ۽ شعاع ڪائنات جي تباهيءَ جو سبب نظر اچن ٿا پر انهيءَ نظريي جي خلاف هيءَ آيت مبارڪه ظاهر ڪري ٿي ته الله تعالى جي نگراني ۾ اهي شيون هڪ عظيم الشان مادي توازن جو سبب آهن.